Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 9:22 - Common Language New Testament

22 انھيءَ ۾ عجب جي ڪھڙي ڳالھہ آھي جو خدا پنھنجو غضب ۽ قدرت ظاھر ڪرڻ لاءِ انھن ٿانون سان صبر ۽ بردباريءَ سان پيش آيو، جيڪي ٿانوَ ڀڃي ناس ٿيڻ جي لائق ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ڪهڙو عجب آهي جي خدا پنهنجو غضب ڏيکارڻ ۽ پنهنجي قدرت ظاهر ڪرڻ جي ارادي سان جيڪي غضب جا ٿانوَ ڀڃي چٽ ڪرڻ جي لائق هئا، تن سان ڏاڍي صبر ۽ تحمل سان پيش آيو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 سو انهيءَ ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهہ آهي جو ايشور پنهنجو ڏمر ظاهر ڪرڻ ۽ شڪتي ڏيکارڻ واري پنهنجي ارادي کي روڪيندي انهن ڏمر جي لائق ٿانوَن کي صبر سان برداشت ڪندو رهيو، جيڪي ڀڃي ناس ٿيڻ لاءِ تيار ڪيا ويا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 سو انهيءَ ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهہ آهي جو خدا پنهنجو غضب ظاهر ڪرڻ ۽ قدرت ڏيکارڻ واري پنهنجي ارادي کي روڪيندي انهن غضب وارن ٿانوَن کي صبر سان برداشت ڪندو رهيو، جيڪي ڀڃي ناس ٿيڻ لاءِ تيار ڪيا ويا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 9:22
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي ماڻھو پنھنجي بڇڙائيءَ جي ڪري سچ کي لڪائي ٿا ڇڏين، تن جي اھڙي بي⁠ديني ۽ بڇڙائيءَ تي آسمان مان خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.


ڇالاءِ⁠جو پاڪ لکت ۾ خدا فرعون کي فرمائي ٿو تہ ”مون تو کي بادشاھہ انھيءَ لاءِ بڻايو آھي تہ آءٌ تنھنجي ڪري قدرت ظاھر ڪريان ۽ دنيا ۾ منھنجو نالو روشن ٿئي.“


پر اي انسان! تون ڪير ٿيندو آھين جو خدا سان سوال جواب ڪرين؟ ڇا خلقيل شيءِ خلقيندڙ کي چوندي تہ ”تو مون کي اھڙو ڇو خلقيو آھي؟“


ڇا ڪنڀر کي اھو اختيار نہ آھي جو ھو ساڳي مٽيءَ جي پنوڙي مان ھڪڙو قيمتي ٿانءُ بڻائي ۽ ٻيو خسيس؟


اھي اسان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن ڇوٽڪاري جو ڪلام نہ ٻڌايون. اھڙيءَ طرح اھي پنھنجن گناھن جي گھَڙي کي ھميشہ ڀريندا ٿا رھن. پر نيٺ انھن تي خدا جو ڀرپور غضب اچي ڪڙڪيو آھي.


ڇالاءِ⁠جو خدا اسان کي غضب سھڻ لاءِ نہ، بلڪ انھيءَ لاءِ مقرر ڪيو آھي تہ اسين پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي ڇوٽڪارو حاصل ڪريون.


ڪنھن وڏي گھر ۾ نہ رڳو سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ ھوندا آھن، بلڪ ڪاٺ ۽ ٺڪر جا بہ. انھن مان ڪي اعليٰ ڪمن لاءِ آھن ۽ ڪي ذليل ڪمن لاءِ.


ٻئي ھنڌ لکيل آھي تہ ”اھو ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني ماڻھن لاءِ ٺوڪر کائڻ واري ڇپ ٿيو.“ سو اھي ماڻھو ڪلام جا نافرمان ٿي ان تان ٿاٻڙجن ٿا ۽ انھيءَ جي لاءِ اھي مقرر بہ ڪيا ويا آھن.


ھي اھي ھئا جن اڳي نافرماني ڪئي ھئي. ان وقت نوح جي زماني ۾ خدا صبر ڪري انتظار ٿي ڪيو ۽ ٻيڙو تيار پئي ٿيو. پر انھيءَ ۾ رڳو ٿورا ماڻھو، يعني اٺ ڄڻا پاڻيءَ منجھان بچي ويا.


اھي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالھيون ٺاھي اوھان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي انھن تي جنھن سزا جو حڪم ٿي چڪو ھو، تنھن جي اچڻ ۾ دير ڪانھي ۽ سندن بربادي ويجھي آھي.


سو خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندارن کي آزمائش کان ڪيئن بچائي ۽ بدڪارن کي عدالت جي ڏينھن تائين ڪھڙيءَ طرح سزا ھيٺ رکي،


اسان جي خداوند جي صبر کي ڇوٽڪارو ڪري سمجھو، جھڙيءَ طرح اسان جي پياري ڀاءُ پولس بہ انھيءَ ڏاھپ سان اوھان ڏانھن لکيو آھي، جيڪا کيس عطا ٿيل آھي.


ڇالاءِ⁠جو ڪي ماڻھو لڪي ڇپي اوھان منجھہ گھڙي آيا آھن. اُھي قديم زماني کان پاڪ ڪلام موجب ھن سزا لاءِ مقرر ڪيا ويا ھئا. ھو بدڪار ماڻھو آھن، جيڪي خدا جي فضل کي ڦيرائي پنھنجي شھوت⁠پرستيءَ جو بھانو بڻائين ٿا. اُھي اسان جي ھڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو انڪار ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ