Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

سنتن جا ڪم 19 - Hindu Sindhi Bible


(پولس اِفسس شهر ۾)

1 اپلوس اڃا اخيا جي شهر ڪرنٿس ۾ ئي هو تہ پولس مٿين علائقن مان ٿيندو اِفسس ۾ اچي پهتو ۽ اتي ڪن وشواسين سان مليو.

2 هن کانئن پڇيو تہ ”جڏهن اوهان مسيح تي وشواس آندو هو تہ اوهان کي پوِتر آتما ملي هئي يا نہ؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”اسان تہ پوِتر آتما جو نالو ئي نہ ٻڌو آهي.“

3 پولس پڇين تہ ”پوءِ اوهان ڪهڙي بپتسما ورتي؟“ انهن جواب ڏنس تہ ”يوحنا واري بپتسما.“

4 تنهن تي پولس کين چيو تہ ”يوحنا تہ ماڻهن کي توبهہ واري بپتسما ڏيندي هي چوندو هو تہ ’جيڪو مون کان پوءِ ايندو تنهن تي وشواس آڻجو،‘ يعني يسوع تي.“

5 اهو ٻڌي هنن پرڀو يسوع جي نالي تي بپتسما ورتي.

6 تڏهن پولس پنهنجا هٿ انهن تي رکيا تہ پوِتر آتما مٿن پرگھٽ ٿي ۽ هو جدا جدا ٻوليون ڳالهائڻ ۽ ايشور جو سنديش ٻڌائڻ لڳا.

7 اهي سڀيئي اٽڪل ٻارهن ڄڻا هئا.

8 پولس ٽن مهينن تائين يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي بي‌ڊپو ٿي ڳالهائيندو هو. هو ماڻهن سان ايشور جي راڄ بابت بحث ڪندو هو ۽ کين مڃائڻ جي ڪوشش ڪندو هو.

9 پر جڏهن ڪن ماڻهن ضد ڪندي وشواس نہ آندو، بلڪ کُليو کُلايو پرڀو يسوع جي انهيءَ رستي خلاف نندا ڪرڻ لڳا، تڏهن پولس کين ڇڏي ڏنو ۽ وشواسين کي هنن کان الڳ ڪري ڇڏيو. هاڻ هو تُرنس جي وڏي هال ۾ وڃي روزانو بحث مباحثو ڪندو هو.

10 اهو سلسلو ٻن سالن تائين هلندو رهيو ۽ جيڪي آسيا صوبي جا يهودي ۽ غير قوم وارا هئا تن سڀني مسيح بابت پرميشور جو سنديش پئي ٻڌو.


(سِڪوا جا پٽ)

11 ايشور پولس جي معرفت عجيب نموني سان چمتڪار ڏيکاريندو هو.

12 ايتري قدر جو جيڪڏهن رومال يا ڪوبہ ڪپڙو پولس جي شرير کي ڇهي کڻي وڃي بيمارن کي لائيندا هئا تہ انهن کي بيماري ڇڏي ويندي هئي ۽ ڀوتن ورتل ماڻهن مان ڀوت نڪري ويندا هئا.

13 تڏهن هنڌ هنڌ ڦرڻ وارا ڪي يهودي ڀوپا بہ پرڀو يسوع جي نالي تي ماڻهن مان ڀوت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. اهي ڀوتن کي ڪڍڻ وقت هيئن چوندا هئا تہ ”آءٌ تو کي يسوع جو واسطو ٿو ڏيان، جنهن جو پولس پرچار ڪري رهيو آهي.“

14 سِڪوا نالي هڪڙي يهودي سردار ڪاهن جي ستن پٽن بہ هڪ دفعي ائين پئي ڪيو تہ

15 ڀوت وراڻين تہ ”يسوع کي تہ آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ پولس کي بہ سڃاڻان ٿو، پر اوهين ڪير آهيو؟“

16 پوءِ جنهن شخص ۾ ڀوت هو، تنهن سٽ ڏيئي کين سوگھو ڪيو ۽ ڌڪ هڻي ڪپڙا ڦاڙي لاٿائين. تڏهن اهي سڀيئي زخمي ٿي انهيءَ گھر مان وٺي ڀڳا.

17 اِفسس ۾ رهندڙ سڀني يهودين ۽ غير قوم وارن جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ کين ڊپ وٺي ويو. ائين پرڀو يسوع جي نالي جي مهانتا ٿيڻ لڳي.

18 جن مٿس وشواس آندو هو تن مان ڪيترن ئي کُلي‌عام پنهنجا ڪيل بڇڙا ڪم باسيا.

19 انهن مان ڪيترائي جيڪي جادوگري ڪندا هئا، تن پنهنجا پنهنجا شاستر آڻي گڏ ڪري سڀني ماڻهن جي اڳيان ساڙي ڇڏيا. انهن شاسترن جي رقم جوڙي ويئي تہ اها پنجاهہ هزار چانديءَ جا سڪا ٿي.

20 اهڙيءَ طرح مسيح بابت ايشور جو سنديش بيحد پکڙبو ۽ زور وٺندو ويو.


(اِفسس ۾ هنگامو)

21 هنن ڳالهين جي ٿيڻ کان پوءِ پولس ارادو ڪيو تہ هو يونان جي صوبن مڪدُنيا ۽ اخيا مان ٿيندو يروشلم وڃي. هن وڌيڪ هي بہ فيصلو ڪيو تہ ”اتي وڃڻ کان پوءِ مون کي روم بہ ضرور وڃڻ گھرجي.“

22 سو هن پنهنجي مددگارن مان ٻن ڄڻن تيمٿيس ۽ اراستس کي اڳواٽ مڪدُنيا صوبي ڏانهن موڪليو ۽ پاڻ ڪجھہ وڌيڪ عرصو آسيا صوبي ۾ رهي پيو.

23 انهن ڏينهن ۾ اِفسس ۾ پرڀو يسوع وارو رستو اختيار ڪرڻ جي ڪري ڏاڍي گڙٻڙ متل هئي.

24 ديميتريُس نالي هڪڙو سونارو ارتمس ديويءَ جا چانديءَ جا ننڍڙا مندر ٺاهيندو هو. هن جي ڌنڌي جي ڪري ڪاريگرن کي ڏاڍو فائدو هوندو هو.

25 سو هن انهن ڪاريگرن ۽ اهڙو ڪم ڪندڙ ٻين سڀني کي گڏ ڪري چيو تہ ”اي ڀائرؤ! اوهين ڄاڻو ٿا تہ هن ڌنڌي مان ئي اسان جو گذر سفر ٿي رهيو آهي.

26 اوهين پاڻ ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا تہ نہ رڳو اِفسس ۾، بلڪ سڄي آسيا صوبي ۾ هن شخص پولس گھڻن ماڻهن کي برغلائي ڀَٽڪائي ڇڏيو آهي. هو چئي رهيو آهي تہ ’ماڻهن جا ٺاهيل هي بت ايشور هرگز نہ آهن.‘

27 سو نہ رڳو اهو خطرو آهي جو اسان جو هي ڌنڌو خراب ٿي ويندو، بلڪ اهو بہ انديشو آهي تہ متان مهاديوي ارتمس جو مندر بہ ڪين جهڙو ليکجڻ ۾ اچي ۽ جنهن ديويءَ جي پوجا آسيا صوبي توڙي سڄي سنسار جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڪئي وڃي ٿي، تنهن جي مهانتا ختم نہ ٿي وڃي.“

28 اهو ٻڌي هو ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويا ۽ رڙيون ڪندي نعرا هڻڻ لڳا تہ ”اِفسين جي ديوي ارتمس مهان آهي!“

29 سڄي شهر ۾ هُل مچي ويو. گيُس ۽ ارسترخس، جيڪي مڪدُنيا جا رهاڪو هئا ۽ پولس سان گڏ سفر ڪري رهيا هئا، تن کي ماڻهن جي هڪ ميڙ گڏجي پڪڙي تماشہ‌گاهہ ۾ آندو.

30 پولس جي مرضي هئي تہ هو اوڏانهن وڃي، پر وشواسين وڃڻ نہ ڏنس.

31 آسيا صوبي جي وڏن عملدارن مان ڪن جيڪي سندس ڀلو چاهيندڙ هئا، تن چوائي موڪليس ۽ منٿ ڪيائونس تہ ”متان تماشہ‌گاهہ ۾ وڃي پنهنجي جان جوکي ۾ وجھو.“

32 انهيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون هيون، ڪي واڪو ڪري هڪ ڳالهہ پيا چون تہ ٻيا وري ٻي ڳالهہ. گھڻن کي تہ اها بہ سڌ نہ هئي تہ هو ڇا لاءِ اچي گڏ ٿيا آهن.

33 آخرڪار ماڻهن مان ڪن جو هي خيال هو تہ سڪندر نالي شخص ئي ذميوار آهي، ڇاڪاڻ تہ يهودين کيس اڳ ۾ ڪيو هو. پوءِ سڪندر هٿ سان اشارو ڪري ڪوشش ڪئي تہ ماڻهن اڳيان صفائيءَ ۾ ڪجھہ ڳالهائي.

34 پر جڏهن انهن کي خبر پيئي تہ هي يهودي آهي تڏهن سڀيئي گڏجي اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين ساڳيا ئي نعرا هڻندا رهيا تہ ”اِفسين جي ديوي ارتمس مهان آهي!“

35 آخرڪار شهر جي مکيہ عملدار ميڙ کي ماٺ ڪرائي چيو تہ ”اي اِفسس جا رهاڪؤ! هر انسان ڄاڻي ٿو تہ اِفسس جو شهر مهاديوي ارتمس جي مندر جو سنڀاليندڙ آهي ۽ ان جو پٿر بہ آڪاش مان هتي پرگھٽ ٿيو هو.

36 انهن ڳالهين کان ڪوبہ انڪار ڪري نہ ٿو سگھي. تنهنڪري اوهان کي گھرجي تہ ٿڌا ٿيو ۽ اُٻهرا ٿي ڪجھہ بہ نہ ڪريو.

37 جن ماڻهن کي اوهين هتي وٺي آيا آهيو، سي نہ مندرن کي لٽڻ ڦرڻ وارا آهن، نڪي اسان جي ديويءَ جي خلاف نندا ڪن ٿا.

38 تنهنڪري ديميتريُس ۽ ساڻس گڏ ڌنڌو ڪندڙن کي جيڪڏهن ڪنهن تي ڪا دعويٰ ڪرڻي آهي تہ ڪورٽ کُلي پيئي آهي ۽ جج ويٺا آهن، ڀلي تہ وڃي ڪيس ڪن.

39 پر جيڪڏهن اوهان کي ڪن ٻين ڳالهين جي صفائي وٺڻي آهي تہ انهيءَ جو فيصلو باقاعدي گڏجاڻيءَ ۾ ڪري سگھجي ٿو.

40 اڄ شهر ۾ جيڪو هنگامو ٿيو آهي، انديشو آهي تہ انهيءَ جي ذميواري اسان تي اچي سگھي ٿي. جيئن تہ هن هنگامي جو ڪو سبب ئي نہ ٿو نظر اچي، سو اسين انهيءَ لاءِ ڪا ثابتي ڏيئي نہ ٿا سگھون.“

41 ائين چئي هن ماڻهن کي روانو ڪيو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ