Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 9:5 - Common Language New Testament

5 قوم جا ابا ڏاڏا بہ انھن مان ئي آھن ۽ رت جي رشتي ڪري مسيح بہ انھن جو ئي آھي. خدا، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آھي، شل ھميشہ انھيءَ جي واکاڻ ٿئي. آمين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ جسم جي لاڳاپي ڪري مسيح بہ اُنهن ئي جو آهي، جو سڀني جي مٿان هميشہ تائين سڳورو خدا آهي. آمين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 اهي ئي ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب جو اولاد آهن ۽ شرير جي لحاظ کان مسيح بہ انهن مان ئي آهي. واہ! شل ايشور، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آهي، تنهن جي مهما هميشہ ٿئي. آمين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اهي ئي ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو اولاد آهن ۽ جسماني طور مسيح بہ انهن مان ئي آهي. واہ! شل خدا، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آهي، تنهن جي واکاڻ هميشہ ٿئي. آمين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 9:5
45 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ کين تعليم ڏيو تہ انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪن جن جو مون اوھان کي حڪم ڏنو آھي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين ھميشہ اوھان سان ھوندس.“


اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ، پر اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


سو جڏھن دائود ھن کي ’خداوند‘ ڪري ٿو سڏي تہ مسيح ڪيئن سندس اولاد ٿيو؟“


اوھين پاڻ سان گڏ انھيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنھن لاءِ پاڪ روح اوھان کي ڌنار مقرر ڪيو آھي. سو خدا جي انھيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رھجو، جيڪا ھن پنھنجي فرزند جي رت سان خريد ڪئي.


ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا ۽ اسان جي وڏن جي خدا پنھنجي ٻانھي عيسيٰ کي جلال بخشيو، پر اوھان ھن کي پڪڙايو ۽ کيس پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس ھن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو ھو.


انھن سچي خدا جي بدران ڪوڙ کي قبول ڪيو ۽ خدا جي خلقيل شين کي عزت ڏيئي انھن جي پوڄا ڪئي، پر انھيءَ خالق کي ڇڏي ڏنائون، جنھن جي واکاڻ ھميشہ ٿيندي رھندي. آمين.


اھا خوشخبري سندس فرزند، يعني اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح بابت آھي، جيڪو جسماني لحاظ کان تہ دائود جي نسل مان پيدا ٿيو،


ھن ۾ ھر ھڪ اچي وڃي ٿو، ڇالاءِ⁠جو يھودين ۽ غير قومن ۾ ڪوبہ فرق نہ آھي. خدا سڀني جو خداوند آھي ۽ جيڪو بہ کيس پڪاري ٿو تنھن تي گھڻي نعمت نازل ڪري ٿو.


خوشخبريءَ جي تبليغ تي يھودي خدا جا دشمن ٿيا ۽ اھو اوھان لاءِ فائدي وارو ٿيو. پر خدا جا چونڊيل ھئڻ سبب ۽ پنھنجن بزرگن جي ڪري اھي خدا جا پيارا آھن.


پر جيڪڏھن تون رڳو روح سان دعا گھرندين تہ جنھن کي معنيٰ نہ ٿي اچي سو تنھنجي شڪراني جي دعا گھرڻ تي ڪيئن آمين چوندو؟ ڇاڪاڻ⁠تہ تون جيڪي چوين ٿو سو ھو سمجھي ئي ڪونہ ٿو.


خداوند عيسيٰ جو خدا ۽ پيءُ، جنھن جي ھميشہ تائين واکاڻ ھجي، سو ڄاڻي ٿو تہ آءٌ ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان.


انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناھي تہ دينداريءَ جو راز وڏو آھي، يعني: ھو جسم ۾ ظاھر ٿيو ۽ پاڪ روح جي ڪري سچو ثابت ٿيو. ھو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي. دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو ۽ آسمان ڏانھن ھو مٿي کنيو ويو.


خدا پنھنجي مقرر وقت تي مسيح کي ظاھر ڪندو، اھو خدا جيڪو سڳورو ۽ واحد حاڪم آھي. اھو ئي بادشاھن جو بادشاھہ ۽ خداوندن جو خداوند آھي.


عيسيٰ مسيح کي ياد رک، جيڪو دائود جي نسل مان آھي ۽ مئلن مان جي اٿيو. اھا ئي منھنجي خوشخبري آھي.


مگر عيسيٰ جيئن تہ ھميشہ تائين جيئرو رھڻ وارو آھي، تنھنڪري سندس ڪاھني لازوال آھي.


اسين اھو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آھي. ھن اسان کي سمجھہ بخشي آھي تہ اسين انھيءَ خدا کي سڃاڻون جيڪو حق آھي ۽ اسين انھيءَ حقيقي خدا جا آھيون، تھڙيءَ ئي طرح سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل پڻ آھيون. اھو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آھي.


آءٌ جيئرو آھيان، مري تہ ويو ھوس، پر ڏس آءٌ ھميشہ تائين جيئرو رھندس. موت ۽ عالم ارواح جون ڪنجيون مون وٽ آھن.


عيسيٰ چيو تہ ”مون عيسيٰ، پنھنجو ملائڪ انھيءَ لاءِ موڪليو آھي تہ ڪليسيائن کي انھن ڳالھين جي شاھدي ڏئي. آءٌ دائود جي نسل ۽ خاندان مان آھيان ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آھيان.“


جيڪو ھنن ڳالھين جي شاھدي ٿو ڏئي، سو چوي ٿو تہ ”بيشڪ آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان.“ آمين. اي خداوند عيسيٰ! اچ.


انھن چئني ساھوارن چيو ”آمين.“ پوءِ اُھي بزرگ منھن ڀر ڪري سجدو ڪرڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ