اِفسين 5 - Hindu Sindhi Bible1 مطلب تہ اوهين ايشور جا پيارا ٻار هئڻ جي حيثيت سان سندس پيروي ڪريو. 2 اوهين پيار ڀريو جيون گذاريو، جيئن مسيح اسان سان پيار ڪندي اسان جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي ايشور جي آڏو خوشبودار ڀيٽا طور ٻليدان ڪري ڇڏيو. روشنيءَ ۾ جيون گذارڻ 3 جيئن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ مناسب آهي، تيئن اوهان ۾ زناڪاري، ڪنهن بہ قسم جي حرامڪاري يا لالچ جو نالو بہ نہ هئڻ کپي. 4 انهيءَ سان گڏ نالائقيءَ واريون هي ڳالهيون بہ نہ ڪرڻ کپن، جهڙوڪ: بيشرميءَ وارو ڳالهائڻ، اجائي بڪ بڪ ڪرڻ ۽ گندي چرچي بازي. اٽلندو شڪرگذاري ڪرڻ کپي. 5 ياد رکو تہ ڪوبہ زناڪار يا ڪوبہ حرامڪار يا ڪوبہ لالچي ماڻهو جيڪو بتن جي پوجاريءَ جي برابر آهي، تنهن جو مسيح ۽ ايشور جي راڄ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي. 6 خبردار، متان اهڙن ماڻهن جي اجاين ڳالهين سان اوهين ٺڳجي وڃو، ڇاڪاڻ تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري نافرمانن تي ايشور جو ڏمر پرگھٽ ٿئي ٿو. 7 تنهنڪري اوهين انهن سان شريڪ نہ ٿيو. 8 ياد رکو تہ اڳي اوهين اوندهہ مثل هئا، پر هاڻي پرڀو يسوع جا هئڻ ڪري روشنيءَ مثل آهيو. سو اوهين روشنيءَ وارن جي راهہ تي هلو، 9 ڇاڪاڻ تہ روشنيءَ جو ڦل هر طرح جي چڱائي، سچائي ۽ حق سچ آهي. 10 اهڙو جيون گذاريندي اوهين پرکيندا رهو تہ پرڀو يسوع کي ڪهڙي ڳالهہ پسند آهي. 11 اونداهيءَ جي اجاين ڪمن سان ڪو واسطو نہ رکو، پر اٽلندو انهن تي ڦٽڪار وجھو، 12 ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪم نافرمان لڪي ڇپي ڪن ٿا، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم جهڙي ڳالهہ آهي. 13 پر سڀڪا شيءِ جيڪا ڦٽڪار هيٺ اچي ٿي سا انهيءَ روشنيءَ جي ڪري پڌري ٿي پوي ٿي، 14 ڇاڪاڻ تہ اها روشني هر شيءِ کي روشن ڪري ٿي. انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جيوت ٿي اُٿ، تہ مسيح جي روشني تو تي چمڪندي.“ 15 تنهنڪري تمام خبرداريءَ سان ڏسو تہ ڪيئن ٿا جيون گذاريو. مورکن وانگر نہ گذاريو، پر ڏاهن وانگر 16 نيڪي ڪرڻ جو ڪوبہ موقعو هٿان نہ وڃايو، ڇاڪاڻ تہ زمانو خراب آهي. 17 انهيءَ ڪري مورک نہ ٿيو، پر سمجھو تہ پرڀو يسوع جي مرضي ڪهڙي آهي. 18-19 مئي پي الوٽ نہ ٿيو، ڇوجو انهيءَ سان بياحتياطي پيدا ٿئي ٿي. پر اٽلندو پاڻ ۾ زبور، ڀڄن ۽ آتمڪ گيت دل سان پرڀوءَ جي مهما ۾ ڳائيندي وڄائيندي پوِتر آتما سان ڀرپور ٿيندا وڃو. 20 هميشہ سڀني ڳالهين لاءِ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي نالي ۾ ايشور پتا جو شڪر ادا ڪندا رهو. پوِتر آتما سان ڀرپور منڊليءَ وارن جو هڪٻئي سان رويو 5:21–6:9 21 مسيح جي ادب جي ڪري اوهين هڪٻئي جي وس هيٺ رهو. (پتني ۽ پتي) 22 تنهنڪري اي پتنيؤ! اوهين پنهنجن پتين جي اهڙيءَ طرح وس هيٺ رهو جهڙيءَ طرح پرڀو يسوع جي، 23 ڇاڪاڻ تہ پتي پتنيءَ جو مٿو آهي، جيئن مسيح پنهنجي شرير يعني منڊليءَ جو مٿو ۽ ان جو بچائيندڙ آهي. 24 سو جيئن منڊلي مسيح جي وس هيٺ آهي، تيئن پتنين کي بہ هر ڳالهہ ۾ پنهنجن پتين جي وس هيٺ رهڻ گھرجي. 25 ساڳيءَ طرح اي پتيؤ! اوهين پنهنجين پتنين سان پيار ڪريو، جهڙيءَ طرح مسيح منڊليءَ سان پيار ڪيو ۽ ان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏيائين. 26 هن انهيءَ ڪري ائين ڪيو تہ جيئن منڊليءَ کي خوشخبريءَ جي وسيلي پاڻيءَ سان اشنان ڪرائي صاف ڪري مخصوص ۽ پوِتر بڻائي. 27 هن جو مقصد هو تہ هڪڙي اهڙي شاندار منڊلي پنهنجي اڳيان پيش ڪري، جنهن تي ڪوبہ داغ يا گھنج يا اهڙي ڪا ٻي شيءِ نہ هجي، بلڪ اها پوِتر ۽ بيعيب هجي. 28 سو پتين کي بہ پنهنجين پتنين سان اهڙيءَ طرح پيار ڪرڻ کپي، جهڙيءَ طرح هو پنهنجن شريرن سان ڪن ٿا. جيڪو پنهنجي پتنيءَ سان پيار ڪري ٿو سو پنهنجو پاڻ سان پيار ڪري ٿو. 29 ڏسو، ڪوبہ ماڻهو پنهنجي شرير کان ڪڏهن بہ نفرت نہ ٿو ڪري، اٽلندو انهيءَ کي اهڙي نموني کارائي پيئاري ٿو ۽ انهيءَ جي پالنا ڪري ٿو، جهڙي نموني مسيح منڊليءَ کي سنڀالي ٿو، 30 ڇاڪاڻ تہ اها سندس شرير آهي ۽ اسين انهيءَ شرير جا عضوا آهيون. 31 پتي پتنيءَ بابت پوِتر شاستر ۾ انهيءَ ڪري ئي لکيو ويو آهي تہ ”مرد پنهنجي ماتا پتا کي ڇڏي پنهنجي پتنيءَ سان گڏجي رهندو ۽ ٻئي هڪ شرير ٿي ويندا.“ 32 اهو هڪڙو وڏو ڀيد آهي. پر هتي آءٌ چوان ٿو تہ انهيءَ ڀيد جو واسطو مسيح ۽ منڊليءَ سان آهي. 33 اهو اوهان سان بہ واسطو رکي ٿو تہ اوهان مان هر هڪ پتيءَ کي پنهنجي پتنيءَ سان اهڙو پيار ڪرڻ گھرجي جهڙو پيار هو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ پتنيءَ کي بہ پنهنجي پتيءَ جو ادب ڪرڻ گھرجي. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society