سنتن جا ڪم 2 - Hindu Sindhi Bibleپوِتر آتما جو پرگھٽ ٿيڻ 1 جڏهن پنتيڪُست جي تهوار جو ڏينهن آيو، تڏهن سڀيئي وشواسي اچي هڪڙي هنڌ گڏ ٿيا. 2 اوچتو ئي آڪاش مان هڪ آواز آيو ۽ اهو آواز تيز هوا جي گھوگھٽ جهڙو هو، جنهن سان اها سڄي جاءِ جنهن ۾ هو ويٺا هئا گونجڻ لڳي. 3 تڏهن انهن کي باهہ جهڙيون ڄڀون نظر آيون جيڪي ڌار ڌار ٿي هر هڪ تي اچي ويٺيون. 4 اهي سڀيئي پوِتر آتما سان ڀرجي ويا ۽ انهيءَ جي شڪتيءَ سان ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا. 5 ان وقت سنسار جي هر هڪ ملڪ مان ڌرمي يهودي يروشلم ۾ رهيل هئا. 6 انهن جڏهن اهو آواز ٻڌو تہ اهي وڏي ميڙ جي صورت ۾ اچي گڏ ٿيا. هو سڀيئي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ انهن کي ڳالهائيندي ٻڌو. 7 انهن کي حيرت وٺي ويئي ۽ عجب ۾ پئجي چوڻ لڳا تہ ”هي ماڻهو جيڪي ائين ٿا ڳالهائين، ڇا اهي سڀ گليلي نہ آهن؟ 8 پوءِ ڪيئن اسان مان هر ڪو انهن کان پنهنجي پنهنجي مادري زبان ٿو ٻڌي؟ 9 ڇاڪاڻ تہ اسين پارٿين، مادئين ۽ عيلامين جي ملڪن ۾ رهندڙ توڙي مسوپتاميہ، يهوديہ، ڪپدُڪيا، پنطس، آسيا، 10 فروگيا، پمفيليا ۽ مصر جي علائقن وارا ۽ لبيا ۾ ڪريني شهر جي آسپاس رهندڙ آهيون. ان کان علاوہ روم کان آيل مسافر، 11 جيڪي ڄائي ڄم جا يهودي توڙي اهي غير قوم وارا جيڪي يهودي ڌرم ۾ شامل ٿيل آهن ۽ ڪي ڪريتي ۽ عرب آهن. ان جي باوجود اسين انهن کي پنهنجين پنهنجين ٻولين ۾ ايشور جي وڏن وڏن ڪمن جو بيان ڪندي ٿا ٻڌون.“ 12 سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ مونجھڪاري وچان هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هن جو مطلب ڇا آهي؟“ 13 پر انهن مان ڪي وري ٺٺوليون ڪندي چون پيا تہ ”اهي سڀ مئي جي نشي ۾ آهن.“ پطرس جو اُپديش 14 پوءِ پطرس ٻين يارهن سنتن سان گڏ اُٿي بيٺو ۽ وڏي آواز ۾ ماڻهن سان ڳالهائيندي چيائين تہ ”اي يهودي دوستؤ ۽ يروشلم جا ٻيا سڀيئي رهواسيؤ! جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ڪن ڏيئي ٻڌو. 15 هي ماڻهو مئي پي نشي ۾ نہ آهن جيئن اوهين سمجھو ٿا، ڇو تہ صبح جا اڃا نوَ ئي مس ٿيا آهن. 16 پر هن مان اها ڳالهہ پوري ٿئي ٿي جيڪا سنديش ڏيندڙ سنت يوايل جي معرفت ايشور فرمائي هئي تہ 17 ’پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو آءٌ پنهنجي آتما سڀني ماڻهن تي پرگھٽ ڪندس، تڏهن اوهان جا پٽ ۽ ڌيئرون منهنجو سنديش ٻڌائيندا. اوهان جا جوان توڙي پوڙها سچا خواب ۽ درشن ڏسندا. 18 بلڪ انهن ڏينهن ۾ آءٌ داس توڙي داسيءَ تي بہ پنهنجي آتما پرگھٽ ڪندس، سي بہ منهنجو سنديش ٻڌائيندا، ڇاڪاڻ تہ اهي منهنجا آهن. 19 آءٌ مٿي آڪاش ۾ عجب جهڙا ڪم ۽ هيٺ ڌرتيءَ تي چمتڪار ڏيکاريندس، جهڙوڪ: رت، باهہ ۽ گھاٽو دونهون. 20 تڏهن سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ رت جهڙو ڳاڙهو ٿي پوندو. هائو، اهو سڀ مون پرميشور جي مهان ۽ جوت واري ڏينهن جي اچڻ کان پهريائين ٿيندو. 21 ان وقت جيڪو بہ مون پرميشور جو نالو وٺي ٻاڏائيندو، سو بچي ويندو.‘“ 22 پطرس وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هي ڌيان سان ٻڌو تہ ايشور اوهان جي اڳيان يسوع ناصريءَ کي پنهنجي طرفان موڪليل طور ثابت ڪيو. ڏسو، ايشور انهيءَ جي هٿان چمتڪار، نشانيون ۽ عجب جهڙا ڪم اوهان جي اڳيان ڪري ڏيکاريا. اوهين اهو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا. 23 ايشور جي اڳي ئي رٿيل منصوبي ۽ ڄاڻ موجب يسوع کي اوهان جي حوالي ڪيو ويو. تڏهن اوهان هن کي غير يهودين جي هٿان سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻائي مارايو. 24 پر ايشور هن کي موت جي تڪليفن کان آزاد ڪندي وري جيوت ڪري ورتو، ڇاڪاڻ تہ اهو ناممڪن هو جو هو موت جي قبضي ۾ رهي. 25 سو راجا دائود اڳ ۾ ئي يسوع جا لفظ لکيا تہ ’مون تو پرميشور کي هر وقت پنهنجي اڳيان ڏٺو، ڇاڪاڻ تہ تون مون سان گڏ آهين، انهيءَ لاءِ تہ جيئن مون کي ڪو لوڏو نہ اچي. 26 تنهنڪري منهنجي دل خوش آهي ۽ منهنجي زبان خوشيءَ سان ڳالهائي ٿي، بلڪ منهنجو ناس ٿيندڙ شرير بہ اميد سان ڀريل رهندو. 27 يقين اٿم تہ تون منهنجي آتما کي آتمائن جي سنسار ۾ ڇڏي نہ ڏيندين، نڪي پنهنجي پوِتر داس کي ڳرڻ سڙڻ ڏيندين. 28 تو مون کي جيون جون واٽون ڏيکاريون آهن، ۽ تون مون کي پنهنجو درشن ڪرائي خوشيءَ سان ٽمٽار ڪري ڇڏيندين.‘ 29 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي ڏاڏي دائود بابت کُليو کُلايو ٻڌايان ٿو تہ هو مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو ۽ سندس قبر اسان وٽ اڄ تائين موجود آهي. 30 هو سنديش ڏيندڙ سنت هو ۽ ڄاتائين ٿي تہ ايشور هن سان قسم کڻي انهيءَ ڳالهہ جو وچن ڪيو هو تہ ’آءٌ تنهنجي اولاد مان هڪڙي کي تنهنجي تخت تي ويهاريندس.‘ 31 دائود اڳي ئي ڄاتو پئي تہ ايشور ڇا ڪندو، تنهنڪري هن مسيح جي وري جيوت ٿيڻ بابت اڳڪٿي ڪندي ائين چيو تہ مسيح نڪي آتمائن جي سنسار ۾ ڇڏيو ويندو ۽ نہ وري سندس شرير ڳري سڙي ويندو. 32 انهيءَ ئي يسوع کي ايشور جيوت ڪيو ۽ اسين سڀ ان ڳالهہ جا شاهد آهيون. 33 هو پنهنجي پتا يعني ايشور جي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو ويو آهي، جنهن کان وچن ڪيل پوِتر آتما وٺي هن اها اسان تي پرگھٽ ڪئي آهي، جنهن جو اثر اوهين هاڻي ڏسو ۽ ٻڌو ٿا. 34 دائود پاڻ آڪاش ڏانهن کڄي نہ ويو، سو هو پاڻ بابت نہ ٿو چوي جڏهن هن هيئن چيو تہ ’پرڀو پرميشور منهنجي پرڀوءَ کي چيو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، 35 جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘ 36 سو بني اسرائيل جي پوري قوم يقيني طور ڄاڻي ڇڏي تہ اهو يسوع، جنهن کي اوهان سوليءَ تي چاڙهي ماري ڇڏيو، ايشور تنهن کي پرڀو بہ ڪيو آهي ۽ مسيح بہ.“ 37 جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو تہ اها ڳالهہ سندن دلين ۾ چڀي ويئي. سو هنن پريشان ٿي پطرس ۽ ٻين سڀني سنتن کي چيو تہ ”ڀائرؤ! اسين هاڻي ڇا ڪريون؟“ 38 تنهن تي پطرس کين چيو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پاپن جي معافيءَ لاءِ يسوع مسيح جي نالي تي بپتسما وٺي. تڏهن اوهان کي ايشور جي بخشش يعني پوِتر آتما بخشي ويندي. 39 ايشور جو پوِتر آتما ڏيڻ وارو اهو وچن اوهان جي لاءِ، اوهان جي اولاد جي لاءِ ۽ انهن سڀني جي لاءِ بہ آهي جيڪي پري آهن، يعني اهي سڀ جن کي پرڀو، اسان جو ايشور پاڻ ڏانهن سڏيندو.“ 40 پطرس انهن کي ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون ٻڌايون ۽ کين خبردار ڪيائين تہ ”پاڻ کي هن بڇڙي زماني کان بچايو.“ 41 انهيءَ ڏينهن جن پطرس جي سنديش کي قبول ڪيو، سي بپتسما وٺي وشواسين ۾ شامل ٿي ويا. اهي اٽڪل ٽي هزار ماڻهو هئا. 42 اهي پنهنجو وقت سنتن کان سکڻ، هڪٻئي جي سنگت ۾ رهڻ، گڏجي رسوئي کائڻ ۽ پرارٿنا ڪرڻ ۾ گذارڻ لڳا. وشواسين جي هلت چلت 43 جيئن تہ سنتن ڪيترائي چمتڪار ۽ عجب جهڙا ڪم ڪيا، سو سڀيئي ماڻهو ايشور جو خوف ڪرڻ لڳا. 44 جن يسوع مسيح تي وشواس آندو هو، سي سڀ گڏ گذارڻ لڳا ۽ هڪٻئي جي شين ۾ ڀائيوار ٿي رهندا هئا. 45 اهي پنهنجو مال ملڪيت وڪڻي پئسا پاڻ ۾ ورهائيندا هئا ۽ هر هڪ کي پنهنجي گھرج آهر ملندو هو. 46 اهي هر روز هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف گھرن ۾ وڃي خوشيءَ ۽ صافدليءَ سان گڏجي کائيندا پيئندا هئا. 47 هو ايشور جي مهما ڪندا هئا ۽ سڀني ماڻهن جو مٿن راضپو هو. پرڀو يسوع ڏينهون ڏينهن مڪتي حاصل ڪندڙن جي منڊليءَ ۾ واڌارو ڪندو ٿي رهيو. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society