Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

عبرانين 8 - Hindu Sindhi Bible


نئون ۽ بهتر ٻڌل وچن

1 انهن ڳالهين جو خاص مطلب هي آهي تہ اسان جو هڪڙو اهڙو سردار ڪاهن آهي، جيڪو مٿي آڪاش تي مهان ايشور جي تخت تي ساڄي پاسي ويٺو آهي.

2 اتي هو انهيءَ پوِتر خيمي ۾ سيوا ٿو ڪري، جيڪو حقيقي پوِتر خيمو آهي ۽ جنهن کي انسان نہ پر پرميشور کوڙيو آهي.

3 جيئن تہ هر ڪو سردار ڪاهن ڀيٽائون ۽ ٻليدان چاڙهڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي، انهيءَ ڪري اهو ضروري هو تہ اسان جي سردار ڪاهن وٽ بہ پيش ڪرڻ لاءِ ڪجھہ هجي.

4 جيڪڏهن هو اڃا ڌرتيءَ تي هجي ها تہ ڪڏهن بہ ڪاهن نہ ٿئي ها، ڇاڪاڻ تہ هتي ڪاهن موسيٰ جي نيم مطابق مقرر ٿي ڀيٽائون چاڙهيندا آهن.

5 هتي پوِتر جاءِ ۾ هو جيڪا سيوا ڪن ٿا، سا آڪاش واري پوِتر خيمي واري حقيقي سيوا جو رڳو نقل ۽ پاڇو آهي. اها ڳالهہ هن مان ظاهر ٿئي ٿي جو جڏهن موسيٰ پوِتر خيمو ٿي جوڙيو، تڏهن کيس تاڪيد ڪيو ويو تہ ”ڏس، سيوا واري هر شيءِ انهيءَ نموني ٺاهجانءِ، جيڪو تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي.“

6 پر هاڻي يسوع کي انهن ڪاهنن کان ايتري قدر بهتر سيوا ملي آهي، جيتري قدر پراڻي ٻڌل وچن کان اهو ٻڌل وچن بهتر آهي جنهن جو هو وچ وارو آهي. اهو ٻڌل وچن ايشور جي بهتر وچنن جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آهي.

7 ڏسو، جيڪڏهن انهيءَ پهرئين ٻڌل وچن ۾ گھٽتائي نہ هجي ها تہ ڪنهن ٻئي وچن ٻڌجڻ جو سبب ئي پيدا نہ ٿئي ها.

8 سو ايشور پنهنجي قوم جنهن سان هن پهريون وچن ٻڌو، تنهن جي گھٽتائي ظاهر ڪندي پوِتر شاستر ۾ فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ پرميشور چوان ٿو تہ اهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن آءٌ اسرائيل توڙي يهوداہ ملڪ وارن سان هڪ نئون وچن ٻڌندس.

9 اهو انهيءَ وچن جهڙو نہ هوندو، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان انهيءَ ڏينهن ٻڌو، جڏهن کين مصر جي ملڪ مان ڪڍي آڻڻ لاءِ سندن هٿ جھليو هئم. اهي منهنجي انهيءَ ٻڌل وچن تي قائم نہ رهيا، تنهنڪري مون انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ڏنو.

10 پر هاڻ آءٌ پرميشور چوان ٿو تہ جيڪو وچن آءٌ بني اسرائيل سان اچڻ وارن ڏينهن ۾ ٻڌندس، سو هن طرح ٻڌندس جو آءٌ پنهنجا قانون هنن جي ذهنن ۾ وجھندس، ۽ اهي سندن دلين تي بہ لکندس. آءٌ سندن ايشور هوندس، ۽ هو منهنجي قوم هوندا.

11 پوءِ ڪنهن کي ڪڏهن بہ اها ضرورت نہ پوندي، جو پنهنجي هم‌وطن يا برادريءَ واري کي اهو چئي سيکاري تہ ’پرميشور کي ڄاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ انهن مان ننڍا توڙي وڏا سڀ مون کي ڄاڻيندا هوندا.

12 انهيءَ ڪري جو آءٌ سندن بڇڙاين کي معاف ڪري ڇڏيندس ۽ سندن پاپن کي وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس.“

13 ايشور هن ٻڌل وچن کي نئون چئي پهرئين ٻڌل وچن کي پراڻو قرار ڏنو ۽ جيڪا شيءِ پراڻي ۽ جھوني ٿي ويندي آهي، سا مِٽجڻ کي ويجھو هوندي آهي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ