Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

يوحنا 8 - Hindu Sindhi Bible


ناريءَ جو زنا جي ڏوهہ ۾ پڪڙجڻ

1 هوڏانهن يسوع نڪري زيتون جي ٽڪر ڏانهن هليو ويو.

2 ٻئي ڏينهن صبح جو سوير هو وري هيڪل ۾ آيو جتي سڀيئي ماڻهو اچي وٽس گڏ ٿيا ۽ هو ويهي کين سکيا ڏيڻ لڳو.

3 تڏهن نيم شاسترين ۽ فريسين هڪڙي ناريءَ کي آندو جنهن کي زنا جي ڏوهہ ۾ پڪڙيو ويو هو، تنهن کي اڳيان بيهاري

4 يسوع کي چيائون تہ ”اي گرو! هيءَ ناري زنا جي ڏوهہ ۾ پڪڙي ويئي آهي.

5 نيم ۾ موسيٰ اسان کي حڪم ڏنو آهي تہ اهڙين نارين کي سنگسار ڪري ڇڏيون. هاڻي تون هن بابت ڇا ٿو چوين؟“

6 انهن کيس ڦاسائڻ لاءِ ائين چيو تہ جيئن مٿس تهمت هڻڻ جو سبب ملين. پر يسوع نِوڙي زمين تي پنهنجي آڱر سان لکڻ لڳو.

7 جڏهن هو کانئس بار بار پڇندا رهيا، تڏهن هن ڪنڌ مٿي ڪري چين تہ ”اوهان مان جنهن ڪڏهن بہ ڪو پاپ نہ ڪيو هجي، سو پهريائين هن ناريءَ کي پٿر هڻي.“

8 پوءِ هو وري نِوڙي زمين تي پنهنجي آڱر سان لکڻ لڳو.

9 جڏهن نيم شاسترين ۽ فريسين اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن انهن مان پهريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا هڪڙو هڪڙو ٿي هليا ويا. پوءِ رڳو يسوع وڃي رهيو ۽ اها ناري بيٺي رهي.

10 يسوع ڪنڌ مٿي ڪري انهيءَ ناريءَ کي چيو تہ ”اي مائي! اهي ڪيڏانهن ويا؟ ڇا هتي ڪوبہ ڪونہ آهي جو تو کي پاپي قرار ڏئي؟“

11 انهيءَ ناريءَ وراڻيو تہ ”سوامي! نہ، ڪوبہ ڪونهي.“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”چڱو آءٌ بہ تو کي پاپي نہ ٿو قرار ڏيان. سو وڃ، پر وري پاپ نہ ڪجانءِ.“


يسوع مسيح جي شاهدي سچي آهي

12 ٻئي دفعي يسوع فريسين سان ڳالهائيندي چيو تہ ”آءٌ سنسار جي روشني آهيان. جيڪو بہ منهنجي پيروي ڪندو، تنهن کي جيون جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏهن بہ اونداهيءَ ۾ نہ گھمندو.“

13 تنهن تي فريسين کيس چيو تہ ”تون پنهنجي شاهدي پاڻ ئي ٿو ڏئين، سو تنهنجي شاهدي سچي نہ سمجھي ويندي.“

14 يسوع کين وراڻيو تہ ”جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي شاهدي پاڻ ٿو ڏيان، تہ بہ منهنجي شاهدي سچي آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ ڪٿان آيو آهيان ۽ ڪيڏانهن وڃان ٿو. پر اوهين اها ڳالهہ نہ ٿا ڄاڻو.

15 اوهين رڳو انساني طرح فيصلو ڪريو ٿا، پر آءٌ ڪنهن جو بہ فيصلو نہ ٿو ڪريان.

16 جيڪڏهن آءٌ فيصلو ڪريان بہ تہ منهنجو فيصلو سچو هوندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اڪيلو اهو ڪم نہ ٿو ڪريان پر منهنجو پتا، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو بہ مون ساڻ آهي.

17 اوهان جي پنهنجي ئي نيم شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’فيصلي جي ثابتيءَ لاءِ ڪن بہ ٻن شخصن جي شاهدي ضروري آهي.‘

18 سو هڪڙو تہ آءٌ آهيان جو پاڻ پنهنجي شاهدي ٿو ڏيان ۽ ٻيو پتا، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو بہ مون بابت شاهدي ٿو ڏئي.“

19 تنهن تي انهن پڇيس تہ ”تنهنجو پتا ڪٿي آهي؟“ يسوع کين وراڻيو تہ ”اوهين نہ مون کي سڃاڻو ٿا، نڪي منهنجي پتا کي. جيڪڏهن اوهين مون کي سڃاڻو ها تہ منهنجي پتا کي بہ سڃاڻو ها.“

20 يسوع اهي ڳالهيون ان وقت چيون جنهن وقت هو هيڪل ۾ دان وارين پيتين وٽ سکيا ڏيئي رهيو هو. اتي کيس ڪنهن بہ نہ پڪڙيو، ڇاڪاڻ تہ اڃا سندس وقت نہ آيو هو.


آءٌ اهو ئي آهيان

21 يسوع وري يهودي اڳواڻن کي چيو تہ ”آءٌ هليو ويندس ۽ اوهين مون کي ڳوليندا. پر جتي آءٌ ويندس اتي اوهين اچي نہ سگھندا، بلڪ پنهنجن پاپن ۾ مرندا.“

22 تنهن تي اهي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”هي چوي ڇا ٿو تہ ’جتي آءٌ ويندس اتي اوهين اچي نہ سگھندا؟‘ انهيءَ جي معنيٰ تہ هو پنهنجو پاڻ کي ماريندو ڇا؟“

23 يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين هيٺ جا آهيو، پر آءٌ مٿان آيو آهيان. هائو، اوهين هن سنسار جا آهيو، پر آءٌ هن سنسار جو نہ آهيان.

24 اهو ئي سبب آهي جو مون اوهان کي چيو تہ اوهين پنهنجن پاپن ۾ مرندا. جيڪڏهن اوهين اها ڳالهہ قبول نہ ڪندا تہ آءٌ اهو ئي آهيان، تہ پوءِ اوهين ضرور پنهنجن پاپن ۾ مرندا.“

25 تنهن تي انهن پڇيس تہ ”تون ڪير ’اهو ئي‘ آهين؟“ يسوع وراڻيو تہ ”آءٌ اهو ئي آهيان، جيئن شروعات کان وٺي اوهان کي چوندو آيو آهيان.

26 مون وٽ اوهان بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جن مان اوهين ڏوهاري ثابت ٿيندا. پر آءٌ رڳو اهي ئي ڳالهيون سنسار کي ٻڌايان ٿو، جيڪي مون انهيءَ کان ٻڌيون آهن جنهن مون کي موڪليو آهي ۽ اهو سچو آهي.“

27 انهن اهو نہ سمجھيو تہ هو ساڻن پتا بابت ڳالهائي رهيو آهي.

28 سو يسوع کين چيو تہ ”جڏهن اوهين منش‌پتر کي مٿي چاڙهيندا، تڏهن اوهان کي سڌ پوندي تہ آءٌ اهو ئي آهيان. آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اهو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پتا مون کي سيکاريو آهي.

29 جنهن مون کي موڪليو آهي سو مون ساڻ آهي. هن مون کي اڪيلو نہ ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هميشہ اهي ڪم ڪريان ٿو جيڪي کيس پسند آهن.“

30 تنهن تي ڪيترن ئي ماڻهن يسوع جون هي ڳالهيون ٻڌي مٿس وشواس آندو.


ابرهام جو نہ، پر شيطان جو اولاد

31 پوءِ جن يهودين مٿس وشواس آندو هو، يسوع تن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين منهنجي ڳالهين تي قائم رهندا تہ اوهين سچ پچ منهنجا چيلا آهيو.

32 پوءِ اوهان کي سچ جي ڄاڻ پوندي ۽ اهو سچ اوهان کي آزاد ڪندو.“

33 تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”اسين ابرهام جو اولاد آهيون ۽ ڪڏهن بہ ڪنهن جا غلام نہ ٿيا آهيون، تہ پوءِ تنهنجي انهيءَ چوڻ جو مقصد ڇا آهي تہ ’اوهين آزاد ٿيندا‘؟“

34 يسوع انهن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ پاپ ٿو ڪري سو پاپ جو غلام آهي.

35 ڪنهن بہ خاندان ۾ غلام تہ عارضي طور رهي ٿو، پر پٽ هميشہ تائين.

36 تنهنڪري جيڪڏهن پٽ اوهان کي آزاد ڪندو تہ اوهين سچ پچ آزاد ٿيندا.

37 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ابرهام جو اولاد آهيو. پوءِ بہ اوهين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي ڳالهين کي دل ۾ جاءِ نہ ٿا ڏيو.

38 آءٌ اوهان کي اهو ٻڌايان ٿو جيڪي مون پتا وٽ ڏٺو آهي، پر اوهين اهي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوهان پنهنجي پتا کان ٻڌا آهن.“

39 تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”اسان جو پتا تہ ابرهام آهي.“ يسوع چين تہ ”جيڪڏهن اوهين ابرهام جو اولاد هجو ها تہ اوهين بہ انهيءَ جهڙا ڪم ڪريو ها.

40 پر مون، جنهن اوهان کي اها سچائي ٻڌائي آهي جيڪا ايشور کان ٻڌي اٿم، تنهن کي اوهين مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا. ابرهام تہ اهڙو ڪم ڪونہ ڪيو هو.

41 اوهين اهي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوهان جي پتا ڪيا آهن.“ تڏهن انهن وراڻيو تہ ”اسين ناجائز اولاد آهيون ڇا؟ اسان جو پتا تہ هڪڙو ئي آهي، يعني ايشور.“

42 يسوع انهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن ايشور اوهان جو پتا هجي ها تہ اوهين مون سان پيار ڪريو ها، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ايشور وٽان آيو آهيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آهيان پر هن مون کي موڪليو آهي.

43 اوهين منهنجو ڳالهائڻ ڇو نہ ٿا سمجھو؟ اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ اوهين منهنجي ڳالهين کي ٻڌي نہ ٿا سگھو.

44 اوهين پنهنجي پتا شيطان جو اولاد آهيو ۽ پنهنجي پتا جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. هو تہ شروعات کان وٺي خوني آهي ۽ ڪڏهن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو اٿائين، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ سچ آهي ئي ڪين. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي تہ پنهنجي فطرت موجب ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو ڪوڙو آهي، بلڪ ڪوڙ جو باني آهي.

45 تنهنڪري ئي اوهين مون تي يقين نہ ٿا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سچائي ٻڌايان ٿو.

46 اوهان مان ڪو اهڙو آهي جيڪو ثابت ڪري تہ مون ڪو پاپ ڪيو آهي؟ جيڪڏهن آءٌ سچائي ٻڌايان ٿو تہ پوءِ اوهين مون تي ڇو نہ ٿا يقين ڪريو؟

47 جيڪو بہ ايشور جو آهي سو ايشور جون ڳالهيون ٻڌي ٿو. پر اوهين انهيءَ ڪري نہ ٿا ٻڌو جو اوهين ايشور جا نہ آهيو.“


يسوع مسيح ۽ ابرهام

48 تڏهن انهن يهودين يسوع کي چيو تہ ”ڇا اسين سچ نہ چئي رهيا هئاسين تہ تون سامرين وانگر ڪافر آهين ۽ تو ۾ ڀوت آهي؟“

49 يسوع وراڻيو تہ ”مون ۾ ڀوت ڪونهي. جڏهن تہ آءٌ جيڪو پنهنجي پتا جو مان مٿاهون ٿو ڪريان، تنهن جو اوهين اپمان ٿا ڪريو.

50 آءٌ خود پنهنجو مان نہ ٿو چاهيان، پر هڪڙو آهي جيڪو چاهي ٿو تہ منهنجو مان ٿئي ۽ اهو منهنجي حق ۾ فيصلو ڏئي ٿو.

51 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي ڳالهين تي عمل ڪري ٿو سو ڪڏهن بہ نہ مرندو.“

52 تنهن تي انهن يهودين کيس چيو تہ ”هاڻي اسان کي پڪ ٿي تہ تو ۾ ڀوت آهي. ابرهام مري ويو ۽ سنديش ڏيندڙ سنت بہ مري ويا، تہ بہ تون چوين ٿو تہ ’جيڪو منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو سو ڪڏهن بہ نہ مرندو.‘

53 اسان جو پتا ابرهام جيڪو مري ويو تنهن کان بہ تون وڏو آهين ڇا؟ سنديش ڏيندڙ سنت بہ مري ويا. تون پاڻ کي ڇا ٿو سمجھين؟“

54 يسوع وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ پنهنجي مهما ڪريان تہ منهنجي مهما ڪا معنيٰ نہ ٿي رکي. پر جيڪو منهنجي مهما ڪري ٿو سو منهنجو پتا آهي، جنهن بابت اوهين چئو ٿا تہ ’اهو اسان جو ايشور آهي.‘

55 تڏهن بہ اوهان هن کي ڪونہ ڄاتو آهي، پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو. جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ هن کي نہ ٿو ڄاڻان تہ آءٌ بہ اوهان جهڙو ڪوڙو ٿيندس. پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو ۽ سندس ڳالهين تي عمل ڪريان ٿو.

56 اوهان جي پتا ابرهام کي اميد هئي تہ هو منهنجي اچڻ جو ڏينهن ڏسندو، سو هو ڏاڍو خوش هو. پوءِ هن اهو ڏينهن ڏٺو ۽ بيحد خوش ٿيو.“

57 تنهن تي انهن چيس تہ ”تون پنجاهہ سالن جو بہ ڪين آهين، پوءِ تو ڪيئن ابرهام کي ڏٺو؟“

58 يسوع وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ابرهام جي جنم کان بہ اڳي آءٌ آهيان.“

59 تنهن تي انهن يسوع کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پٿر کنيا، پر يسوع پاڻ کي کڻي لڪايو ۽ هيڪل مان نڪري هليو ويو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ