Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




طيطس 3:11 - Common Language New Testament

11 تون ڄاڻي ڇڏ تہ اھڙو ماڻھو بگڙيل ۽ گنھگار آھي ۽ پاڻ کي ڏوھي ٿو ٺھرائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ ڄاڻ تہ اهڙو ماڻهو گمراهہ ٿيل ۽ گنهگار آهي، ۽ پاڻ کي ڏوهي ٿو ٺهرائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 تون ڄاڻي ڇڏ تہ اهڙو ماڻهو بگڙيل ۽ ڏوهي آهي ۽ پاڻ کي پاپي قرار ڏياري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تون ڄاڻي ڇڏ تہ اهڙو ماڻهو بگڙيل ۽ ڏوهي آهي ۽ پاڻ کي گنهگار قرار ڏياري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




طيطس 3:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھن چيس تہ ’اي بڇڙا نوڪر! تنھنجي ئي واتان آءٌ تو کي ڏوھي بڻائيندس. جڏھن تو کي خبر بہ ھئي تہ آءٌ سخت ماڻھو آھيان ۽ جيڪي جمع ڪين ڪيو اٿم سو پيو کڻان ۽ جيڪي پوکيو ئي نہ اٿم سو پيو لڻان،


پر فريسين ۽ شريعت جي عالمن يحيٰ کان بپتسما نہ وٺندي پنھنجي طرفان خدا جي ارادي کي رد ڪيو.


جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو تنھن کي سزا نہ ٿي ملي، پر جيڪو ايمان نہ ٿو آڻي تنھن کي تہ سزا اڳي ئي ملي چڪي آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن خدا جي اڪيلي فرزند تي ايمان نہ آندو.


پر پولس ۽ برنباس دليريءَ سان ڳالھائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ”اھو ضروري ھو تہ خدا جو ڪلام پھريائين اوھان يھودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اھو اوھان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي دائمي زندگيءَ جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنھنڪري اسين اوھان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا.


اسان ٻڌو آھي تہ ڪي ماڻھو جن کي اسان ڪوبہ اختيار نہ ڏنو آھي، تن اسان وٽان وڃي اوھان کي ڪي ڳالھيون ٻڌائي تڪليف ڏني آھي ۽ اوھان کي منجھائي وڌو اٿن.


پوءِ ڪپتان کين ھي خط لکي ڏنو تہ


ھاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت رڳو انھن تي واجب آھي، جيڪي شريعت تحت رھن ٿا. آخرڪار نتيجو اھو نڪتو تہ ڪوبہ ماڻھو ائين چئي نہ ٿو سگھي تہ کيس گناھہ جي خبر ڪانہ ھئي، بلڪ سڄي دنيا خدا ڏانھن جوابدار آھي.


اھي ڳالھيون ماڻھن کي ياد ڏيار. خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي انھن کي تاڪيد ڪر تہ اھي لفظن بابت تڪرار نہ ڪن. ڇالاءِ⁠جو انھيءَ مان ڪجھہ بہ حاصل ٿيڻو ناھي، سواءِ انھيءَ جي جو ٻڌڻ وارا برباد ٿيو وڃن.


انھن جو وات بند ڪرڻ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو اھڙا ماڻھو ناجائز نفعي جي خاطر نامناسب ڳالھيون سيکاري گھرن جا گھر ڦٽائي ٿا ڇڏين.


۽ اھي يھودين جي جڙتو آکاڻين يا انھن ماڻھن جي حڪمن تي ڌيان نہ ڏين جيڪي سچ کان منھن ٿا موڙين.


پر جيڪڏھن اسين سچ جي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ ڄاڻي⁠ٻجھي گناھہ ڪريون تہ گناھن لاءِ ڪابہ قرباني اڳتي باقي نہ رھندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ