Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




طيطس 1:5 - Common Language New Testament

5 مون تو کي ڪريتي ۾ انھيءَ لاءِ ڇڏيو ھو تہ تون باقي رھيل ڳالھين کي درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون تو کي ھدايت ڪئي ھئي، تيئن ھر ھڪ شھر ۾ بزرگ مقرر ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 مون تو کي ڪريتي ۾ انهي لاءِ ڇڏيو تہ جيڪي ڳالهيون باقي رهيون آهن، سي تون درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون توکي حڪم ڏنو هو، تيئن هر ڪنهن شهر ۾ اهڙا بزرگ مقرر ڪرين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 مون تو کي ڪريتي ٻيٽ ۾ انهيءَ لاءِ ڇڏيو هو تہ تون باقي رهيل ڳالهين کي درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون تو کي هدايت ڪئي هئي، تيئن هر شهر جي وشواسي منڊليءَ ۾ اڳواڻ مقرر ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 مون تو کي ڪريتي ٻيٽ ۾ انهيءَ لاءِ ڇڏيو هو تہ تون باقي رهيل ڳالهين کي درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون تو کي هدايت ڪئي هئي، تيئن هر شهر جي ڪليسيا ۾ اڳواڻ مقرر ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




طيطس 1:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو ھنن ائين ئي ڪيو ۽ ڪجھہ پيسا برنباس ۽ شائول جي ھٿان ڪليسيا جي بزرگن ڏانھن ڏياري موڪليائون.


ھنن ھر ھڪ ڪليسيا لاءِ بزرگ مقرر ڪيا ۽ انھن بزرگن لاءِ روزا رکي دعا گھريائون ۽ کين خداوند جي حوالي ڪيائون، جنھن تي ھنن ايمان آندو ھو.


جيڪي ڄائي ڄم جا يھودي توڙي نوان يھودي ٿيل آھن ۽ اسان مان ڪي ڪريتي ۽ عرب آھن تہ بہ اسين انھن کي پنھنجين پنھنجين ٻولين ۾ خدا جي وڏن وڏن ڪمن جو بيان ڪندي ٿا ٻڌون.“


جيئن تہ اھو بندر سياري گذارڻ لاءِ چڱو نہ ھو، تنھنڪري گھڻن اھا صلاح ڏني تہ ھتان اڳتي ھلجي ۽ جي ٿي سگھي تہ سيارو ھلي فينڪس ۾ گذارجي، جيڪو ڪريتيءَ جو بندر آھي ۽ سندس رخ اتر الھندي ۽ ڏکڻ الھندي ڏانھن آھي.


جڏھن ڏکڻ جو واءُ آھستي آھستي گھلڻ لڳو، تڏھن ھنن سمجھيو تہ سندن مطلب پورو ٿيو. تنھنڪري ھو جھاز جا لنگر کڻي ڪريتيءَ جو ڪنارو ڏيئي ھليا.


جڏھن ماڻھن کي کاڌي کان سواءِ ڪيترائي ڏينھن گذري ويا، تڏھن پولس انھن جي اڳيان اٿي بيھي چيو تہ ”دوستو! جيڪڏھن اوھين منھنجي صلاح مڃيو ھا ۽ ڪريتيءَ وٽان نہ ھلو ھا تہ ھي نقصان ۽ تڪليف اسان کي نہ رسي ھا.


اسين آھستي آھستي سفر ڪري رھيا ھئاسين، تنھنڪري ڪيترائي ڏينھن لڳي ويا. نيٺ وڏيءَ مشڪل کان پوءِ ڪندوس شھر جي سامھون پھتاسين. واءُ جي زور ڪري اڳتي وڌي نہ سگھياسين. تنھنڪري اسين سلمونيءَ جي اڳيان لنگھي ڪريتي ٻيٽ جي آڙ وٺي ھلڻ لڳاسين،


جيڪڏھن ڪو بکايل ھجي تہ ڀلي پنھنجي گھر کائي، متان اوھان جو گڏ ٿيڻ سزا جو سبب نہ بڻجي. باقي ٻيون ڳالھيون جڏھن آءٌ ايندس تڏھن اچي ٺيڪ ڪندس.


پر سڀ ڪجھہ چڱيءَ طرح ۽ ترتيب سان ھجڻ گھرجي.


انھيءَ سبب ڪري آءٌ تيمٿيس کي اوھان ڏانھن موڪلي رھيو آھيان. ھو خداوند جو ھئڻ ڪري منھنجو پيارو ۽ وفادار فرزند آھي. ھو منھنجا اھي طريقا جيڪي مسيح جو ھجڻ ڪري منھنجي زندگيءَ ۾ آھن، اوھان کي ياد ڏياريندو، جھڙيءَ طرح آءٌ ھرھنڌ ھر ڪليسيا ۾ تعليم ڏيان ٿو.


ڇالاءِ⁠جو جيتوڻيڪ آءٌ جسماني طور اوھان وٽ موجود نہ آھيان، تڏھن بہ روحاني طور اوھان وٽ موجود آھيان. آءٌ اوھان جي قاعدي پٽاندڙ ھلڻ ۽ مسيح تي اوھان جي ايمان جي پختائي ڏسي خوش ٿو ٿيان.


جيئن مون مڪدونيا وڃڻ وقت تو کي تاڪيد ڪيو ھو، تيئن تون اِفسس شھر ۾ رھجانءِ، انھيءَ لاءِ تہ ڪن ماڻھن کي حڪم ڏئين تہ غلط قسم جي تعليم نہ ڏين.


جيڪي ڳالھيون تو گھڻن شاھدن جي روبرو مون کان ٻڌيون آھن، سي اھڙن ڀروسي وارن ماڻھن جي حوالي ڪر جيڪي ٻين کي بہ سيکارڻ جي لائق ھجن.


ڪريتين جي ئي نبين مان ھڪڙي چيو آھي تہ ”ڪريتي جا ماڻھو ھميشہ ڪوڙا، بڇڙا جانور ۽ سست پيٽوڙي آھن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ