Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

يوحنا 10 - Hindu Sindhi Bible


رڍن جو حقيقي ريڍار کي سڃاڻڻ

1 يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو ماڻهو رڍن جي واڙي ۾ در کان نہ ٿو گھڙي پر ڪنهن ٻئي پاسي کان ٽپي اچي ٿو، سو چور ۽ ڌاڙيل آهي.

2 جيڪو ماڻهو در کان واڙي ۾ گھڙي ٿو سو رڍن جو ريڍار آهي.

3 دربان هن لاءِ در کولي ٿو ۽ رڍون هن جو آواز ٻڌن ٿيون. هو نالو وٺي پنهنجي رڍن کي سڏي ٿو ۽ کين ٻاهر آڻي ٿو.

4 جڏهن هو انهن سڀني کي ٻاهر ڪڍي اچي ٿو، تڏهن هو سندن اڳيان ٿي هلي ٿو ۽ رڍون هن جي پٺيان هلن ٿيون، ڇاڪاڻ تہ اهي هن جو آواز سڃاڻين ٿيون.

5 اهي ڪنهن ڌارئي جي پٺيان نہ هلنديون، بلڪ انهيءَ کان پري ڀڄي وينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي ڌارين جو آواز نہ ٿيون سڃاڻين.“

6 يسوع انهن کي اهو مثال ٻڌايو، پر انهن نہ سمجھيو تہ هن جي چوڻ جو مقصد ڇا آهي.


يسوع مسيح هڪ چڱو ريڍار

7 سو يسوع وري اهو بہ چين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ رڍن لاءِ اهو در آءٌ آهيان.

8 ٻين جن بہ مون کان اڳ ۾ اهڙي قسم جي دعويٰ ڪئي سي چور ۽ ڌاڙيل هئا، جڏهن تہ رڍن انهن جي نہ ٻڌي.

9 آءٌ ئي اهو در آهيان. سو جيڪا بہ رڍ مون مان اندر گھڙندي سا بچي ويندي. اها اندر ٻاهر ايندي ويندي رهندي ۽ چراگاهہ ۾ پيئي چرندي.

10 چور رڳو انهيءَ مطلب لاءِ اچي ٿو تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري. پر آءٌ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ کين جيون ملي، بلڪ ڀرپور جيون ملين.

11 آءٌ چڱو ريڍار آهيان ۽ چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنهنجي جان بہ ڏئي ٿو.

12 جيڪو مزدور آهي سو نہ ريڍار آهي ۽ نہ وري رڍن جو مالڪ. هو جڏهن بگھڙ کي ايندي ڏسي ٿو تہ رڍن کي ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو ۽ بگھڙ رڍن تي حملو ڪري کين ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏي ٿو.

13 مزدور ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هو رڳو مزدور آهي ۽ کيس رڍن جي ڪا چنتا ڪانہ آهي.

14-15 چڱو ريڍار آءٌ آهيان. جهڙيءَ طرح پتا مون کي ڄاڻي ٿو ۽ آءٌ پتا کي ڄاڻان ٿو، تهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي رڍن کي ڄاڻان ٿو ۽ رڍون مون کي ڄاڻين ٿيون. آءٌ رڍن لاءِ پنهنجي جان بہ ڏيان ٿو.

16 منهنجيون ٻيون بہ رڍون آهن جيڪي هن واڙي جون نہ آهن. انهن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آهي. اهي منهنجو آواز ٻڌنديون ۽ پوءِ هڪڙو ئي ڌڻ ۽ هڪڙو ئي ڌنار ٿيندو.

17 آءٌ پنهنجي جان ڏيان ٿو تہ جيئن اها وري موٽائي وٺان. انهيءَ عمل جي ڪري پتا مون سان پيار ٿو ڪري.

18 منهنجي جان مون کان ڪوبہ نہ ٿو کسي، پر آءٌ اها پنهنجي مرضيءَ سان ٿو ڏيان. مون کي پنهنجي جان ڏيڻ جي اختياري آهي ۽ اها وري موٽائي وٺڻ جي بہ اختياري اٿم. هي حڪم مون کي پنهنجي پتا وٽان مليو آهي.“

19 انهن ڳالهين ٻڌڻ کان پوءِ ماڻهن ۾ وري ڏڦيڙ پئجي ويو.

20 هنن مان ڪيترائي چوڻ لڳا تہ ”هن ۾ ڀوت آهي، بلڪ هي چريو آهي. اوهين ڇو سندس ڳالهين تي ڌيان ڏيو ٿا؟“

21 پر ٻين وري چيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوت هوندو آهي، سو هن جهڙيون ڳالهيون نہ ڪري سگھندو آهي. ڀلا، ڀوت ڪنهن انڌي کي ديد ڏيئي سگھي ٿو ڇا؟“


آءٌ ۽ پتا هڪ آهيون

22 سياري جي موسم هئي ۽ يسوع تجديد واري تهوار جي موقعي تي يروشلم ۾ هو.

23 هو هيڪل جي سليماني ورانڊي ۾ گھمي رهيو هو

24 تہ ماڻهو چوڌاري ڦري آيس ۽ چيائونس تہ ”ڪيستائين تون اسان کي شڪ ۾ رکندين؟ جيڪڏهن تون مسيح آهين تہ اسان کي صاف صاف ٻڌاءِ.“

25 يسوع کين وراڻيو تہ ”مون تہ اوهان کي ٻڌايو آهي، پر اوهين يقين نہ ٿا ڪريو. جڏهن تہ جيڪي ڪم آءٌ پنهنجي پتا جي اختياريءَ سان ڪريان ٿو سي بہ منهنجي شاهدي ٿا ڏين.

26 پر اوهين انهيءَ ڪري يقين نہ ٿا ڪريو جو اوهين منهنجي رڍن مان نہ آهيو.

27 آءٌ پنهنجي رڍن کي ڄاڻان ٿو. اهي منهنجو آواز ٻڌي منهنجي پٺيان هلن ٿيون.

28 آءٌ انهن کي امر جيون ڏيان ٿو تنهنڪري اهي ڪڏهن بہ برباد نہ ٿينديون، نڪي ڪو ٻيو اهي مون کان کسي سگھندو.

29 منهنجو پتا، جنهن مون کي اهي ڏنيون آهن سو سڀني کان وڏو آهي ۽ ڪوبہ منهنجي پتا کان اهي کسي نہ سگھندو.

30 جڏهن تہ آءٌ ۽ پتا هڪ آهيون.“

31 تنهن تي ماڻهن وري پٿر کنيا تہ جيئن کيس سنگسار ڪن.

32 تڏهن يسوع کين چيو تہ ”مون پتا جي پاران ڪيترائي چڱا ڪم اوهان کي ڪري ڏيکاريا آهن. انهن مان ڪهڙي ڪم جي ڪري اوهين مون کي سنگسار ڪريو ٿا؟“

33 تنهن تي ماڻهن وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنهن چڱي ڪم ڪرڻ جي ڪري نہ، پر ايشور جي نندا ڪرڻ ڪري سنگسار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ تون انسان ٿي ڪري پاڻ کي ايشور سڏين ٿو.“

34 يسوع چين تہ ”ڇا اوهان جي پوِتر شاستر ۾ اهو لکيل نہ آهي تہ ’آءٌ ايشور چوان ٿو تہ اوهين منهنجا پٽ آهيو‘؟

35 ڏسو، ايشور انهن کي پنهنجا پٽ سڏيو جن کي سندس وچن مليل هو. هاڻ پوِتر شاستر تہ ڪڏهن بہ ڪوڙو ٿي نہ ٿو سگھي.

36 سو جڏهن پتا پاڻ مون کي مخصوص ڪيو آهي ۽ هن سنسار ۾ موڪليو اٿس، تہ پوءِ اوهين ڪيئن چئو ٿا تہ مون ايشور جي نندا ڪئي آهي جو چيو اٿم تہ ’آءٌ ايشور جو پٽ آهيان‘؟

37 جيڪڏهن آءٌ پنهنجي پتا جا ڪم نہ ڪندو هجان تہ ڀلي اوهين مون تي يقين نہ ڪريو.

38 جيتوڻيڪ اوهين مون تي يقين نہ ٿا ڪريو، تڏهن بہ منهنجي انهن ڪمن تي تہ يقين ڪريو جيڪي آءٌ پتا جي طرفان ڪريان ٿو، تہ جيئن اوهين اها حقيقت ڄاڻي وٺو تہ پتا مون ۾ آهي ۽ آءٌ پتا ۾ آهيان.“

39 تنهن تي هنن وري بہ يسوع کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو اتان کسڪي هليو ويو.

40 يسوع موٽي وري اردن درياءَ جي هُن ڀر انهيءَ جاءِ تي ويو، جتي اڳي يوحنا بپتسما ڏيندو هو. هو اتي رهي پيو.

41 ڪيترائي ماڻهو وٽس ايندا هئا. هو چوندا هئا تہ ”يوحنا ڪوبہ چمتڪار تہ نہ ڏيکاريو، پر هن ماڻهوءَ بابت جيڪي ڳالهيون هن چيون هيون سي سڀ سچيون نڪتيون.“

42 اتي ڪيترن ئي ماڻهن يسوع تي وشواس آندو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ