Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

يهوداہ 1 - Hindu Sindhi Bible

1 هي خط مون يهوداہ جي طرفان آهي، جيڪو يسوع مسيح جو داس ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهيان. هي انهن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي ايشور پتا جي پيار ۽ يسوع مسيح جي سنڀال هيٺ رهڻ لاءِ سڏيا ويا آهن.

2 شل اوهان تي ديا، شانتي ۽ پيار جھجھي انداز ۾ ٿيندو رهي.


ڪوڙي سکيا ڏيندڙ

3 اي پريميؤ! آءٌ اوهان ڏانهن انهيءَ مڪتيءَ جي باري ۾ لکڻ لاءِ تمام گھڻو سرگرم آهيان، جنهن ۾ اسين سڀ شريڪ آهيون. پر مون پهريائين اهو لکڻ ضروري سمجھيو تہ اوهان کي تاڪيد ڪريان تہ انهيءَ وشواس تي قائم رهڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪريو، جيڪو ايشور هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن کي سونپيو آهي.

4 منهنجي خط لکڻ جو سبب هي آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو لڪي ڇپي اوهان منجھہ گھڙي آيا آهن، جن کي پوِتر شاستر مطابق پراڻي زماني کان پاپي قرار ڏنو ويو آهي. اهي بي‌ڌرمي ماڻهو آهن، جيڪي اسان جي ايشور جي ڪرپا کي بگاڙي پنهنجي شهوت‌پرستيءَ جو بهانو ٿا بڻائين ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ پرڀوءَ، يعني يسوع مسيح جو انڪار ٿا ڪن.

5 جيتوڻيڪ اوهين اڳي ئي پاپي قرار ڏيڻ وارا هي سڀ مثال ڄاڻو ٿا، تنهن هوندي بہ آءٌ اوهان کي ياد ڏيارڻ ٿو چاهيان تہ پرميشور پنهنجي قوم کي مصر ملڪ مان ڪڍي بچائي ورتو، پر پوءِ وري انهن مان ئي جن مٿس وشواس نہ رکيو تن کي تباهہ ڪيائين.

6 اهڙيءَ طرح جن دوتن پنهنجي مليل اختيار واري حيثيت قائم نہ رکندي پنهنجي مقرر جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي ايشور ابناسي زنجيرن سان قيد ڪري فيصلي لاءِ مهان ڏينهن، يعني عدالت واري ڏينهن تائين اونداهيءَ ۾ رکيو آهي.

7 ساڳئي نموني سدوم، عموراہ ۽ انهن جي آس‌پاس جي شهرن وارا انهن دوتن وانگر زناڪاري ۽ حرامڪاريءَ جي پٺيان پئجي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ جي سزا پيا ڀوڳين ۽ اهو ٻين لاءِ ڀوائتو مثال آهي.

8 انهيءَ طرح هي بي‌ڌرمي ماڻهو بہ پنهنجن خوابن جي پٺيان لڳي بدڪاريءَ وارو جيون ٿا گذارين، پرڀوءَ جي اختياريءَ کي ڪين جهڙو ٿا ڄاڻن ۽ آڪاشي هستين جو اپمان ٿا ڪن.

9 اهڙي همت تہ دوتن جي سردار ميڪائيل کي بہ ڪونہ ٿي جو شيطان تي ڦٽ لعنت ڪري، جڏهن موسيٰ جي لاش بابت هن سان بحث ۽ تڪرار پئي ڪيائين. هن شيطان کي رڳو ايترو چيو تہ ”پرميشور تو تي ڦٽڪار ڪري.“

10 پر هي ماڻهو جن ڳالهين کي ڄاڻن ئي نہ ٿا، تن تي ڦٽڪار ٿا ڪن ۽ جن ڳالهين کي هو بي‌عقل جانورن وانگر فطري طور ٿا ڄاڻن، تن جي پٺيان لڳي پاڻ کي تباهہ ٿا ڪن.

11 مصيبت آهي هنن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هي قائن جي واٽ تي ٿا هلن، نفعي جي خاطر بلعام جيان ڀَٽڪي ويا آهن ۽ قورح وانگر بغاوت ڪري برباد ٿا ٿين.

12 هي ماڻهو اوهان جي پريم وارين رسوئيءَ جي گڏجاڻين لاءِ نقصانڪار آهن، جيڪي بنا ڪنهن جي پرواهہ ڪرڻ جي رڳو پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ اوهان سان گڏ کائين پيئن ٿا. اِهي بنا پاڻيءَ وارا ڪڪر آهن، جن کي هوائون کنيو اُڏائينديون وتن. اِهي سرءُ جا سڪل وڻ آهن جيڪي ٻنهي لحاظن کان مئل آهن، يعني بي‌ڦل ۽ پاڙؤن پٽيل آهن.

13 اِهي سمنڊ جون بي‌قابو ڇوليون آهن، جيڪي پنهنجي بي‌شرميءَ جي گَج ٿيون اڇلائين. هو آڪاش جا ڀَٽڪندڙ تارا آهن، جن لاءِ هميشہ گھُگھُہ اونداهي رکي ويئي آهي.

14 حنُوڪ، جيڪو آدم جي ستين پيڙهيءَ مان هو، تنهن بہ انهن ماڻهن جي باري ۾ اڳڪٿي ڪندي چيو هو تہ ”ياد رکو، پرميشور پنهنجي لکين دوتن سان ايندو.

15 هو انهيءَ لاءِ ايندو تہ جيئن سڀني ماڻهن جي عدالت ڪري ۽ انهن سڀني کي پاپي قرار ڏئي، جن بي‌ڌرميءَ جو طريقو اختيار ڪري بي‌ڌرميءَ وارا ڪم ڪيا آهن. هو انهن سڀني سخت ڳالهين لاءِ بہ هنن بي‌ڌرمي پاپين کي ڏوهاري قرار ڏيندو، جيڪي سندس برخلاف ڪيون اٿائون.“

16 اهي ماڻهو ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ، پنهنجين برين خواهشن تي هلندڙ ۽ لٻاڙون هڻندي پنهنجي فائدي لاءِ ٻين جي خوشامند ڪندڙ آهن.


تاڪيد ۽ نصيحتون

17 سو اي پريميؤ! اوهين هنن ڳالهين کي ياد رکو، جيڪي اسان جي پرڀو يسوع مسيح بابت خوشخبري ٻڌائيندڙ سندس سنت اڳي ئي اوهان کي ٻڌائيندا ٿي رهيا تہ

18 ”انتم زماني ۾ ڪي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو هوندا، جيڪي پنهنجين بي‌ڌرميءَ وارين خواهشن جي پٺيان لڳندا.“

19 هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي اوهان منجھہ ڏڦيڙ وجھي رهيا آهن. هي پوِتر آتما کان محروم سنساري سوچ رکندڙ ماڻهو آهن.

20-21 پر اي پريميؤ! جيئن اوهين امر جيون ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ديا جا منتظر رهو ٿا، تيئن پنهنجي نهايت ئي پوِتر وشواس ۾ هڪٻئي کي مضبوط ڪندي ۽ پوِتر آتما جي مدد سان پرارٿنا ڪندي گڏجي پنهنجو پاڻ کي ايشور جي پيار ۾ قائم رکو.

22 وشواسي منڊليءَ ۾ جيڪي ماڻهو وشواس جي باري ۾ شڪ شبهو رکن ٿا، تن تي ديا ڪجو.

23 ڪن کي باهہ جي سزا ۾ پوڻ کان ڇڪي ڪڍي بچائجو، جڏهن تہ ڪن تي ديا ڪجو پر خوف رکندي سندن بڇڙن ڪمن کان پاسو ڪجو، ايتري قدر جو سندن اپوِتر ٿيل ڪپڙن کان بہ نفرت ڪجو.


ايشور جي مهما

24 ايشور، جيڪو اوهان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو، جيڪو پنهنجي شان وَ شوڪت واري شرڻ ۾ بي‌عيب ۽ خوشيءَ سان ڀرپور ڪري بيهاري سگھي ٿو

25 ۽ جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي اسان کي مڪتي ڏئي ٿو، تنهن اڪيلي ايشور کي مهانتا، شڪتي، اختيار ۽ مهما سونهي، جيئن شروعات کان هو، هاڻي آهي ۽ هميشہ تائين هوندو. آمين.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ