2.ڪرنٿين 9 - Hindu Sindhi Bibleضرورتمند وشواسين لاءِ امداد 1 يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ امداد ڏيڻ واري سيوا بابت مون کي اوهان ڏانهن لکڻ جي ڪابہ ضرورت نہ آهي، 2 ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين مدد ڪرڻ لاءِ ڪيڏو نہ شوق رکو ٿا. انهيءَ ڪري آءٌ مڪدُنيا صوبي جي ماڻهن اڳيان اوهان تي فخر ٿو ڪريان تہ اوهين اخيا صوبي جا ماڻهو گذريل سال کان مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيو. اوهان جي انهيءَ سرگرميءَ جو ٻڌي انهن مان گھڻن ۾ مدد ڪرڻ جو جوش پيدا ٿيو آهي. 3 سو آءٌ طيطس وارن کي انهيءَ لاءِ موڪليان ٿو تہ جيڪو فخر آءٌ اوهان تي ڪريان ٿو سو هن ڳالهہ ۾ خالي لفظن وانگر ثابت نہ ٿئي، بلڪ جيئن مون چيو آهي تيئن ئي اوهين تيار رهجو. 4 ائين نہ ٿئي جو جيڪڏهن مڪدُنيا جا ڪي ماڻهو مون سان گڏ اچن ۽ اوهان کي تيار نہ ڏسن، تہ پوءِ اوهان تي ڪيل وشواس جي ڪري نہ رڳو اسان کي پر اوهان کي بہ شرمندو ٿيڻو پوي. 5 تنهنڪري مون طيطس وارن کي اهو تاڪيد ڪرڻ ضروري سمجھيو تہ هو اڳواٽ اوهان وٽ اچن ۽ جنهن امداد جو اوهان وچن ڪيو آهي، سا پهريائين گڏ ڪري رکن، تہ جيئن اها مجبوريءَ سان نہ بلڪ خوشيءَ سان ڏنل هجي. 6 ياد رکو، جيڪو ٿورو ٻج ٿو پوکي سو لڻندو بہ ٿورو ۽ جيڪو گھڻو ٿو پوکي سو لڻندو بہ گھڻو. 7 هر هڪ ماڻهو بغير ڪُرڪڻ ڪنجھڻ جي ۽ بغير ڪنهن لاچاريءَ جي اوترو ئي ڏئي جيترو هن دل ۾ ارادو ڪيو آهي، ڇو تہ ايشور خوشيءَ سان ڏيڻ واري سان پيار ٿو ڪري. 8 ايشور اوهان تي هر طرح جي ڪرپا وڌائي سگھي ٿو، تہ جيئن هر شيءِ اوهان وٽ هر وقت ۽ هر حالت ۾ اوهان جي ضرورت کان گھڻي هجي ۽ اوهين هر نيڪ ڪم ۾ وڌندا وڃو، 9 جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اهي جھجھائيءَ سان غريبن کي ڏين ٿا، انهن جي سخاوت هميشہ تائين قائم رهندي.“ 10 ايشور جيڪو پوکيندڙ کي ٻج ۽ کائڻ واري کي روٽي ٿو ڏئي، سو اوهان کي بہ پوکڻ لاءِ ٻج ڏيئي انهيءَ کي وڌائيندو ۽ اوهان جي سخاوت جي ڦل ۾ واڌارو آڻيندو. 11 ائين اوهين هر شيءِ ۾ مالا مال ٿي هر طرح جي امداد سخاوت سان ڏيندا، جيڪا اسان جي معرفت ضرورتمندن تائين پهچي ايشور جي شڪرگذاريءَ جو سبب بڻبي. 12 هائو، هن سيوا جي پوري ڪرڻ سان نہ رڳو يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جون گھرجون پوريون ٿينديون، بلڪ ايشور جي شڪرگذاري بہ وڌندي ويندي. 13 انهيءَ سيوا مان اهو ثابت ٿيندو تہ ڪيئن نہ اوهين مسيح بابت خوشخبريءَ کي قبول ڪرڻ جو اقرار ڪندي سندس وس هيٺ رهو ٿا. ضرورتمند اوهان جي انهيءَ فرمانبرداريءَ ڪري ايشور جي مهما ڪندا ۽ انهيءَ ڪري بہ تہ اوهين نہ رڳو هنن جي بلڪ سڀني ماڻهن جي سخاوت سان مدد ڪريو ٿا. 14 ان کان علاوہ اوهان تي ايشور جي انهيءَ مهان ڪرپا کي ڏسي هو اوهان لاءِ ڏاڍي چاهت سان پرارٿنا ڪندا. 15 بهرحال ايشور جي بخشش جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، تنهن لاءِ سندس شڪر آهي. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society