2.ڪرنٿين 8 - Hindu Sindhi Bibleسخاوت سان امداد ڏيڻ 1 هاڻ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي ايشور جي انهيءَ ڪرپا بابت ٻڌايون ٿا، جيڪا مڪدُنيا جي وشواسي منڊلين تي ٿي آهي. 2 اها هن ڳالهہ مان ظاهر ٿي جو مصيبت جي وڏي آزمائش ۾ انهن جي وڏي خوشيءَ ۽ بيحد غريبيءَ انهن ۾ امداد ڏيڻ جي سخاوت کي حد کان گھڻو وڌائي ڇڏيو. 3 آءٌ شاهدي ٿو ڏيان تہ انهن پنهنجي حيثيت آهر، بلڪ پنهنجي حيثيت کان بہ وڌيڪ ڏنو ۽ پاڻمرادو ڏنو. 4 هنن اسان کي ڏاڍي منٿ ڪندي وينتي ڪئي تہ ”مهرباني ڪري اسان کي اهو موقعو ڏنو وڃي تہ جيئن اسين يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ سيوا واري ڪم ۾ شريڪ ٿيون.“ 5 سو انهن پاڻ کي پهريائين پرڀو يسوع جي حوالي ۽ پوءِ ايشور جي مرضيءَ سان اسان جي حوالي ڪندي نہ رڳو ڏنو، بلڪ اسان جي اميد کان بہ وڌيڪ ڏنو. 6 تنهنڪري اسان طيطس کي هدايت ڪئي آهي تہ امداد ڏيارڻ وارو جيڪو ڪم هن اوهان کان شروع ڪيو هو سو پورو بہ ڪري. 7 جيئن تہ اوهين هر ڳالهہ يعني وشواس ۾، اُپديش ڏيڻ ۾، ڄاڻ توڙي هر طرح جي سرگرميءَ ۾ ۽ انهيءَ پريم ۾ جيڪو اسان سان رکو ٿا وڌندا ٿا وڃو، سو هن ڀلائيءَ واري ڪم ۾ بہ وڌندا وڃو. 8 آءٌ اهو اوهان کي حڪم ڏيندي نہ ٿو چوان، پر انهيءَ لاءِ چوان ٿو تہ ٻين جي سرگرميءَ جو مثال ڏيندي اوهان جي پريم جي سچائيءَ کي آزمايان. 9 ڏسو، اسان جي پرڀو يسوع مسيح اوهان سان ڪيڏي نہ سخاوت ڪئي آهي جو جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تڏهن بہ اوهان جي خاطر غريب بڻيو، تہ جيئن سندس غريب ٿي وڃڻ جي ڪري اوهين دولتمند ٿي وڃو. اهو تہ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا. 10 اوهين گذريل سال نہ رڳو امداد واري ان ڪم شروع ڪرڻ ۾ بلڪ انهيءَ جي ارادي ڪرڻ ۾ بہ پهريان هئا. انهيءَ ڳالهہ بابت آءٌ پنهنجي اها صلاح ٿو ڏيان، جيڪا اوهان جي لاءِ بهتر آهي 11 تہ هاڻي انهيءَ ڪم کي پورو ڪريو، تہ جيئن جيڪو ارادو اوهان شوق سان ڪيو هو سو اوهان جي حيثيت آهر ڏيڻ سان پورو بہ ٿي وڃي. 12 جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب ايشور سندس دان قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي. 13 آءٌ ائين نہ ٿو چاهيان تہ ٻين کي آرام ملي ۽ اوهان کي تڪليف ملي، پر هڪجهڙائي هجي. 14 هن وقت جيڪا اوهان وٽ گھڻائي آهي تنهن سان اوهين هنن جي گھرج پوري ڪريو ۽ جڏهن هنن وٽ گھڻائي ٿئي تہ اهي اوهان جي ڪمي پوري ڪندا. اهڙيءَ طرح هڪجهڙائي ٿي ويندي، 15 جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن گھڻو گڏ ڪيو تنهن وٽ وڌيڪ نہ بچيو ۽ جنهن ٿورو گڏ ڪيو تنهن وٽ گھٽتائي ڪانہ ٿي.“ طيطس ۽ ان جا ساٿي 16 ايشور جو شڪر آهي، جنهن طيطس جي دل ۾ بہ اوهان لاءِ اها ساڳي سرگرمي پيدا ڪئي آهي جيڪا مون ۾ آهي، 17 ڇاڪاڻ تہ طيطس نہ رڳو اسان جي هدايت کي مڃيو بلڪ ڏاڍي سرگرميءَ ۽ پنهنجي خوشيءَ سان اوهان ڏانهن اچي رهيو آهي. 18 هن سان گڏ اسين انهيءَ ڀاءُ کي بہ موڪليون ٿا، جنهن جي ساراهہ خوشخبري ڦهلائڻ جي ڪري وشواسين جي سڀني منڊلين ۾ ڪئي وڃي ٿي. 19 منڊليون نہ رڳو سندس ساراهہ ڪن ٿيون، بلڪ کيس مقرر ڪيو اٿائون تہ يروشلم ڏانهن دان کڻي وڃڻ واري اسان جي انتظام ۾ هو اسان سان گڏ بہ هلي. اسين هيءَ سيوا انهيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن انهيءَ منجھان پرميشور جي مهما ٿئي ۽ اسان جو شوق ظاهر ٿئي. 20 اسين احتياط ٿا ڪريون تہ انهيءَ جھجھي دان پهچائڻ واري انتظام جي باري ۾ ڪوبہ ماڻهو اسان کي الزام نہ ڏئي. 21 اسان جو مقصد هي آهي تہ اسين اهو ئي ڪجھہ ڪريون جيڪو نہ رڳو پرميشور جي نظر ۾ بلڪ ماڻهن جي نظر ۾ بہ چڱو آهي. 22 اسين انهن سان گڏ پنهنجي هڪڙي ٻئي ڀاءُ کي بہ اوهان ڏانهن موڪليون ٿا، جنهن کي اسان گھڻين ڳالهين ۾ ڪيترائي ڀيرا آزمائي سرگرم ڏٺو آهي. جيئن تہ کيس اوهان تي ڏاڍو ڀروسو آهي، تنهنڪري هو هاڻي وڌيڪ سرگرم آهي. 23 جيستائين طيطس جو واسطو آهي تہ هو منهنجو ساٿي ۽ اوهان منجھہ سيوا ڪرڻ ۾ مون سان گڏ آهي. باقي اسان جا هي ٻيا ڀائر منڊلين جا نمائندا ۽ مسيح جي مهما جو سبب آهن. 24 تنهنڪري اوهين سندن سيوا ڪري پنهنجو پريم ۽ اهو فخر جيڪو اسان کي اوهان تي آهي، سو منڊلين جي اڳيان ثابت ڪري ڏيکاريو. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society