Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




طيطس 1:12 - Common Language New Testament

12 ڪريتين جي ئي نبين مان ھڪڙي چيو آھي تہ ”ڪريتي جا ماڻھو ھميشہ ڪوڙا، بڇڙا جانور ۽ سست پيٽوڙي آھن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 انهن مان هڪڙو، جو سندن نبي هو، تنهن چيو آهي تہ ڪريتي جا ماڻهو هميشہ ڪوڙا، جهنگلي جانورن جهڙا ۽ سست پيٽوري آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 ڪريتين جي ڏاهن مان هڪڙي تہ ايتري تائين بہ چيو آهي تہ ”ڪريتي جا ماڻهو هميشہ ڪوڙا، وحشي جانور ۽ نڪما پيٽو هوندا آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 ڪريتين جي ڏاهن مان هڪڙي تہ ايتري تائين بہ چيو آهي تہ ”ڪريتي جا ماڻهو هميشہ ڪوڙا، وحشي جانور ۽ نڪما پيٽو هوندا آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




طيطس 1:12
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اسين منجھس ئي جيئون ۽ ھلون چلون ٿا ۽ اسان جي ھستي بہ انھيءَ جي ڪري آھي. جيئن تہ اوھان جي ڪن شاعرن بہ ائين چيو آھي تہ ’اسين بہ خدا جو اولاد آھيون.‘


جيڪي ڄائي ڄم جا يھودي توڙي نوان يھودي ٿيل آھن ۽ اسان مان ڪي ڪريتي ۽ عرب آھن تہ بہ اسين انھن کي پنھنجين پنھنجين ٻولين ۾ خدا جي وڏن وڏن ڪمن جو بيان ڪندي ٿا ٻڌون.“


جيئن تہ اھو بندر سياري گذارڻ لاءِ چڱو نہ ھو، تنھنڪري گھڻن اھا صلاح ڏني تہ ھتان اڳتي ھلجي ۽ جي ٿي سگھي تہ سيارو ھلي فينڪس ۾ گذارجي، جيڪو ڪريتيءَ جو بندر آھي ۽ سندس رخ اتر الھندي ۽ ڏکڻ الھندي ڏانھن آھي.


جڏھن ڏکڻ جو واءُ آھستي آھستي گھلڻ لڳو، تڏھن ھنن سمجھيو تہ سندن مطلب پورو ٿيو. تنھنڪري ھو جھاز جا لنگر کڻي ڪريتيءَ جو ڪنارو ڏيئي ھليا.


اسين آھستي آھستي سفر ڪري رھيا ھئاسين، تنھنڪري ڪيترائي ڏينھن لڳي ويا. نيٺ وڏيءَ مشڪل کان پوءِ ڪندوس شھر جي سامھون پھتاسين. واءُ جي زور ڪري اڳتي وڌي نہ سگھياسين. تنھنڪري اسين سلمونيءَ جي اڳيان لنگھي ڪريتي ٻيٽ جي آڙ وٺي ھلڻ لڳاسين،


ڇالاءِ⁠جو جيڪي اھڙا ڪم ڪن ٿا سي خداوند جي خدمت نہ ٿا ڪن، پر پنھنجي پيٽ جي پوڄا ٿا ڪن ۽ پنھنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين.


انھن جي پڇاڙي بربادي آھي، انھن جو خدا سندن پيٽ آھي، اھي پنھنجي شرم وارين ڳالھين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو دنياوي شين جو فڪر ٿو رھي.


اھڙيون ڳالھيون انھن ڪوڙن ماڻھن جي رياڪاريءَ ڪري ٿينديون، جن جو ضمير مئل آھي، ڄڻ تہ گرم لوھہ سان ڏنڀيل آھي.


مون تو کي ڪريتي ۾ انھيءَ لاءِ ڇڏيو ھو تہ تون باقي رھيل ڳالھين کي درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون تو کي ھدايت ڪئي ھئي، تيئن ھر ھڪ شھر ۾ بزرگ مقرر ڪرين.


پر اھي ماڻھو بي⁠عقل جانورن وانگر آھن، جيڪي رڳو پڪڙجڻ ۽ ناس ٿيڻ لاءِ پيدا ٿيا آھن ۽ جن ڳالھين کان ناواقف آھن تن جي باري ۾ ڪفر ٿا بڪن. اھي جانورن وانگر ناس ٿي ويندا.


اھي سنئون رستو ڇڏي گمراھہ ٿي ويا آھن ۽ بعور جي پٽ بلعام جي پيروي ٿا ڪن، جنھن کي بڇڙائيءَ جي مزوري پسند ھوندي ھئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ