لوقا 16 - Hindu Sindhi Bibleبيايمان منشيءَ جي هوشياري 1 پوءِ يسوع چيلن کي مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن شاهوڪار وٽ هڪڙو منشي هوندو هو. ڪن ماڻهن شاهوڪار کي ٻڌايو تہ ’منشي تنهنجي دولت اُڏائي ٿو.‘ 2 تنهن تي شاهوڪار منشيءَ کي گھرائي چيو تہ ’تنهنجي باري ۾ آءٌ هي ڇا پيو ٻڌان؟ پنهنجي مُنشيگيريءَ جو سڄو حساب ڪتاب ڏي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي اڳتي پنهنجو منشي رکي ڪين سگھندس.‘ 3 تڏهن منشي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’پوءِ آءٌ ڇا ڪندس؟ ڇاڪاڻ تہ منهنجو مالڪ تہ مون کي مُنشيگيريءَ مان ڪڍي ٿو. ڪوڏر هڻڻ جي تہ مون ۾ طاقت ڪانهي ۽ پنڻ کان بہ مون کي شرم ٿو اچي. 4 سو هاڻي اهڙو ڪم ٿو ڪريان جو جڏهن منهنجي نوڪري ختم ٿئي تہ ماڻهو مون کي پنهنجي گھر ۾ اچڻ ڏين.‘ 5 پوءِ ڇا ڪيائين جو شاهوڪار جي هڪڙي هڪڙي قرضدار کي سڏايائين. پهرئين کان پڇيائين تہ ’منهنجي مالڪ جو تو تي ڪيترو قرض آهي؟‘ 6 هن کيس وراڻيو تہ ’زيتون جي تيل جا چاليهن ليٽرن وارا هڪ سؤ مٽ.‘ منشيءَ چيس تہ ’ويهي پنهنجي رسيد تي جھٽ ۾ پنجاهہ مٽ لکي ڏي.‘ 7 پوءِ ٻئي کان پڇيائين تہ ’تو تي ڪيترو قرض آهي؟‘ هن ورندي ڏني تہ ’هڪ هزار ٻوريون ڪڻڪ.‘ انهيءَ کي بہ چيائين تہ ’پنهنجي رسيد کڻي اٺ سؤ ٻوريون لکي ڏي.‘ 8 اهو ڏسي سندس مالڪ بيايمان منشيءَ جي ساراهہ ڪئي، انهيءَ ڪري جو هن هوشياريءَ کان ڪم ورتو هو. اهڙيءَ ئي طرح هن زماني جا ماڻهو هڪٻئي سان هلت چلت ۾ ايشور جي راڄ جي ماڻهن کان وڌيڪ هوشيار آهن.“ 9 يسوع وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ سنساري دولت سان دوست پيدا ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن اها دولت کُٽي وڃي تڏهن امر گھر ۾ اوهان جي آجيان ڪئي وڃي. 10 جيڪو ٿوري ۾ ايماندار آهي سو گھڻي ۾ بہ ايماندار رهندو ۽ جيڪو ٿوري ۾ بيايمان آهي سو گھڻي ۾ بہ بيايمان ٿيندو. 11 سو جيڪڏهن اوهين هن سنساري دولت ۾ ايماندار نہ آهيو تہ ڪير اوهان تي اعتبار ڪري اوهان کي سچي دولت ڏيندو؟ 12 جيڪڏهن اوهين ٻين جي ملڪيت جي لاءِ ايماندار نہ آهيو تہ ڪير اوهان تي اعتبار ڪري اوهان جي ملڪيت اوهان جي حوالي ڪندو؟ 13 ڪوبہ غلام هڪ ئي وقت ٻن مالڪن جي غلامي ڪري نہ ٿو سگھي. هو هڪڙي سان پريم تہ ٻئي سان نفرت ڪندو، يا هڪڙي سان وفادار رهندو تہ ٻئي کي خسيس ڄاڻيندو. سو اوهين ايشور ۽ دولت ٻنهي جي هڪ ئي وقت غلامي ڪري نہ ٿا سگھو.“ يسوع مسيح جو فريسين کي ڇينڀڻ ( متي 11:12-13 ، 5:31-32 ، مرقس 10:11-12 ) 14 فريسي، جن کي دولت سان پيار هو، سي يسوع جون اهي ڳالهيون ٻڌي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. 15 تڏهن يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين انهن منجھان آهيو جيڪي ماڻهن جي اڳيان پاڻ کي سچار ڏيکارين ٿا، پر ايشور اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو ايشور جي نظر ۾ ڪراهت جهڙو آهي.“ 16 يسوع وڌيڪ چيو تہ ”موسيٰ جو نيم شاستر توڙي سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جا شاستر يوحنا جي وقت تائين لاڳو رهيا. تنهن کان پوءِ ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ٿيڻ لڳو ۽ هر ڪو ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ زور پيو ڏئي. 17 تنهن هوندي بہ ڌرتيءَ ۽ آڪاش جو ٽري وڃڻ آسان آهي، پر نيم شاستر جو هڪڙو نقطو بہ ٽري نہ ٿو سگھي. 18 ڏسو، نيم موجب جيڪو بہ پنهنجي پتنيءَ کي طلاق ڏيئي ڪنهن ٻي ناريءَ سان شادي ٿو ڪري سو زنا ٿو ڪري ۽ جيڪو پتيءَ جي طلاق ڏنل ناريءَ سان شادي ٿو ڪري سو بہ زنا ٿو ڪري.“ لعزر ۽ هڪ شاهوڪار جو مثال 19 يسوع مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن زماني ۾ هڪڙو شاهوڪار ماڻهو هوندو هو، جيڪو تمام عمدا ۽ قيمتي ڪپڙا پهريندو هو ۽ روزانو طرح طرح جا طعام کائي موجون ماڻيندو هو. 20 لعزر نالي ناسورن ورتل هڪ غريب شخص کي ان جي دروازي تي ويهاريو ويندو هو. 21 لعزر چاهيندو هو تہ شاهوڪار ماڻهوءَ جي اوبر وارن ٽڪر ڳڀن سان پيٽ ڀري ڍءُ ڪري، جڏهن تہ ڪتا بہ اچي سندس ناسوري ڦٽ چٽيندا هئا. 22 پوءِ جڏهن اهو غريب ماڻهو مري ويو تہ دوتن کڻي وڃي کيس سُرڳ ۾ ابرهام جي پاسي ۾ ويهاريو. هوڏانهن شاهوڪار ماڻهو بہ مري ويو ۽ کيس دفن ڪيو ويو. 23 هو پاتال ۾ وڃي پيو، جتي هو عذابن ۾ مبتلا هو تہ اکيون کڻي نهاريائين تہ پريان ابرهام نظر آيس جنهن جي ڀر ۾ لعزر هو. 24 تڏهن هن رڙ ڪري چيو تہ ’اي پتا ابرهام! مون تي ديا ڪريو ۽ لعزر کي موڪليو تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منهنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن باهہ جي سخت عذاب ۾ آهيان.‘ 25 پر ابرهام چيس تہ ’پٽ! ياد ڪر، تہ تو کي پنهنجي جيون ۾ سٺيون سٺيون شيون مليل هيون، پر لعزر کي خراب شيون. هاڻي هو هتي مزن ۾ آهي ۽ تون عذاب ۾ آهين. 26 انهيءَ کان علاوہ اوهان ۽ اسان جي وچ ۾ وڏو اوڙاهہ آهي، تنهنڪري جيڪي هتان اوهان ڏانهن وڃڻ گھرن تہ وڃي نہ سگھندا ۽ نہ وري اوهان وٽان ڪو اسان ڏانهن اچي سگھندو.‘ 27 شاهوڪار چيو تہ ’چڱو ڀلا پتا! آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ لعزر کي منهنجي پتا جي گھر ڀائرن ڏانهن موڪليو. 28 جيئن تہ مون کي پنج ڀائر آهن، سو هو انهن کي وڃي تاڪيد ڪري تہ متان اهي بہ هن عذاب واري جاءِ ۾ اچي پون.‘ 29 تنهن تي ابرهام وراڻيس تہ ’انهن وٽ موسيٰ جو نيم شاستر ۽ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جون لکتون تہ موجود آهن، هو اهي ٻڌي سگھن ٿا.‘ 30 پر شاهوڪار چيس تہ ’نہ، پتا ابرهام! جيڪڏهن ڪو مئلن مان انهن وٽ ويندو، تہ اهي توبهہ ڪندا.‘ 31 ابرهام چيس تہ ’جيڪڏهن هو موسيٰ ۽ ٻين سنتن جي لکتن کي نہ ٿا مڃين، تہ پوءِ ڪو مئلن مان بہ جيوت ٿي وڃين تہ انهيءَ جي بہ ڪونہ ٻڌندا.‘“ |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society