يوحنا 5 - Hindu Sindhi Bibleمرض ۾ ورتل ماڻهوءَ کي تلاءَ وٽ چڱو ڀلو ڪرڻ 1 ڪجھہ وقت کان پوءِ يهودين جي هڪڙي تهوار تي يسوع يروشلم ڏانهن ويو. 2 يروشلم ۾ رڍن واري دروازي وٽ هڪ تلاءُ آهي، جنهن کي عبراني ٻوليءَ ۾ بيتحسدا ڪري سڏبو آهي ۽ انهيءَ کي پنج ورانڊا آهن. 3-4 انهن ۾ ڪيترائي معذور يعني انڌا، منڊا ۽ سڙيل سڪل پيا هوندا هئا. 5 اتي هڪڙو اهڙو ماڻهو هو، جيڪو اٺٽيهن سالن کان مرض ۾ ورتل هو. 6 جڏهن يسوع کيس اتي پيل ڏٺو ۽ خبر پيس تہ هو گھڻي وقت کان وٺي اهڙي حال ۾ آهي، تڏهن چيائينس تہ ”ڇا تنهنجي مرضي آهي تہ تون ڇٽي چڱو ڀلو ٿئين؟“ 7 تنهن تي انهيءَ مرض ورتل وراڻيو تہ ”سائين! جنهن مهل پاڻي اڇل ٿو کائي، تنهن مهل اهڙو ماڻهو ڪونہ هوندو آهي جيڪو مون کي کڻي هن تلاءَ ۾ وجھي. سو جيستائين آءٌ پاڻ پهچان تيستائين مون کان اڳي ڪو ٻيو پاڻيءَ ۾ گھڙي پوندو آهي.“ 8 يسوع چيس تہ ”اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر.“ 9 تڏهن هڪدم اهو ماڻهو ڇٽي چڱو ڀلو ٿي پيو ۽ پنهنجو کٽولو کنيائين ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳو. اهو سبت جو ڏينهن هو. 10 تنهنڪري جيڪو ماڻهو ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن کي يهودي اڳواڻ چوڻ لڳا تہ ”اڄ سبت آهي، سو تو کي کٽولو کڻڻ جائز نہ آهي.“ 11 تنهن تي انهيءَ ماڻهوءَ جواب ڏنن تہ ”جنهن ماڻهوءَ مون کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي، تنهن ئي تہ مون کي چيو تہ ’پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر.‘“ 12 تڏهن انهن کانئس پڇيو تہ ”اهو ماڻهو ڪير آهي، جنهن تو کي چيو تہ ’پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر‘؟“ 13 جيڪو ماڻهو چڱو ڀلو ٿيو هو تنهن کي اها سڌ ڪانہ هئي تہ اهو ڪير هو، ڇاڪاڻ تہ گھڻي گوڙ هئڻ ڪري يسوع اتان کسڪي هليو ويو هو. 14 ٿوري وقت کان پوءِ يسوع انهيءَ ماڻهوءَ کي هيڪل ۾ ڏٺو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، هاڻي تون چڱو ڀلو ٿي ويو آهين، سو وري پاپ نہ ڪجانءِ، متان هن کان بہ وڌيڪ تڪليف نہ اچيئي.“ 15 پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ وڃي يهودي اڳواڻن کي ٻڌايو تہ ”اهو ماڻهو يسوع آهي، جنهن مون کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي.“ 16 انهيءَ سبب اهي اڳواڻ يسوع کي ستائڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن سبت جي ڏينهن تي اهڙا ڪم ٿي ڪيا. 17 يسوع کين جواب ڏنو تہ ”منهنجو پتا هميشہ ڪم ڪندو رهي ٿو ۽ آءٌ بہ ائين ئي پيو ڪريان.“ 18 هن ڳالهہ جي ڪري يهودي اڳواڻ هيڪاري کيس مارڻ جا وجھہ ڳولڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن نہ رڳو سبت جو قاعدو ٿي ڀڳو، بلڪ ايشور کي پنهنجو پتا سڏي پاڻ کي ايشور جي برابر ٿي ڪيائين. پٽ جي اختياري 19 تنهنڪري يسوع يهودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ پٽ پنهنجو پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. هو رڳو اهي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنهنجي پتا کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پتا ڪري ٿو سو ئي پٽ ٿو ڪري. 20 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پتا پٽ سان پيار ٿو ڪري ۽ کيس اهي سڀ ڪم ڏيکاري ٿو جيڪي هو پاڻ ڪري ٿو. هو انهن ڪمن کان اڃا بہ وڏا ڪم کيس ڏيکاريندو جو اوهين سڀيئي حيران ٿي ويندا. 21 جيئن پتا مئلن کي جيوت ڪري کين جيون ڏئي ٿو، تيئن پٽ بہ جنهن کي وڻيس تنهن کي جيون ڏئي ٿو. 22 باقي پتا پاڻ ڪنهن جو فيصلو نہ ٿو ڪري، بلڪ هن فيصلي ڪرڻ جو پورو اختيار پنهنجي پٽ کي ڏيئي ڇڏيو آهي. 23 اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ سڀيئي ماڻهو پٽ کي اهڙي نموني مان ڏين جهڙي نموني پتا کي مان ڏين ٿا. تنهنڪري جيڪو پٽ کي مان نہ ٿو ڏئي سو پتا کي مان نہ ٿو ڏئي، جنهن کيس موڪليو آهي. 24 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجيون ڳالهيون ٻڌي ٿو ۽ جنهن مون کي موڪليو آهي انهيءَ تي وشواس رکي ٿو، تنهن جو جيون امر آهي ۽ هو پاپي قرار نہ ڏنو ويندو، بلڪ هو موت مان نڪري جيون ۾ داخل ٿي چڪو آهي. 25 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اها گھڙي اچي رهي آهي بلڪ اچي پهتي آهي، جڏهن مئل ماڻهو ايشور جي پٽ جو آواز ٻڌندا ۽ جيڪي ٻڌندا سي جيوت ٿيندا. 26 هائو، جيئن پتا جيون جو بنياد آهي، تيئن هن پنهنجي پٽ کي بہ جيون جو بنياد بڻايو آهي. 27 هن کيس اها اختياري بہ ڏني آهي تہ هو سنسار جو فيصلو ڪري، ڇاڪاڻ تہ هو منشپتر آهي. 28 انهيءَ ڳالهہ تي حيران نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اها گھڙي اچي رهي آهي جڏهن قبرن وارا سڀيئي سندس آواز ٻڌندا 29 ۽ قبرن مان نڪري ايندا. پوءِ جن چڱا ڪم ڪيا هوندا تن کي جيون ملندو، پر جن بڇڙا ڪم ڪيا هوندا سي پاپي قرار ڏنا ويندا.“ يسوع مسيح بابت شاهدي 30 ”آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھان، پر جيئن ايشور مون کي ٻڌائي ٿو تيئن ئي فيصلو ڪريان ٿو. تنهنڪري منهنجو فيصلو صحيح آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي مرضيءَ موجب نہ، بلڪ انهيءَ جي مرضيءَ موجب ڪم ڪريان ٿو، جنهن مون کي موڪليو آهي. 31 جيڪڏهن آءٌ پاڻ پنهنجي شاهدي ڏيان تہ منهنجي شاهدي قبول نہ ٿيندي. 32 پر هڪڙو ٻيو آهي جيڪو مون بابت شاهدي ٿو ڏئي ۽ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جيڪا شاهدي هو مون بابت ڏئي ٿو سا سچي آهي. 33 اوهان تہ يوحنا ڏانهن پنهنجا ماڻهو موڪليا ۽ هن سچ جي شاهدي ڏني. 34 جيتوڻيڪ مون کي انسان جي شاهديءَ جي ضرورت نہ آهي، تنهن هوندي بہ اهي ڳالهيون انهيءَ لاءِ ڪيون اٿم تہ جيئن اوهان کي مڪتي ملي. 35 يوحنا ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئي وانگر هو ۽ اوهان گھڙي پلڪ هن جي روشنيءَ ۾ خوش رهڻ پسند ڪيو. 36 پر مون وٽ جيڪا شاهدي آهي سا يوحنا جي شاهديءَ کان بہ وڌيڪ آهي. هائو، جيڪي ڪم پتا مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن، يعني اهي ساڳيا ئي ڪم جيڪي آءٌ هينئر ڪري رهيو آهيان، سي ئي منهنجي شاهدي ٿا ڏين تہ پتا مون کي موڪليو آهي. 37 بلڪ پتا، جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن پاڻ بہ مون بابت شاهدي ڏني آهي. پر اوهان نہ تہ ڪڏهن هن جو آواز ٻڌو آهي، نڪي سندس روپ ڏٺو اٿوَ، 38 نڪي وري هن جي ڳالهين کي دل ۾ جاءِ ٿا ڏيو، ڇاڪاڻ تہ جنهن کي هن موڪليو آهي تنهن کي اوهين قبول ئي نہ ٿا ڪريو. 39 اوهين پوِتر شاستر انهيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙهو، جو اوهان جو خيال آهي تہ انهيءَ ۾ اوهان کي امر جيون ملندو، جڏهن تہ اهو پوِتر شاستر بہ منهنجي شاهدي ڏئي ٿو. 40 تڏهن بہ اوهين مون وٽ نہ ٿا اچو تہ امر جيون مليوَ. 41 مون کي ضرورت نہ آهي تہ ماڻهو منهنجو مان ڪن، 42 ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کان واقف آهيان تہ اوهان جي دلين ۾ ايشور لاءِ پريم نہ آهي. 43 آءٌ تہ پنهنجي پتا جي اختياريءَ سان آيو آهيان ۽ اوهين مون کي قبول نہ ٿا ڪريو. پر جيڪڏهن ڪو ٻيو پنهنجي پاران آيو تہ اوهين انهيءَ کي قبول ڪندا. 44 اوهين جيڪي هڪٻئي کان مان ڪرائڻ گھرو ٿا، پر جيڪو مان هڪڙي ايشور جي طرفان ملي ٿو تنهن جي لاءِ ڪوشش ئي نہ ٿا ڪريو، سي ڪيئن مون کي قبول ڪري سگھو ٿا؟ 45 اوهين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ پتا وٽ اوهان جي شڪايت ڪندس. اوهان جي شڪايت ڪرڻ وارو موسيٰ ئي آهي جنهن تي اوهان جو آسرو آهي. 46 جيڪڏهن اوهين موسيٰ تي يقين ڪريو ها تہ مون تي بہ يقين ڪريو ها، ڇو تہ هن مون بابت لکيو آهي. 47 هاڻ جڏهن اوهين هن جي لکتن تي ئي يقين نہ ٿا ڪريو، تہ پوءِ منهنجي ڳالهين تي ڪيئن يقين ڪندا.“ |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society