Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

يوحنا 7 - Hindu Sindhi Bible


يسوع مسيح ۽ سندس ڀائر

1 ان کان پوءِ يسوع گليل علائقي ۾ پئي گھميو. هو يهوديہ ۾ وڃڻ نہ پيو چاهي، ڇاڪاڻ تہ اتي يهودي اڳواڻ کيس مارڻ لاءِ وجھہ ڳولي رهيا هئا.

2 پوءِ جڏهن يهودين جو تنبن وارو تهوار ويجھو آيو،

3 تڏهن سندس ڀائرن کيس چيو تہ ”هتان نڪري يهوديہ ڏانهن وڃ، تہ جيئن تنهنجا پوئلڳ بہ هي ڪم ڏسن جيڪي تون ڪري رهيو آهين.

4 ڏس، اهڙو ڪوبہ نہ آهي جيڪو مشهور ٿيڻ چاهي پر لڪي ڪم ڪري. سو جيڪڏهن تو کي اهي ڪم ڪرڻا ئي آهن تہ پوءِ پنهنجو پاڻ کي سنسار تي کُليءَ طرح ظاهر ڪر.“

5 سندس ڀائرن اهو انهيءَ ڪري چيس جو هنن جو بہ مٿس وشواس نہ هو.

6 تنهن تي يسوع کين چيو تہ ”منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي، پر اوهان جو وقت تہ سدائين آهي.

7 سنسار اوهان کان نفرت ڪري نہ ٿو سگھي پر اهو مون کان نفرت ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن کي ٻڌائيندو رهيو آهيان تہ هن جا ڪم بڇڙا آهن.

8 اوهين ڀلي تهوار تي وڃو. آءٌ هن تهوار تي نہ ٿو وڃان، ڇاڪاڻ تہ منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي.“

9 اهي ڳالهيون چوڻ کان پوءِ هو اتي گليل ۾ ئي رهي پيو.


يسوع مسيح جو تنبن واري تهوار تي وڃڻ

10 ان کان پوءِ يسوع جا ڀائر تهوار تي يروشلم ويا. هو پاڻ بہ تهوار تي ويو پر کُليو کُلايو نہ، بلڪ لڪي ڇپي.

11 جڏهن تہ يهودي اڳواڻ تهوار تي کيس ڳولڻ لڳا ۽ پڇيائون پئي تہ ”يسوع ڪٿي آهي؟“

12 ماڻهن ۾ يسوع بابت ڏاڍي سُس پُس پئي ٿي. ڪن پئي چيو تہ ”هو نيڪ ماڻهو آهي.“ پر ٻين پئي چيو تہ ”نہ، هو ماڻهن کي ڀَٽڪائي رهيو آهي.“

13 پر هن بابت ڪوبہ کُليو کُلايو نہ پيو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو يهودي اڳواڻن کان ڊڄن پيا.

14 جڏهن تهوار جا اڌ جيترا ڏينهن گذريا تہ يسوع هيڪل ۾ اچي سکيا ڏيڻ لڳو.

15 تنهن تي يهودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”هن ماڻهوءَ تہ ڪڏهن سکيا ئي نہ ورتي آهي، پوءِ وٽس ايڏي ڄاڻ ڪٿان آئي؟“

16 يسوع وراڻيو تہ ”جيڪا سکيا آءٌ ڏيئي رهيو آهيان سا منهنجي نہ، بلڪ انهيءَ جي آهي، جنهن مون کي موڪليو آهي.

17 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايشور جي مرضيءَ موجب هلڻ چاهي ٿو تہ هو انهيءَ سکيا بابت ڄاڻي وٺندو تہ اها ايشور وٽان آهي يا آءٌ پنهنجي طرفان ٿو ڏيان.

18 جيڪو ماڻهو پنهنجي طرفان ڪجھہ چوندو آهي سو چاهيندو آهي تہ سندس ئي مان ٿئي. پر جيڪو چاهي ٿو تہ سندس موڪليندڙ جو مان ٿئي سو ئي سچو آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ ٺڳي ڪانہ آهي.

19 ڇا موسيٰ اوهان کي نيم نہ ڏنو هو؟ تڏهن بہ اوهان مان ڪو انهيءَ نيم تي عمل نہ ٿو ڪري. اوهين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“

20 تنهن تي ماڻهن وراڻيس تہ ”تو ۾ تہ ڀوت آهي. ڪير تو کي مارڻ جي ڪوشش ۾ آهي؟“

21 يسوع چين تہ ”مون سبت جي ڏينهن تي هڪڙو ڪم ڪيو هو تہ اوهين سڀ انهيءَ تي حيران ٿي ويا هئا.

22 ڏسو، موسيٰ اوهان کي ختنو ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن تہ اهو حڪم موسيٰ جي دور کان نہ، بلڪ اسان جي ابن ڏاڏن جي وقت کان وٺي آهي ۽ انهيءَ حڪم جي ڪري اوهين سبت جي ڏينهن تي بہ پنهنجن پٽن جو ختنو ڪرائيندا آهيو.

23 هاڻ جيڪڏهن سبت جي ڏينهن تي ڪنهن ڇوڪري جي ختني ڪرائڻ ڪري موسيٰ جي نيم جي ڀڃڪڙي نہ ٿي ٿئي، تہ پوءِ اوهين مون تي ڇو ڪاوڙيا آهيو جو مون هڪڙي ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن تي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي؟

24 ظاهري ڳالهيون ڏسي فيصلو نہ ڪريو، پر انصاف سان فيصلو ڪريو.“


ڇا يسوع سچ پچ مسيح آهي؟

25 انهيءَ مهل يروشلم جا ڪي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”ڇا هي اهو ماڻهو تہ نہ آهي جنهن کي اڳواڻ مارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن؟

26 ڏسو، هو تہ کُلي‌عام ڳالهائي رهيو آهي، پر ڪوبہ کيس ڪجھہ نہ ٿو چوي. ڇا هاڻي اهي سچ پچ اهو سمجھن ٿا تہ اهو ئي مسيح آهي؟

27 پر اسين ڄاڻون ٿا تہ جڏهن مسيح ايندو تہ ڪنهن کي بہ سڌ نہ پوندي تہ هو ڪٿان آيو آهي، جڏهن تہ اسان سڀني کي سڌ آهي تہ هي شخص ڪٿان آيو آهي.“

28 تڏهن يسوع هيڪل ۾ سکيا ڏيندي وڏي واڪي چيو تہ ”ٺيڪ آهي، اوهين مون کي سڃاڻو ٿا ۽ اها بہ سڌ اٿوَ تہ آءٌ ڪٿان جو آهيان. پر هتي آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان نہ آيو آهيان، بلڪ انهيءَ وٽان موڪليو ويو آهيان جيڪو سچو آهي. اوهين انهيءَ کي نہ ٿا سڃاڻو،

29 جڏهن تہ آءٌ کيس ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ وٽانئس آيو آهيان ۽ هن ئي مون کي موڪليو آهي.“

30 تنهن تي ڪن ماڻهن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪوبہ کيس پڪڙي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن جو وقت اڃا ڪونہ آيو هو.

31 اتي موجود ماڻهن مان ڪيترا ئي مٿس وشواس آڻيندي چوڻ لڳا تہ ”اهو ئي مسيح آهي، ڇاڪاڻ تہ هن کان وڌيڪ چمتڪار ٻيو ڪو ڪري سگھندو ڇا؟“


يسوع مسيح کي پڪڙڻ لاءِ پهريدار موڪلڻ

32 يسوع بابت ماڻهن جي اها سُس پُس جڏهن فريسين ٻڌي تڏهن انهن ۽ سردار ڪاهنن گڏجي هيڪل جي ڪن پهريدارن کي موڪليو تہ جيئن هو کيس پڪڙين.

33 تنهن تي يسوع چيو تہ ”آءٌ اوهان سان اڃا ٿورو وقت رهندس ۽ پوءِ انهيءَ ڏانهن موٽي ويندس جنهن مون کي موڪليو آهي.

34 اوهين مون کي ڳوليندا پر لهي ڪين سگھندا، ڇاڪاڻ تہ جتي آءٌ هوندس اتي اوهين اچي نہ سگھندا.“

35 تڏهن يهودي اڳواڻ هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هو ڪيڏانهن ويندو جو اسين کيس لهي نہ سگھنداسين؟ ڇا هو غير يهودين جي ڪنهن ملڪ ڏانهن ويندو، جتي اسان جا يهودي ٽڙيل پکڙيل آهن ۽ اتي هو غير يهودين کي سکيا ڏيندو؟

36 ڀلا انهن ڳالهين جو مطلب ڇا آهي جو هو چوي ٿو تہ ’اوهين مون کي ڳوليندا، پر لهي نہ سگھندا‘ يا وري ’اوهين اتي اچي نہ سگھندا جتي آءٌ هوندس‘؟“


جيون ڏيندڙ پاڻيءَ جون نديون

37 پوءِ تنبن واري تهوار جو انتم ڏينهن، جيڪو خاص ڏينهن آهي، تنهن ڏينهن تي يسوع اُٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان چيائين تہ ”جيڪو بہ اڃايل آهي، سو ڀلي مون وٽ اچي پيئي.

38 هائو، جيڪو بہ مون تي وشواس رکي ٿو، تنهن بابت پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’انهيءَ جي اندر مان جيون ڏيندڙ پاڻيءَ جون نديون وهنديون رهنديون.‘“

39 هن اها ڳالهہ پوِتر آتما بابت ٿي ڪئي، جيڪا انهن ماڻهن کي ملڻي هئي جن مٿس وشواس آندو هو. پر انهن کي پوِتر آتما اڃا نہ ملي هئي، ڇاڪاڻ تہ يسوع کي اڃا سربلند نہ ڪيو ويو هو.


ماڻهن ۾ ڦوٽ

40 ميڙ مان ڪيترن ئي ماڻهن سندس اهي ڳالهيون ٻڌي چيو تہ ”سچ پچ هي ماڻهو ئي ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو سنت آهي، جيڪو اچڻو آهي.“

41 ڪن وري چيو تہ ”هو مسيح آهي.“ پر ڪي چوڻ لڳا تہ ”مسيح ڪو گليل مان ايندو ڇا؟

42 ڇا پوِتر شاستر نہ ٿو چوي تہ مسيح راجا دائود جي پيڙهي مان هوندو ۽ بيت‌لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندو، جتي دائود پيدا ٿيو هو؟“

43 سو ماڻهن ۾ يسوع جي ڪري ڦوٽ پئجي ويئي.

44 انهن مان ڪي ماڻهو کيس پڪڙڻ پيا چاهين، پر ڪنهن بہ هن ۾ هٿ نہ وڌو.


يهودي اڳواڻن جو يسوع کي نہ قبولڻ

45 جڏهن پهريدار موٽي آيا تہ سردار ڪاهنن ۽ فريسين کانئن پڇيو تہ ”اوهين يسوع کي ڇو نہ وٺي آيا؟“

46 پهريدارن جواب ڏنو تہ ”ڪنهن بہ انسان اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪونہ ڳالهايو آهي، جهڙيءَ طرح هي شخص ٿو ڳالهائي.“

47 تنهن تي فريسين کين چيو تہ ”اوهين بہ ڀَٽڪي ويا آهيو ڇا؟

48 ڇا يهودي اڳواڻن ۽ اسان فريسين مان ڪنهن بہ مٿس وشواس آندو آهي؟

49 پر هي عوام جنهن کي موسيٰ جي نيم جي سڌ ئي نہ آهي، سو تہ ايشور جو پٽيل آهي.“

50 تڏهن نيڪديمس، جيڪو يهودي اڳواڻن مان هڪڙو هو ۽ اڳي يسوع سان ملڻ آيو هو، تنهن چين تہ

51 ”نيم موجب اسين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي ڏوهاري قرار ڏيئي نہ ٿا سگھون، جيستائين اسين پاڻ سندس ڳالهيون ٻڌون ۽ سڌ پوي تہ هو ڇا ٿو ڪري.“

52 انهن جواب ڏنس تہ ”تون بہ گليلي آهين ڇا؟ پوِتر شاستر پڙهي ڏس تہ تو کي سڌ پوي تہ ڪٿي بہ اهو لکيل ناهي تہ گليل مان ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪوبہ سنت پيدا ٿيندو.“

53 پوءِ هر ڪو پنهنجي پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ