Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

يوحنا 6 - Hindu Sindhi Bible


پنجن هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي کارائڻ
( متي 14‏:13‏-21 ، مرقس 6‏:30‏-44 ، لوقا 9‏:10‏-17 )

1 هڪ دفعي جڏهن يسوع گليل ڍنڍ يعني تبرياس ڍنڍ جي هُن ڀر روانو ٿيو،

2 تڏهن هڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان هلڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هنن اهي چمتڪار ڏٺا هئا جن ۾ هن ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو.

3-4 انهن ڏينهن ۾ يهودين جي فصح جو تهوار ويجھو هو. اتي يسوع پنهنجي چيلن سان گڏ هڪڙي ٽڪريءَ تي چڙهي وڃي ويٺو.

5 تڏهن هن نهاري ڏٺو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏانهس اچي رهيو آهي. سو فلپس کي چيائين تہ ”اسين هيترن ماڻهن کي کارائڻ لاءِ ايترو کاڌو ڪٿان آڻينداسون؟“

6 هن اهو رڳو فلپس کي آزمائڻ لاءِ چيو، پر اڳي ئي سوچي ڇڏيو هئائين تہ ڇا ڪرڻو آهي.

7 تنهن تي فلپس وراڻيس تہ ”جيڪڏهن هر هڪ کي ٽڪر ڳڀو ئي ڏجي، تہ بہ انهن لاءِ ٻہ سؤ چانديءَ جي سڪن جون روٽيون پوريون نہ پونديون.“

8 پوءِ اندرياس نالي هڪ ٻئي چيلي، جيڪو شمعون پطرس جو ڀاءُ هو تنهن چيو تہ

9 ”هتي هڪ ڇوڪرو آهي، جنهن کي جَوَن جون پنج روٽيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن. پر ڇا اهي هنن سڀني ماڻهن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“

10 تڏهن يسوع انهن کي چيو تہ ”ماڻهن کي هيٺ ويهاريو.“ جيئن تہ اتي گھڻو گاهہ هو، سو سڀيئي ماڻهو هيٺ ويهي رهيا. انهن ۾ اٽڪل پنج هزار مرد هئا.

11 پوءِ يسوع اهي روٽيون کڻي ايشور جو شڪر ادا ڪيو ۽ ويٺل ماڻهن ۾ ورهايائين. هن مڇي بہ ائين ئي ورهائي ۽ سڀني ماڻهن کي ايترو مليو جيترو کين کپندو هو.

12 جڏهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏهن يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”بچيل ٽڪر ڳڀا ميڙي گڏ ڪريو، تہ جيئن ذرو بہ زيان نہ ٿئي.“

13 سو انهن اهي سڀيئي کڻي گڏ ڪيا، تہ جَوَن جي پنجن روٽين جا ٽڪر ڳڀا، جيڪي کائڻ وارن بچايا هئا سي ايترا تہ ٿيا جو ٻارهن کاريون ڀرجي ويون.

14 يسوع جو اهو چمتڪار ڏسي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”سچ پچ هي ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو سنت آهي، جيڪو هن سنسار ۾ اچڻو آهي.“

15 پوءِ يسوع ڏٺو تہ ”هنن جو مطلب آهي تہ مون کي جھلي زوريءَ پنهنجو راجا بڻائين.“ تنهنڪري هو اڪيلو ئي وري ٽڪرن ڏانهن نڪري هليو ويو.


يسوع مسيح جو پاڻيءَ تي پنڌ ڪرڻ
( متي 14‏:22‏-33 ، مرقس 6‏:45‏-52 )

16 جڏهن سانجھي ٿي تہ سندس چيلا ڍنڍ جي ڪناري تي ويا.

17 رات ٿي ويئي هئي پر يسوع انهن وٽ نہ آيو هو، سو هو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڍنڍ جي هُن ڀر ڪفرناحوم شهر ڏانهن روانا ٿيا.

18 ايتري ۾ طوفان اچي لٿو ۽ ڍنڍ ۾ ڇوليون اٿڻ لڳيون.

19 جڏهن چيلا پنج ڇهہ ڪلوميٽر ٻيڙي ڪاهي هليا، تڏهن ڏٺائون تہ يسوع پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجھو پيو اچي. اهو ڏسي هو ڏاڍو ڊڄي ويا.

20 پر يسوع کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آهيان.“

21 تڏهن خوشيءَ سان کيس ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيائون ۽ ٻيڙي هڪدم انهيءَ هنڌ وڃي پهتي جتي کين وڃڻو هو.


يسوع مسيح جيون جي روٽي

22 ٻئي ڏينهن تي ماڻهن جو جيڪو ميڙ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر بيٺو هو، تنهن ڏٺو تہ ڪالهہ اتي رڳو هڪڙي ٻيڙي بيٺي هئي ۽ کين اها بہ سڌ هئي تہ يسوع انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ چيلن سان گڏ نہ ويو هو پر اهي اڪيلا ئي روانا ٿي ويا هئا.

23 ايتري ۾ تبرياس شهر کان ڪي ٻيڙيون انهيءَ جاءِ جي ويجھو ڪناري تي اچي لڳيون، جتي پرڀو يسوع جي شڪر ادا ڪرڻ کان پوءِ ماڻهن کي روٽي کارائي ويئي هئي.

24 سو جڏهن ميڙ ڏٺو تہ اتي نہ يسوع آهي، نڪي سندس چيلا آهن، تڏهن اهي پاڻ انهن ٻيڙين ۾ چڙهي ڪفرناحوم ڏانهن هن کي ڳولڻ ويا.

25 ماڻهن جڏهن يسوع کي ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي ڳولي لڌو تہ کيس چيائون تہ ”اي گرو! اوهين هتي ڪڏهن آيا؟“

26 يسوع وراڻين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين مون کي انهيءَ ڪري نہ ٿا ڳوليو جو اوهان چمتڪارن جو مطلب سمجھي ورتو آهي، پر انهيءَ ڪري ٿا ڳوليو جو اوهان روٽيون کائي ڍءُ ڪيو آهي.

27 ناس ٿيندڙ کاڌي لاءِ محنت نہ ڪريو، بلڪ انهيءَ کاڌي لاءِ محنت ڪريو، جنهن مان امر جيون ٿو ملي. اهو کاڌو منش‌پتر اوهان کي ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ پتا يعني ايشور هن تي اختياريءَ جي مُهر هڻي ڇڏي آهي.“

28 پوءِ انهن کانئس پڇيو تہ ”ڀلا، اسين ڪهڙو ڪم ڪريون جنهن سان ايشور جي مرضي پوري ٿئي؟“

29 يسوع وراڻيو تہ ”ايشور جي مرضي اها آهي تہ اوهين انهيءَ تي وشواس آڻيو، جنهن کي ايشور موڪليو آهي.“

30 تنهن تي انهن چيس تہ ”پوءِ اوهين اسان کي ايشور طرفان ڪهڙي نشاني ٿا ڏيکاريو، جنهن کي ڏسي اسين اوهان تي وشواس آڻيون؟ اوهين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟

31 اسان جي ابن ڏاڏن تہ رڻ‌پٽ ۾ مَنَ کاڌي هئي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’هن کين کائڻ لاءِ آڪاش مان روٽي ڏني.‘“

32 يسوع کين چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اهو موسيٰ نہ، پر منهنجو پتا آهي جنهن آڪاش واري روٽي اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، بلڪ هو هاڻي آڪاش مان حقيقي روٽي ڏئي ٿو.

33 هائو، اها روٽي جيڪا ايشور ڏئي ٿو سا آڪاش مان پرگھٽ ٿئي ٿي ۽ سنسار کي جيون ڏئي ٿي.“

34 تنهن تي انهن ماڻهن وينتي ڪيس تہ ”سوامي! اسان کي هميشہ اها روٽي ڏيندا ڪريو.“

35 يسوع انهن کي چيو تہ ”جيون جي روٽي آءٌ آهيان. جيڪو مون تي وشواس رکي مون وٽ اچي ٿو، تنهن کي ڪڏهن بہ نہ بک لڳندي ۽ نہ وري اڃ لڳندي.

36 اوهين مون کي ڏسو ٿا پوءِ بہ وشواس نہ ٿا آڻيو. اهو آءٌ اڳ ۾ بہ اوهان کي چئي چڪو آهيان.

37 پر جيڪي پتا مون کي ڏيندو سي سڀ مون وٽ ايندا ۽ جيڪو بہ مون وٽ ايندو تنهن کي آءٌ ڪڏهن بہ نہ موٽائيندس.

38 آءٌ آڪاش مان انهيءَ لاءِ نہ لهي آيو آهيان تہ پنهنجي مرضي هلايان، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان.

39 جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن جي مرضي اها آهي تہ جيڪي بہ هن مون کي ڏنا آهن تن مان هڪ بہ نہ وڃايان، بلڪ انتم ڏينهن تي انهن سڀني کي وري جيوت ڪري اٿاريان.

40 هائو، منهنجي پتا جي اها مرضي آهي تہ جيڪو بہ سندس پٽ کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس وشواس ٿو آڻي، تنهن کي امر جيون ملي. سو آءٌ کيس انتم ڏينهن تي وري جيوت ڪري اٿاريندس.“

41 تنهن تي ماڻهو مٿس ناراض ٿي پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن چيو هو تہ ”آءٌ اها روٽي آهيان، جيڪا آڪاش مان پرگھٽ ٿي آهي.“

42 انهن چيو تہ ”ڇا هي اهو يسوع نہ آهي جيڪو يوسف جو پٽ آهي؟ اسين تہ سندس ماتا پتا کي بہ سڃاڻون ٿا. پوءِ هي هاڻي ڪيئن ٿو چوي تہ ’آءٌ آڪاش مان پرگھٽ ٿيو آهيان؟‘“

43 يسوع کين چيو تہ ”مون بابت ڀڻ ڀڻ بند ڪريو.

44 ڪوبہ ماڻهو مون وٽ تيستائين نہ ٿو اچي سگھي جيستائين پتا، جنهن مون کي موڪليو آهي سو کيس مون ڏانهن ڇڪي نہ ٿو آڻي. اهڙي ماڻهوءَ کي آءٌ انتم ڏينهن تي مئلن مان وري جيوت ڪري اٿاريندس.

45 سنديش ڏيندڙ سنتن جي هڪڙي شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’سڀيئي ايشور کان سکيا حاصل ڪندا.‘ سو جيڪو بہ پتا کان ٻڌي ٿو ۽ کانئس سکي ٿو اهو ئي مون وٽ اچي ٿو.

46 انهيءَ جو مطلب اهو نہ آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ ڪڏهن پتا کي ڏٺو آهي، پر رڳو انهيءَ ئي پتا کي ڏٺو آهي، جيڪو سندس طرفان آيو آهي.

47 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ مون تي وشواس آڻي ٿو تنهن جو ئي جيون امر آهي.

48 هائو، جيون جي روٽي آءٌ ئي آهيان.

49 ڏسو، اوهان جي ابن ڏاڏن رڻ‌پٽ ۾ مَنَ کاڌي هئي، تڏهن بہ مري ويا.

50 پر جيڪا حقيقي روٽي آڪاش مان پرگھٽ ٿئي ٿي، سا اهڙي آهي جنهن کي جيڪو بہ کائيندو سو نہ مرندو.

51 آءٌ اها جيوت روٽي آهيان جيڪا آڪاش مان پرگھٽ ٿي آهي. جيڪڏهن ڪو هن روٽيءَ مان کائيندو تہ اهو هميشہ جيوت رهندو. جيڪا روٽي آءٌ ڏيندس سا منهنجو ماس آهي، جيڪو آءٌ ڏيان ٿو تہ جيئن هن سنسار کي جيون ملي.“

52 تنهن تي ماڻهو پاڻ ۾ سخت بحث ڪرڻ لڳا تہ ”هي شخص پنهنجو ماس اسان کي کائڻ لاءِ ڪيئن ٿو ڏيئي سگھي؟“

53 يسوع وراڻين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوهين منش‌پتر جو ماس نہ کائيندا ۽ سندس رت نہ پيئندا، تيستائين اوهان ۾ جيون نہ هوندو.

54 جيڪو بہ منهنجو ماس ٿو کائي ۽ منهنجو رت ٿو پيئي، تنهن جو جيون امر آهي ۽ آءٌ کيس انتم ڏينهن تي وري جيوت ڪري اٿاريندس،

55 ڇاڪاڻ تہ منهنجو ماس ۽ منهنجو رت حقيقي کاڌو آهي.

56 جيڪو بہ منهنجو ماس کائي ٿو ۽ منهنجو رت پيئي ٿو، سو مون ۾ رهي ٿو ۽ آءٌ هن ۾ رهان ٿو.

57 جهڙيءَ طرح پتا جيڪو جيوت آهي تنهن مون کي موڪليو آهي ۽ آءٌ هن جي ڪري جيوت آهيان، تهڙيءَ طرح جيڪو بہ مون کي کائي ٿو سو منهنجي ڪري جيوت رهندو.

58 هيءَ اها حقيقي روٽي آهي جيڪا آڪاش مان پرگھٽ ٿي آهي. هيءَ روٽي اهڙي نہ آهي جهڙي اوهان جي ابن ڏاڏن کاڌي ۽ مري ويا. پر جيڪو هيءَ روٽي کائيندو سو هميشہ جيوت رهندو.“

59 هي ڳالهيون هن ڪفرناحوم جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ سکيا ڏيندي ٻڌايون هيون.


گھڻن چيلن جو يسوع مسيح کي ڇڏي وڃڻ

60 اهي ڳالهيون ٻڌي سندس چيلن مان ڪيترا ئي چوڻ لڳا تہ ”هيءَ ڳالهہ ڏاڍي ڏکي آهي. اها ڪير ٻڌي سگھندو؟“

61 يسوع ڄاڻي ورتو تہ سندس چيلا هن ڳالهہ تي ڀڻ ڀڻ ڪندي اعتراض ڪري رهيا آهن. تنهنڪري انهن کي چيائين تہ ”هيءَ ڳالهہ اوهان کي ڀَٽڪائي ٿي ڇا؟

62 ڀلا جيڪڏهن اوهين منش‌پتر کي آڪاش ڏانهن کڄي ويندي ڏسو جتي هو اڳ ۾ هو، تہ پوءِ ڪيئن ٿا ڀانئيو؟

63 جيون ڏيڻ واري تہ آتما آهي، شرير ڪابہ شيءِ ڪانهي. هاڻ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي ٻڌايون آهن سي آتما آهن ۽ جيون بہ.

64 تڏهن بہ اوهان مان ڪيترائي وشواس نہ ٿا آڻين.“ يسوع اهو انهيءَ ڪري چيو جو هن شروعات کان ئي ڄاتو ٿي تہ ڪهڙا ڪهڙا وشواس نہ آڻيندا ۽ ڪير ساڻس دغا ڪندو.

65 هن وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ ڪري ئي مون اوهان کي ٻڌايو آهي تہ ايستائين ڪوبہ مون وٽ اچي نہ ٿو سگھي، جيستائين پتا کانئس ائين نہ ٿو ڪرائي.“

66 تنهن تي يسوع جا گھڻا ئي چيلا کانئس ڦري موٽي هليا ويا.

67 تنهنڪري يسوع انهن ٻارهن چيلن کي چيو تہ ”ڇا اوهين بہ مون کي ڇڏي وڃڻ چاهيو ٿا؟“

68 شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اي پرڀو! اوهان کي ڇڏي ڪنهن ڏانهن وينداسون؟ اوهان وٽ اهي ڳالهيون آهن جن ۾ امر جيون آهي.

69 اسين اوهان تي وشواس آڻي چڪا آهيون ۽ ڄاڻي ورتو آهي تہ اوهين ئي ايشور جي طرفان پوِتر هستي آهيو.“

70 تڏهن يسوع انهن کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ مون اوهان ٻارهن کي چونڊيو آهي، تنهن هوندي بہ اوهان ۾ هڪ اهڙو آهي جيڪو شيطان آهي.“

71 هو شمعون اسڪريوتيءَ جي پٽ يهوداہ بابت ڳالهائي رهيو هو، جيڪو انهن ٻارهن چيلن مان هوندي بہ اڳتي هلي ساڻس دغا ڪرڻ وارو هو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ