يوحنا 11 - Hindu Sindhi Bibleلعزر جو موت 1-2 يهوديہ صوبي جي ڳوٺ بيتعنياہ ۾ لعزر نالي هڪ ماڻهو بيمار ٿي پيو. انهيءَ ڳوٺ ۾ مريم ۽ مارٿا نالي سندس ٻہ ڀينرون بہ رهنديون هيون. هيءَ مريم اها هئي جنهن پرڀو يسوع جي پيرن کي عطر مکي پنهنجي وارن سان سندس پير اُگھيا هئا. 3 ٻنهي ڀينرن يسوع کي چوائي موڪليو تہ ”اي پرڀو! اوهان جو پيارو دوست بيمار آهي.“ 4 يسوع اهو ٻڌي چيو تہ ”لعزر جي اها بيماري موت واري نہ آهي، بلڪ ايشور جي مهانتا ظاهر ٿيڻ لاءِ آهي، تہ جيئن انهيءَ سان سندس پٽ جي بہ مهانتا ٿئي.“ 5 يسوع جو لعزر ۽ سندس ڀينرن سان پيار هو. 6 تنهن هوندي بہ لعزر جي بيماريءَ بابت ٻڌڻ جي باوجود هو جتي هو اتي ٻہ ڏينهن وڌيڪ ترسي پيو. 7 پوءِ هن چيلن کي چيو تہ ”هلو تہ وري يهوديہ ڏانهن هلون.“ 8 تنهن تي چيلن چيس تہ ”اي گرو! اڃا تازو ئي ماڻهو اوهان کي سنگسار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ۽ اوهين وري اوڏانهن ٿا هلو.“ 9 يسوع وراڻيو تہ ”ڇا ڏينهن جي روشني ٻارهن ڪلاڪ نہ هوندي آهي؟ سو جيڪڏهن ڪو ڏينهن جي وقت گھمندو تہ ٿاٻو نہ کائيندو، ڇاڪاڻ تہ هو سنسار جي روشنيءَ ۾ هلي رهيو آهي. 10 پر جيڪڏهن ڪو رات جي اونداهيءَ ۾ گھمندو تہ ضرور ٿاٻو کائيندو، ڇاڪاڻ تہ هن کي روشني نہ آهي.“ 11 پوءِ يسوع وڌيڪ چين تہ ”اسان جو دوست لعزر ننڊ پيو آهي، پر آءٌ وڃي کيس ننڊ مان اٿاريندس.“ 12 تنهن تي چيلن چيس تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن لعزر ننڊ ۾ آهي تہ بچي پوندو.“ 13 يسوع تہ لعزر جي موت بابت ٿي ڳالهہ ڪئي، پر هنن سمجھيو تہ يسوع ننڊ ۾ سمهي آرام ڪرڻ بابت ٿو چوي. 14 تنهنڪري يسوع صاف چين تہ ”لعزر مري ويو آهي. 15 آءٌ اوهان جي خاطر خوش آهيان جو اتي نہ هئس تہ جيئن اوهين وشواس آڻيو. هاڻي هلو تہ وٽس هلون.“ 16 تنهن تي توما جنهن کي جاڙو بہ سڏيندا هئا، تنهن پنهنجي ساٿي چيلن کي چيو تہ ”اچو تہ اسين بہ هلون تہ جيئن هن سان گڏ هلي مرون.“ يسوع مسيح قيامت ۽ جيون آهي 17 جڏهن يسوع بيتعنياہ ڳوٺ جي ويجھو پهتو تہ کيس خبر پيئي تہ لعزر کي دفن ڪئي چار ڏينهن گذري چڪا آهن. 18 جيئن تہ يروشلم بيتعنياہ کان اٽڪل ٽي ڪلوميٽر پري هو، 19 سو اتان ڪيترائي ماڻهو مارٿا ۽ مريم سان سندن ڀاءُ جي پرچاڻي ڪرڻ لاءِ آيا هئا. 20 جيئن ئي مارٿا ٻڌو تہ يسوع اچي رهيو آهي تہ هوءَ کيس ملڻ لاءِ اڳڀرو ويئي، جڏهن تہ مريم گھر ۾ ئي ويٺي رهي. 21 مارٿا يسوع کي چيو تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن اوهين هتي هجو ها تہ منهنجو ڀاءُ نہ مري ها. 22 پر آءٌ ڄاڻان ٿي تہ جيڪڏهن هاڻي بہ اوهين ايشور کان جيڪو ڪجھہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.“ 23 تنهن تي يسوع چيس تہ ”تنهنجو ڀاءُ وري جيوت ٿيندو.“ 24 مارٿا وراڻيو تہ ”آءٌ ڄاڻان ٿي تہ هو انتم ڏينهن يعني قيامت تي سڀني مئلن سان گڏ وري جيوت ٿي اٿندو.“ 25 يسوع کيس چيو تہ ”قيامت ۽ جيون تہ آءٌ آهيان. جيڪو بہ مون تي وشواس رکي ٿو سو جيتوڻيڪ مري وڃي تہ بہ جيوت رهندو 26 ۽ جيڪو بہ جيوت آهي ۽ مون تي وشواس ٿو رکي سو ڪڏهن بہ نہ مرندو. ڇا تنهنجو هن ڳالهہ تي وشواس آهي؟“ 27 مارٿا وراڻيو تہ ”هائو، پرڀو! مون کي وشواس آهي تہ مسيح ايشور جو پٽ، جيڪو سنسار ۾ اچڻو هو سو اوهين ئي آهيو.“ يسوع مسيح جو روئڻ 28 هن چوڻ کان پوءِ مارٿا موٽي ويئي ۽ پنهنجي ڀيڻ مريم کي پنهنجي منهن سڏي چيائين تہ ”ادي! گرو آيو آهي ۽ تو کي سڏي ٿو.“ 29 اها ڳالهہ ٻڌڻ شرط مريم هڪدم اُٿي کڙي ٿي ۽ يسوع وٽ ويئي. 30 يسوع اڃا تائين ڳوٺ ۾ ڪين پهتو هو، پر اتي ئي هو جتي مارٿا وڃي ساڻس ملي هئي. 31 جيڪي ماڻهو مريم سان گھر ۾ ويٺا هئا ۽ دلداري پئي ڏنائونس، تن جڏهن مريم کي تڪڙو تڪڙو ٻاهر ويندي ڏٺو تڏهن سمجھيائون تہ هوءَ ڀاءُ جي قبر تي روئڻ ٿي وڃي، سو اهي بہ هن جي پٺيان اٿي هليا. 32 جڏهن مريم يسوع وٽ پهتي ۽ هن کي ڏٺائين تہ پيرن تي ڪري پيس ۽ چيائينس تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن اوهين هتي هجو ها تہ منهنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ها.“ 33 يسوع جڏهن مريم ۽ ساڻس گڏ آيل ماڻهن کي روئندي ڏٺو، تڏهن انهيءَ واقعي سبب کيس ڏاڍو رنج پهتو ۽ بيحد ڏک ٿيس. 34 هن کانئن پڇيو تہ ”اوهان کيس ڪٿي دفن ڪيو آهي؟“ انهن وراڻيو تہ ”اي پرڀو! هلي ڏسو.“ 35 يسوع روئي ڏنو. 36 تنهن تي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، لعزر سان کيس ڪيڏو نہ پيار هو.“ 37 پر انهن مان ڪن چيو تہ ”ڇا هي، جنهن انڌي ماڻهوءَ کي ديد ڏني هئي سو ائين ڪري نہ ٿي سگھيو جو لعزر اصل مري ئي نہ ها؟“ لعزر جو وري جيوت ٿيڻ 38 پوءِ يسوع کي وري بہ رنج پهتو ۽ هو قبر تي آيو. اها قبر هڪ غار هئي جنهن جي منهن تي پٿر ڏنل هو. 39 يسوع چيو تہ ”هن پٿر کي پري هٽايو.“ فوتيءَ جي ڀيڻ مارٿا کيس چيو تہ ”اي پرڀو! اندر تہ بانس هوندي، ڇاڪاڻ تہ هن کي دفن ڪئي چار ڏينهن گذري ويا آهن.“ 40 يسوع هن کي چيو تہ ”مون تو کي ڪين چيو هو تہ جيڪڏهن تون وشواس رکندينءَ تہ ايشور جي مهانتا ڏسندينءَ؟“ 41 تڏهن هنن پٿر پري هٽايو. پوءِ يسوع مٿي نهاري چيو تہ ”اي پتا! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان جو تو منهنجي ٻڌي آهي. 42 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون هميشہ منهنجي ٻڌندو آهين. پر هي ماڻهو جيڪي هتي بيٺا آهن، تن کي اهو ڏيکارڻ لاءِ آءٌ پرارٿنا ٿو ڪريان تہ جيئن اهي يقين ڪن تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.“ 43 ائين چوڻ کان پوءِ يسوع وڏي واڪي چيو تہ ”اي لعزر! ٻاهر نڪري اچ.“ 44 تنهن تي مئل ماڻهو جيوت ٿي ٻاهر نڪري آيو. هن جا هٿ ۽ پير ڪفن سان ٻڌل هئا ۽ سندس منهن رومال سان ويڙهيل هو. يسوع انهن ماڻهن کي چيو تہ ”هن کي کوليو تہ گھمي ڦري.“ يسوع مسيح خلاف سازش سِٽڻ ( متي 26:1-5 ، مرقس 14:1-2 ، لوقا 22:1-2 ) 45 جيڪي ماڻهو مريم وٽ آيا هئا، تن مان ڪيترن ئي جڏهن يسوع جو هي ڪم ڏٺو تڏهن مٿس وشواس آندائون. 46 پر انهن مان ڪي فريسين وٽ ويا ۽ يسوع جيڪي ڪجھہ ڪيو هو سو وڃي کين ٻڌايائون. 47 تنهن تي فريسي ۽ سردار ڪاهن پئنچائت گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسين هاڻي ڇا ڪريون؟ هي ماڻهو تہ گھڻا ئي چمتڪار پيو ڪري. 48 جيڪڏهن اسين هن کي ائين ڪندي ڇڏي ڏينداسون تہ پوءِ هر ڪو مٿس وشواس آڻيندو ۽ رومي حڪمران اسان تي قدم کڻندا. پوءِ هو اسان جي هيڪل ۽ سڄي قوم کي تباهہ ڪري ڇڏيندا.“ 49 انهن مان هڪڙي شخص جو نالو ڪائفا هو جيڪو انهيءَ سال جو وڏو سردار ڪاهن هو، تنهن چيو تہ ”اوهان کي سڌ ئي ڪانہ ٿي پوي. 50 اوهين اهو سمجھو ئي نہ ٿا تہ اوهان جي لاءِ هي بهتر ٿيندو جو هڪڙو ماڻهو قوم لاءِ مري ۽ نہ سڄي قوم تباهہ ٿئي.“ 51 حقيقت ۾ هن اها ڳالهہ پنهنجي طرفان نہ چئي، پر جيئن تہ هو انهيءَ سال جو وڏو سردار ڪاهن هو، تنهنڪري ايشور ئي هن جي واتان اهو چوايو تہ يسوع يهودي قوم لاءِ مرندو 52 ۽ نہ رڳو ان قوم لاءِ مرندو، بلڪ انهيءَ لاءِ بہ تہ ايشور جا ٻار جيڪي ڇڙوڇڙ ٿيل آهن تن کي گڏي هڪ ڪري. 53 انهيءَ ڏينهن کان وٺي يهودي اڳواڻ يسوع کي مارڻ جون سازشون سٽڻ لڳا. 54 تنهنڪري يسوع انهيءَ ڏينهن کان پوءِ يهوديہ ۾ کُليو کُلايو گھمڻ ڇڏي ڏنو. پوءِ هو اتان رڻپٽ جي ڀر واري علائقي ڏانهن هليو ويو ۽ افرائيم نالي هڪ ڳوٺ ۾ پنهنجي چيلن سان گڏ رهڻ لڳو. 55 يهودي قوم جو فصح وارو تهوار ويجھو هو، سو ڪيترائي ماڻهو فصح جي تهوار کان اڳ ٻهراڙيءَ کان يروشلم ۾ آيا هئا تہ جيئن هو پاڻ کي پوِتر ڪن. 56 اهي يسوع کي ڳولي رهيا هئا ۽ هيڪل ۾ بيٺي هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ٿا ڀانئيو تہ هو تهوار جي موقعي تي ايندو يا نہ؟“ 57 سردار ڪاهنن ۽ فريسين هي حڪم ڏيئي ڇڏيو هو تہ ”ڪنهن کي بہ سڌ پوي تہ يسوع ڪٿي آهي تہ اهو ضرور اطلاع ڏئي تہ جيئن کيس پڪڙيو وڃي.“ |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society