Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 9:32 - Common Language New Testament

32 ڇو؟ ڇالاءِ⁠جو ھنن شريعت کي ايمان جي وسيلي نہ ڳوليو پر عملن جي وسيلي ڳوليائون. انھن ٿاٻڙائڻ واري پٿر تان ٿاٻو کاڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 سو ڇو؟ هن ڪري تہ هنن اُنهيءَ کي ايمان سان نہ ڳوليو، پر ڄڻ تہ عملن سان. هنن ٿاٻڙائڻ واري پهڻ تي ٿاٻو کاڌو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 ان جو سبب ڪهڙو هو؟ اهو هو تہ هنن وشواس رکڻ جي وسيلي نہ، پر نيم تي عمل جي وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪئي. ائين هنن انهيءَ ٿاٻڙائڻ واري پٿر تان ٿاٻو کاڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 ان جو سبب ڪهڙو هو؟ اهو هو تہ هنن ايمان رکڻ جي وسيلي نہ، پر شريعت تي عمل جي وسيلي خدا وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪئي. ائين هنن انهيءَ ٿاٻڙائڻ واري پٿر تان ٿاٻو کاڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 9:32
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھنڪري انھن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ھر نبي پنھنجي وطن ۽ پنھنجي خاندان کان سواءِ جتي ڪٿي مان پائيندو آھي.“


شمعون انھن کي مبارڪون ڏنيون ۽ ٻار جي ماءُ مريم کي چيائين تہ ”ھي ٻار بني اسرائيل ۾ گھڻن جي ڪرڻ ۽ چڙھڻ جو سبب مقرر ڪيو ويو آھي. ھو خدا جي طرف کان ھڪ نشان ھوندو، جنھن جي ڪيترائي مخالفت ڪندا،


سڀاڳو آھي اھو جنھن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آھي.“


انھن کي ڄاڻ نہ ھئي تہ ڪھڙيءَ طرح خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو، پر انھن پنھنجي منھن ڪوشش ڪئي، تنھنڪري اھي خدا جي سچائيءَ جا تابعدار نہ ٿيا.


پوءِ آءٌ پڇان ٿو تہ جڏھن يھودين ٿاٻو کاڌو تہ ڇا اھي برباد ٿي ويا؟ نہ، بلڪل نہ. پر انھن جي ڏوھہ ڪرڻ ڪري غير قومن کي ڇوٽڪارو ملي ويو، تہ جيئن يھودي انھن تي ساڙ کائين.


تنھنڪري اھو واعدو ايمان جي بنياد تي ۽ خدا جي فضل جي نتيجي ۾ ٿيو، تہ جيئن اھو ابراھيم جي سڄي اولاد لاءِ قائم رھي. نہ رڳو انھن لاءِ جن وٽ شريعت آھي، پر انھن لاءِ بہ جيڪي ابراھيم وانگر ايمان آڻين ٿا، ڇالاءِ⁠جو ابراھيم اسان سڀني جو پيءُ آھي.


پر اسين مسيح جو پيغام ٿا ڏيون، جنھن کي صليب تي چاڙھيو ويو، جيڪو يھودين جي نظر ۾ ڪراھت جھڙو ۽ غير قومن جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.


ڇالاءِ⁠جو پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ ھڪ پٿر رکان ٿو، جيڪو چونڊيل، قيمتي ۽ سڀ کان اھم پٿر آھي. جيڪو ماڻھو انھيءَ تي ايمان آڻيندو، سو ڪڏھن بہ شرمندو نہ ٿيندو.“


ٻئي ھنڌ لکيل آھي تہ ”اھو ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني ماڻھن لاءِ ٺوڪر کائڻ واري ڇپ ٿيو.“ سو اھي ماڻھو ڪلام جا نافرمان ٿي ان تان ٿاٻڙجن ٿا ۽ انھيءَ جي لاءِ اھي مقرر بہ ڪيا ويا آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ