Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




طيطس 1:7 - Common Language New Testament

7 ڇالاءِ⁠جو نگھبان، جيڪو خدا جو خدمتگار آھي، سو بي⁠عيب ھئڻ گھرجي. ھو نہ ھٺيلو ھجي، نہ چيڙاڪ، نہ شرابي ھجي، نہ مار ڪٽ ڪندڙ ۽ نہ وري ناجائز نفعي جو لالچي ھجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ڇالاءِ جو نگهبان (بشپ) جو خدا جو خدمتگار آهي، سو بي الزام هئڻ گهرجي، نہ خود راءِ، نہ چيڙاڪ، نہ نشي ۾ جهيڙا ڪندڙ، نہ مارڪٽ ڪندڙ، نہ ناجائز نفعي جو لالچي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ سنڀاليندڙ کي جيئن تہ منڊليءَ ۾ ايشور جي وس هيٺ ذميواري سونپي ويئي آهي، تنهن لاءِ لازمي آهي تہ هن تي ڪا تهمت نہ هجي. هو نہ هٺيلو هجي، نہ چيڙاڪ، نہ نشئي هجي، نہ مار ڪٽ ڪندڙ ۽ نہ وري لالچي هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ نگهبان کي جيئن تہ ڪليسيا ۾ خدا جي وس هيٺ ذميواري سونپي ويئي آهي، تنهن لاءِ لازمي آهي تہ هن تي ڪا تهمت نہ هجي. هو نہ هٺيلو هجي، نہ چيڙاڪ، نہ نشئي هجي، نہ مار ڪٽ ڪندڙ ۽ نہ وري لالچي هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




طيطس 1:7
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”پوءِ مون کي ٻڌايو تہ ايماندار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آھي، جنھن کي سندس مالڪ پنھنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو ھجي تہ انھن کي کاڌو پاڻي پوري وقت تي ڏئي؟


خداوند جواب ۾ چيو تہ ”اوھان مان ڪير ايماندار ۽ سياڻو نوڪر آھي، جنھن کي سندس مالڪ پنھنجن نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو ھجي تہ انھن کي وقت تي کاڌو پاڻي پھچائي؟


مئي پي الوٽ نہ ٿيو، ڇوجو انھيءَ سان بڇڙائي پيدا ٿي ٿئي. پر اٽلندو پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندا وڃو.


ھي خط عيسيٰ مسيح جي ٻانھن، پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان آھي، جيڪو نگھبانن ۽ خادمن سميت فلپي شھر ۾ رھندڙ عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل سڀني ايمان وارن ڏانھن لکجي ٿو.


مون تو کي ڪريتي ۾ انھيءَ لاءِ ڇڏيو ھو تہ تون باقي رھيل ڳالھين کي درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون تو کي ھدايت ڪئي ھئي، تيئن ھر ھڪ شھر ۾ بزرگ مقرر ڪرين.


ساڳيءَ طرح پوڙھين عورتن کي سمجھاءِ تہ اھي ھلت چلت ۾ پاڪيزہ ھجن. اھي گلا ڪندڙ يا مئي جون عادي نہ ھجن، بلڪ چڱيون ڳالھيون سيکارڻ واريون ھجن.


ھر ماڻھوءَ کي جيڪا نعمت ملي آھي سو انھيءَ نعمت کي، خدا جي فضل جي مختلف نعمتن جو چڱو مختيار ٿي ھڪ ٻئي جي خدمت لاءِ ڪم آڻي.


خدا جو ڌڻ جيڪو اوھان جي سنڀال ھيٺ آھي، تنھن کي اوھين چاريو ۽ انھيءَ جي نگھباني ڪريو. ھي ڪم جيئن خدا چاھي ٿو، تيئن خوشيءَ سان ڪريو، نڪي لاچاريءَ سبب. دل جي شوق سان ڪريو، نڪي پيسي جي لالچ تي.


خاص ڪري انھن کي جيڪي جسم جي ناپاڪ خواھشن جي پيروي ٿا ڪن ۽ خدا جي اختياريءَ کي ڪين جھڙو ٿا ڄاڻن. اُھي اھڙا تہ گستاخ ۽ ھٺيلا آھن جو عظيم آسماني ھستين جي گلا ڪرڻ کان بہ نہ ٿا ڊڄن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ