Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

سنتن جا ڪم 18 - Hindu Sindhi Bible


(ڪرنٿس شهر ۾)

1 انهن ڳالهين کان پوءِ پولس اٿينس مان روانو ٿي ڪرنٿس شهر ۾ اچي پهتو.

2 اتي هن کي اڪولا نالي هڪڙو يهودي ۽ سندس پتني پرسڪلا مليا، جيڪي پنطس علائقي جا رهاڪو هئا ۽ تازو ئي اِٽليءَ مان آيا هئا، ڇاڪاڻ تہ قيصر ڪلوديُس حڪم ڏنو هو تہ سڀ يهودي روم شهر مان نڪري وڃن. پولس انهن ڏانهن ويو

3 ۽ جيئن تہ ٻنهي جو تنبن ٺاهڻ وارو ساڳيو ئي ڌنڌو هو، تنهنڪري پولس انهن سان گڏ رهيو ۽ اهي گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا.

4 هو هر سبت جي ڏينهن تي يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويندو هو ۽ بحث ڪري يهودين ۽ يونانين کي مڃائڻ جي ڪوشش پيو ڪندو هو.

5 جڏهن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدُنيا مان اچي اتي پهتا تڏهن پولس پنهنجو پورو وقت پرچار ۾ گذارڻ لڳو. هن يهودين کي انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي پئي چيو تہ يسوع ئي مسيح آهي.

6 جڏهن هو سندس خلاف ٿي پيا ۽ کيس گھٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا تہ هن پنهنجا ڪپڙا ڇنڊيندي کين چيو تہ ”اوهين پنهنجي تباهيءَ جا ذميوار پاڻ آهيو، منهنجو ڪوبہ واسطو نہ آهي. اڄ کان پوءِ آءٌ غير قومن ڏانهن ويندس.“

7 پوءِ هو اتان روانو ٿي طيطس يوستس نالي هڪڙي شخص جي گھر اچي رهيو، جيڪو ايشور ڀڳت غير يهودي هو ۽ جنهن جو گھر يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ جي ڀرسان هو.

8 ڀڳتيءَ واري جاءِ جي اڳواڻ ڪرسپس پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت پرڀو يسوع تي وشواس آندو. ڪرنٿس جي ٻين بہ ڪيترن ئي رهاڪن پولس جو سنديش ٻڌي وشواس آندو ۽ بپتسما ورتائون.

9 هڪڙيءَ رات پولس کي درشن ڏنو ويو، جنهن ۾ پرڀو يسوع کيس چيو تہ ”ڊڄ نہ، ٻڌائيندو رهہ ۽ بس نہ ڪر.

10 جيئن تہ آءٌ تو ساڻ آهيان، سو ڪوبہ ماڻهو حملو ڪري تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو، ڇو تہ هن شهر ۾ منهنجا گھڻا ئي ماڻهو آهن.“

11 سو هو ڏيڍ سال اتي رهيو ۽ ماڻهن کي مسيح بابت ايشور جي سنديش جي سکيا ڏيندو رهيو.

12 پر جڏهن گَليو نالي هڪ شخص يونان جي صوبي اخيا جو گورنر بڻيو، تڏهن يهودين پاڻ ۾ گڏجي پولس تي حملو ڪيو ۽ کيس پڪڙي گورنر جي درٻار ۾ وٺي آيا.

13 اهي گورنر کي چوڻ لڳا تہ ”هي اهو شخص آهي جيڪو ماڻهن کي اهڙي نموني ڀڳتي ڪرڻ ٿو سيکاري، جيڪا قانون جي خلاف آهي.“

14 پولس ڳالهائڻ تي هو، پر گورنر گَليوءَ يهودين کي چيو تہ ”اي يهودي قوم وارؤ! جيڪڏهن اها ڪا ظلم زبردستيءَ جي يا ڪا وڏي ڏوهہ جي ڳالهہ هجي ها تہ پوءِ واجب هو جو آءٌ صبر سان اوهان جي ڳالهہ ٻڌان ها.

15 پر جڏهن تہ هي اهڙا الزام آهن جن جو واسطو رڳو لفظن، نالن ۽ خاص اوهان جي نيم سان آهي تہ پوءِ اوهين ڄاڻو، اوهان جو ڪم ڄاڻي. آءٌ اهڙين ڳالهين جو فيصلو ڪرڻ نہ ٿو چاهيان.“

16 سو هن کين درٻار مان ڀڄائي ڪڍيو.

17 تنهن تي انهن سڀني گڏجي ڀڳتيءَ واري جاءِ جي اڳواڻ سوسٿنيس کي پڪڙي کيس درٻار جي اڳيان مار ڪُٽ ڪئي. پر گَليوءَ کي انهن ڳالهين جي ڪابہ پرواهہ ڪانہ هئي.


(انطاڪيا شهر ڏانهن واپسي)

18 ان کان پوءِ بہ پولس ڪيترائي ڏينهن ڪرنٿس ۾ رهيو. پوءِ وشواسين کان موڪلائي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي پرسڪلا ۽ اڪولا سان گڏ شام صوبي ڏانهن روانو ٿيو. سفر کان اڳ هن بندرگاهہ واري شهر ڪنخريا ۾ پنهنجو مٿو ڪوڙايو، ڇاڪاڻ تہ هن هڪ باس باسي هئي.

19 جڏهن اهي اِفسس شهر ۾ پهتا تہ پولس پرسڪلا ۽ اڪولا کان موڪلايو. پوءِ پاڻ يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويو جتي يهودين سان بحث مباحثو ڪرڻ لڳو.

20 ان بعد هنن کيس وينتي ڪئي تہ هو ڪجھہ عرصي تائين وٽن رهي، پر هن اها قبول نہ ڪئي.

21 پوءِ موڪلائڻ وقت هن کين چيو تہ ”ايشور گھريو تہ آءٌ ضرور موٽي ايندس.“ ائين چئي هو سامونڊي جهاز تي چڙهي اِفسس مان روانو ٿيو.

22 قيصريہ بندرگاهہ تي لهي هو يروشلم ڏانهن ويو ۽ اتي جي وشواسي منڊليءَ کي نمسڪار ڪري انطاڪيا ڏانهن روانو ٿي ويو.


پولس جو ٽيون پرچاري سفر 18‏:23‏–21‏:16

23 انطاڪيا ۾ ڪجھہ عرصو رهڻ کان پوءِ پولس اتان روانو ٿي گلتيا ۽ فروگيا جي علائقن مان لنگھندو پرڀو يسوع جي سڀني پوئلڳن جي وشواس کي مضبوط ڪندو ويو.


(اپلوس جو اِفسس ۾ سکيا ڏيڻ)

24 انهن ڏينهن ۾ اپلوس نالي هڪڙو يهودي جيڪو اسڪندريہ جو رهاڪو هو سو اِفسس ۾ آيو. هو هڪ سٺو تقرير ڪندڙ هو ۽ کيس پوِتر شاستر جي گھڻي ڄاڻ هئي.

25 جيئن تہ هن پرڀو يسوع واري رستي تي هلڻ جي سکيا حاصل ڪئي هئي، سو هو دلي جذبي سان يسوع جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ۽ يسوع بابت صحيح سکيا ڏيندو هو، جيتوڻيڪ کيس رڳو يوحنا واري بپتسما جي ڄاڻ هئي.

26 هو يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ بي‌ڊپو ٿي ڳالهائڻ لڳو. جڏهن پرسڪلا ۽ اڪولا هن جون ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن هن کي پاڻ وٽ وٺي آيا ۽ کيس مسيح بابت ايشور واري رستي جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ڏنائون.

27 جڏهن اپلوس جو يونان جي صوبي اخيا ڏانهن وڃڻ جو ارادو ٿيو تہ اتي جي وشواسين کيس همتائيندي يونان جي وشواسين ڏانهن خط لکي ڏنس تہ اهي يونان ۾ سندس آڌرڀاءُ ڪن. اپلوس اتي پهتو ۽ جن ماڻهن ايشور جي ڪرپا سان پرڀو يسوع تي وشواس آندو هو، تن جي وڏي همت‌افزائي ڪيائين،

28 ڇاڪاڻ تہ ماڻهن جي اڳيان بحث مباحثن ۾ هن مضبوط دليلن سان پوِتر شاستر مان اهو ثابت ڪيو تہ يسوع ئي مسيح آهي. ائين هن يهودين جا وات بند ڪري ڇڏيا.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ