لوقا 18 - Hindu Sindhi Bibleهڪڙي وڌوا ۽ جج جو مثال 1 يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”هر وقت پرارٿنا ڪندا رهو ۽ همت نہ هارجو.“ انهيءَ لاءِ هن کين هڪڙو مثال ڏنو تہ 2 ”ڪنهن شهر ۾ هڪڙو جج رهندو هو، جنهن کي نہ ايشور جو خوف هو ۽ نہ ماڻهن جي پرواهہ. 3 انهيءَ شهر ۾ هڪڙي وڌوا رهندي هئي، جيڪا بار بار جج کي اچي چوندي هئي تہ ’جوابدار جي خلاف منهنجو انصاف ڪر.‘ 4 جج ڪجھہ وقت تہ هن جي ٻڌي ئي ڪانہ، پر پوءِ دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’جيتوڻيڪ مون کي نہ ايشور جو خوف آهي ۽ نہ ماڻهن جي پرواهہ، 5 تڏهن بہ جيئن تہ هيءَ وڌوا اچي مون کي ڪڪ ٿي ڪري، تنهنڪري ساڻس انصاف ڪندس، نہ تہ هيءَ بار بار اچي مون کي بيزار ڪندي.‘“ 6 پرڀوءَ وڌيڪ چيو تہ ”ٻُڌوَ، هن بيانصاف جج ڇا چيو؟ 7 تہ پوءِ ايشور پنهنجي چونڊيلن سان انصاف نہ ڪندو ڇا، جيڪي رات ڏينهن کيس ٻاڏائين پيا؟ ڇا هو انهن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪندو؟ 8 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هو جلد ئي سندن انصاف ڪندو. پر جڏهن منشپتر ايندو تڏهن هو ماڻهن ۾ اهڙو وشواس الائجي ڏسندو يا نہ.“ فريسيءَ ۽ هڪ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ جو مثال 9 جن ماڻهن کي پنهنجي سچائيءَ تي ناز هو ۽ ٻين کي گھٽ سمجھندا هئا، تن کي يسوع هڪڙو مثال ٻڌايو تہ 10 ”ٻہ شخص هيڪل ۾ پرارٿنا ڪرڻ ويا، هڪڙو فريسي ۽ ٻيو ٽيڪس اُڳاڙيندڙ. 11 فريسي بيهي پنهنجي دل ۾ هيئن پرارٿنا ڪرڻ لڳو تہ ’اي ايشور! آءٌ تنهنجو ٿورائتو آهيان جو آءٌ ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، بيانصاف يا زناڪار نہ آهيان، نہ وري هن ٽيڪس اُڳاڙيندڙ جهڙو آهيان. 12 آءٌ هفتي ۾ ٻہ ڏينهن وِرت ٿو رکان ۽ پنهنجي سڄي ڪمائيءَ جو ڏهون حصو تنهنجي نالي تي ٿو ڏيان.‘ 13 پر ٽيڪس اُڳاڙيندڙ پري بيٺو رهيو ۽ آڪاش ڏانهن اکيون کڻي بہ نہ نهاريائين، بلڪ ڇاتي پٽيندي چوڻ لڳو تہ ’اي ايشور! مون پاپيءَ تي ديا ڪر.‘ 14 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ پهريون نہ، پر هي ٻيو ماڻهو سچار ٿي گھر موٽيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“ ننڍڙن ٻارن جي اهميت ( متي 19:13-15 ، مرقس 10:13-16 ) 15 ڪي ماڻهو پنهنجا ننڍڙا ٻار يسوع وٽ کڻي آيا تہ هو انهن تي هٿ رکي. پر سندس چيلا اهو ڏسي انهن کي ڇينڀڻ لڳا جيڪي ٻار کڻي آيا هئا. 16 تنهن تي يسوع چيلن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ اهڙن جو ئي آهي. 17 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ ايشور جي راڄ کي ٻار وانگر ٿي قبول نہ ڪندو سو ڪڏهن بہ ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“ ايشور جو راڄ ۽ شاهوڪار ماڻهو ( متي 19:16-30 ، مرقس 10:17-31 ) 18 هڪڙي سردار يسوع کان پڇيو تہ ”اي نيڪ گرو! آءٌ ڇا ڪريان جو امر جيون حاصل ڪريان؟“ 19 يسوع چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ ايشور کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آهي. 20 باقي تو کي حڪمن جي تہ سڌ آهي تہ ’زنا نہ ڪر،‘ ’خون نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاهدي نہ ڏي‘ ۽ ’پنهنجي ماتا پتا جو مان ڪر.‘“ 21 هن چيو تہ ”انهن سڀني تي تہ آءٌ ننڍپڻ کان ئي عمل ڪندو ٿو رهان.“ 22 اهو ٻڌي يسوع کيس چيو تہ ”اڃا تو ۾ هڪڙي گھٽتائي آهي. سو وڃ ۽ تو وٽ جيڪي بہ آهي سو سڀ وڪڻي غريبن ۾ ورهائي ڇڏ، تڏهن ايشور وٽ تو کي خزانو ملندو. سو ورهائڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“ 23 اهو ٻڌي هو ڏاڍو غمگين ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو. 24 يسوع ڏٺو تہ هو ڪيتري قدر نہ غمگين ٿي پيو آهي، تڏهن چيائين تہ ”شاهوڪار ماڻهن جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. 25 ياد رکو، اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آهي، پر شاهوڪار ماڻهوءَ جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ اولو آهي.“ 26 ماڻهن جڏهن اهو ٻڌو تڏهن پڇيائون تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“ 27 يسوع وراڻين تہ ”جيڪي ڳالهيون انسان جي وس کان ٻاهر آهن، سي ايشور جي وس ۾ آهن.“ 28 تڏهن پطرس چيس تہ ”ڏسو، اسان تہ اوهان جي پٺيان هلڻ لاءِ پنهنجا گھر گھاٽ بہ ڇڏيا آهن.“ 29 يسوع انهن کي چيو تہ ”هائو، آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جنهن ايشور جي راڄ لاءِ گھر، پتني، ڀائر، ماتا، پتا يا ٻار ڇڏيا آهن، 30 تنهن کي هن انتم زماني ۾ تہ گھڻو وڌيڪ ملندو، بلڪ ايندڙ نئين زماني ۾ امر جيون پڻ ملندس.“ يسوع مسيح جو پنهنجي موت بابت وري ٻڌائڻ ( متي 20:17-19 ، مرقس 10:32-34 ) 31 يسوع پنهنجي ٻارهن چيلن کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ انهن کي چيائين تہ ”ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن هلي رهيا آهيون ۽ منشپتر بابت جيڪي ڳالهيون سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت لکيون ويون آهن، سي سڀيئي اتي پوريون ٿينديون. 32 هو غير قوم وارن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس ٺٺوليون ڪندا، ساڻس جٺيون ڪندا ۽ کيس ٿڪون هڻندا. 33 اهي کيس ڪوڙا هڻندا ۽ قتل ڪري ڇڏيندا، پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ٿي اٿندو.“ 34 انهن ڳالهين مان چيلن کي ڪا هڪڙي ڳالهہ بہ سمجھہ ۾ نہ آئي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون کين چيون ويون، تن جي معنيٰ کانئن ڳجھي رکي ويئي، تنهنڪري اهي سمجھي نہ سگھيا. انڌي فقير کي سڄو ڪرڻ ( متي 20:29-34 ، مرقس 10:46-52 ) 35 پوءِ جيئن يسوع يريحو شهر جي ويجھو اچي رهيو هو تہ رستي تي هڪڙي انڌي ماڻهوءَ ويٺي پنيو. 36 هن ميڙ جي لنگھڻ جو گوڙ ٻڌي پڇيو تہ ”هي ڇا آهي؟“ 37 ماڻهن ٻڌايس تہ ”يسوع ناصري لنگھي رهيو آهي.“ 38 تڏهن هن رڙ ڪري چيو تہ ”اي يسوع، راجا دائود جا اولاد! مون تي ديا ڪريو.“ 39 تنهن تي جيڪي اڳيان پئي هليا تن ڇڙٻ ڏيئي چيس تہ ”ماٺ ڪر.“ پر هو اڃا بہ زور سان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”اي راجا دائود جا اولاد! مون تي ديا ڪريو.“ 40 اهو ٻڌي يسوع بيهي رهيو ۽ ماڻهن کي حڪم ڏنائين تہ ”هن کي مون وٽ وٺي اچو.“ جڏهن هو ويجھو آيو تہ يسوع پڇيس تہ 41 ”تون ڇا ٿو چاهين جيڪو آءٌ تنهنجي لاءِ ڪريان؟“ هن چيو تہ ”اي سوامي! مون کي وري ديد ملي.“ 42 يسوع چيس تہ ”وٺ هيءَ ديد. ڏس، تنهنجي وشواس تو کي سڄو ڪيو آهي.“ 43 تڏهن هو هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ ايشور جي مهما ڪندو يسوع جي پٺيان هلڻ لڳو. اهو ڏسي سڀيئي ماڻهو ايشور جي مهما ڪرڻ لڳا. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society