Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

عبرانين 13 - Hindu Sindhi Bible


ايشور کي وڻندڙ جيون

1 هڪٻئي سان ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪندا رهو.

2 مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪرڻ نہ وسارجو، ڇاڪاڻ تہ مهمان‌نوازي ڪرڻ سان ڪن ماڻهن اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ دوتن جي مهمان‌نوازي ڪئي آهي.

3 قيدين کي ياد رکندي سندن ائين سار سنڀال لهو جو ڄڻ تہ اوهين بہ انهن سان گڏ قيد ۾ آهيو. جن سان بدسلوڪي ڪئي وڃي ٿي تن کي بہ ائين ياد رکو، جو ڄڻ تہ اوهين پاڻ بہ انهن سان گڏ بدسلوڪي سهو ٿا.

4 سڀني ماڻهن جي نظر ۾ شادي مانائتي ڳالهہ هئڻ کپي ۽ پتي پتنيءَ کي هڪٻئي سان وفادار هئڻ گھرجي. ياد رکو، ايشور حرامڪارن ۽ زناڪارن جي خلاف فيصلو جاري ڪندو.

5 پئسي سان پيار نہ رکو. جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو، ڇاڪاڻ تہ ايشور پاڻ فرمايو آهي تہ ”آءٌ هميشہ تو ساڻ آهيان. آءٌ تو کي ڪڏهن بہ ڇڏي نہ ڏيندس.“

6 تنهنڪري اسين پوري يقين سان چئي ٿا سگھون تہ ”پرميشور منهنجو مددگار آهي، سو آءٌ ڪين ڊڄندس. انسان مون کي ڇا ٿو ڪري سگھي؟“

7 اوهين پنهنجي اڳواڻن کي ياد ڪريو، جن اوهان کي مسيح بابت ايشور جو سنديش ٻڌايو. انهن پنهنجو جيون جيڪو ڀلائي ڪندي گذاريو، تنهن تي ويچار ڪريو ۽ انهن جي وشواس جي نموني موجب هلو.

8 يسوع مسيح ڪالهہ توڙي اڄ، بلڪ هميشہ تائين ساڳيو ئي آهي.

9 جدا جدا قسمن جي عجيب سکيا تي لڳي ڀَٽڪي نہ وڃو. اوهان جي لاءِ چڱو اهو آهي تہ دلين کي ايشور جي ڪرپا جي وسيلي پختو رکو، نڪي رسمي کاڌن کائڻ جي وسيلي، جن مان ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿو ٿئي.

10 اسان وشواسين جي تہ هڪ اهڙي ٻليدان جي جاءِ آهي، جتان پوِتر جاءِ ۾ سيوا ڪندڙ ڪاهنن کي کائڻ جو ڪوبہ حق ڪونهي.

11 ڏسو، اڳئين انتظام مطابق جن جانورن جو رت سردار ڪاهن هر سال پاپن جي ڪفاري جي لاءِ پوِتر ترين جاءِ ۾ کڻي ويندو آهي، تن جا شرير قوم جي رهائش واري خيمي‌گاهہ جي ٻاهران ساڙيا ويندا آهن.

12 ساڳئي نموني يسوع بہ شهر جي دروازي جي ٻاهران تڪليف سهي جان ڏني، تہ جيئن پنهنجي رت جي وسيلي پنهنجي چونڊيل ماڻهن کي مخصوص ۽ پوِتر ڪري.

13 سو اچو تہ اسين سندس خواري پاڻ تي کڻي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر هن وٽ هلون.

14 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ڌرتيءَ تي اسان جو ڪو قائم رهڻ وارو شهر ڪونهي. ان جي بدران اسين اهڙي شهر جا خواهشمند آهيون جيڪو آئندہ ملڻ وارو آهي.

15 تنهنڪري اچو تہ اسين يسوع جي وسيلي ايشور آڏو سدائين سندس مهما جو ٻليدان ڪندا رهون، يعني انهيءَ زبان جو ڦل ڀيٽا ڪريون، جيڪا سندس نالي جو اقرار ٿي ڪري.

16 ان سان گڏوگڏ اوهين ڀلائي ڪرڻ ۽ مليل آسيسن ۾ ٻين کي شريڪ ڪرڻ کي نہ وساريو، ڇاڪاڻ تہ اهڙا ٻليدان ايشور کي پسند آهن.

17 اوهين پنهنجي اڳواڻن تي اعتماد رکندي سندن وس هيٺ رهو، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان جي آتمڪ فائدي لاءِ سجاڳ ٿا رهن ۽ ايشور وٽ انهيءَ جو حساب ڏيڻ جا ذميوار آهن. سو اوهين ائين ڪريو، تہ جيئن هو اها ذميواري خوشيءَ سان پوري ڪن نڪي رنج سان، نہ تہ اوهان کي ڪو فائدو نہ ٿيندو.

18 اسان جي لاءِ پرارٿنا ڪندا رهو، اهو اعتماد رکندي تہ اسان جي نيت صاف آهي ۽ اسين هر طرح سان نيڪيءَ وارو جيون گذارڻ ٿا چاهيون.

19 آءٌ اوهان کي خاص طور منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پرارٿنا ڪريو، تہ جيئن آءٌ جلد اوهان وٽ وري اچي سگھان.


آخر ۾ نمسڪار ۽ پرارٿنا

20 هاڻ شانتي بخشيندڙ ايشور جنهن رڍن جي مهان ڌنار، يعني اسان جي پرڀو يسوع کي سندس رت سان ٻڌل امر وچن جي وسيلي مئلن مان وري جيوت ڪري اٿاريو،

21 شل سو ئي اوهان کي هر چڱي آسيس بخشي ڪامل بڻائي، تہ جيئن اوهين سندس مرضي پوري ڪريو. شل هو يسوع مسيح جي وسيلي اسان سڀني ۾ اهو ڪجھہ پيدا ڪري جيڪو کيس پسند آهي. سندس مهانتا جي مهما هميشہ ٿيندي رهي. آمين.

22 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ نصيحت جي هنن ڳالهين تي صبر سان پوريءَ طرح غور ڪريو. حقيقت ۾ مون اوهان ڏانهن اهي مختصر طور لکيون آهن.

23 آءٌ اوهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان تہ اسان جي وشواسي ڀاءُ تيمٿيس کي آزاد ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن هو جلد مون وٽ آيو تہ هو بہ مون سان گڏ اچي اوهان سان ملندو.

24 پنهنجي اڳواڻن سميت مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن سڀني کي نمسڪار ڏجو. اٽليءَ وارا وشواسي بہ اوهان کي نمسڪار ٿا چون.

25 شل اوهان سڀني تي ڪرپا ٿيندي رهي. آمين.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ