Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

1.ڪرنٿين 16 - Hindu Sindhi Bible


يروشلم جي منڊليءَ لاءِ چندو

1 باقي رهي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ چندي جي ڳالهہ، جنهن بابت آءٌ اوهان کي ساڳي هدايت ڪريان ٿو، جيڪا مون گلتيا صوبي جي وشواسي منڊلين کي ڪئي هئي تہ

2 هر آچر جي ڏينهن تي اوهان مان هر هڪ پنهنجي ڪمائيءَ آهر ڪجھہ بچائي پاڻ وٽ رکي تہ جيئن منهنجي اچڻ تي چندي گڏ ڪرڻ جي ضرورت نہ پوي.

3 پوءِ جڏهن آءٌ پهچان تڏهن جن ماڻهن کي اوهين وشواس جوڳو سمجھي مقرر ڪندا تن کي ڪي خط ڏيئي موڪليندس، تہ جيئن هو اوهان جو اهو دان يروشلم ڏانهن کڻي وڃن.

4 پر جيڪڏهن مناسب هوندو تہ آءٌ بہ ويندس ۽ اهي مون سان گڏجي هلندا.


پولس جا پنهنجي سفر بابت منصوبا

5 جيئن تہ منهنجو مڪدُنيا صوبي ڏانهن اچڻ جو ارادو آهي، سو آءٌ اتان ٿيندو پوءِ اوهان وٽ ايندس.

6 شايد آءٌ اوهان وٽ ڪجھہ وقت رهان يا سڄو سيارو گذاريان. پوءِ مسافريءَ ۾ جيڏانهن بہ وڃان تہ اوهين مدد ڪري مون کي روانو ڪجو.

7 آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ هن وقت رستي ويندي اوهان سان ٿوري وقت لاءِ ملاقات ڪريان، بلڪ اوهان سان ڪافي وقت گذارڻ جي اميد اٿم، جيڪڏهن پرميشور چاهيو تہ.

8 في‌الحال پنتيڪُست جي تهوار تائين آءٌ هتي اِفسس ۾ رهندس،

9 ڇاڪاڻ تہ مون کي هتي اثرائتي ڪم ڪرڻ جو وڏو موقعو مليو آهي، توڙي جو مخالف بہ گھڻا ئي آهن.

10 جيڪڏهن تيمٿيس اوهان وٽ پهچي تہ سندس خيال رکجو تہ جيئن هو اوهان سان بي‌ڊپو ٿي رهي، ڇاڪاڻ تہ مون وانگر هو بہ پرميشور جي سيوا جو ڪم پيو ڪري.

11 تنهنڪري ڪوبہ هن کي نيچ نہ سمجھي. بعد ۾ سک ۽ شانتيءَ سان کيس روانو ڪجو تہ جيئن هو مون ڏانهن موٽي سگھي. ٻين ڀائرن سان سندس گڏجي اچڻ جو آءٌ انتظار پيو ڪريان.

12 هاڻي ڀاءُ اپلوس جي باري ۾ هي آهي تہ آءٌ هن کي ڀائرن سان گڏجي اوهان ڏانهن اچڻ لاءِ بار بار زور ڀريندو رهيس. پر هن وقت سندس اچڻ جو ڪو ارادو ناهي، جڏهن موقعو مليس تہ هو ضرور ايندو.


آخر ۾ هدايتون، نمسڪار ۽ پرارٿنا

13 سجاڳ رهو، وشواس تي قائم رهو، همت ڌاريو، مضبوط رهو

14 ۽ جيڪي ڪجھہ ڪريو سو پريم سان ڪريو.

15 اوهين ڄاڻو ٿا تہ استفناس ۽ سندس گھر جا ڀاتي اخيا صوبي ۾ اهي پهريان ماڻهو آهن جن يسوع مسيح تي وشواس آندو ۽ پاڻ کي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ماڻهن جي سيوا لاءِ وقف ڪري ڇڏيائون. سو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ

16 اهڙن ماڻهن ۽ جيڪي بہ انهن سان گڏجي سيوا وارو ڪم ڪن ٿا، تن سڀني جي اوهين فرمانبرداري ڪريو.

17 آءٌ استفناس، فرتُوناتس ۽ اخيڪُس جي اچڻ تي ڏاڍو خوش آهيان، ڇو تہ هنن منهنجي اها سڪ پوري ڪري ڇڏي جيڪا اوهان سان نہ ملڻ جي ڪري منهنجي دل ۾ هئي.

18 ائين هنن منهنجي دل کي بہ تازگي بخشي آهي، جهڙيءَ طرح اوهان جي دلين کي تازگي بخشين ٿا. سو اهڙن ماڻهن جو قدر ڪريو.

19 آسيا صوبي جون وشواسي منڊليون اوهان کي نمسڪار ڪن ٿيون. اڪولا ۽ سندس پتني پرسڪلا پنهنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ منڊليءَ سميت اوهان کي پرڀو يسوع ۾ پرجوش نمسڪار ٿا ڪن.

20 سڀيئي ڀائر ڀينر اوهان کي نمسڪار ٿا ڪن. هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي نمسڪار ڪجو.

21 هاڻ آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان لکان ٿو. اوهان کي منهنجا نمسڪار هجن.

22 جيڪو پرڀو يسوع سان پيار نہ ٿو ڪري تنهن تي لعنت هجي. اي اسان جا پرڀو! اچ.

23 شل اوهان تي پرڀو يسوع جي ڪرپا ٿيندي رهي.

24 اوهين جيڪي يسوع مسيح ۾ آهيو، تن سڀني سان آءٌ پيار ڪريان ٿو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ