Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 9:20 - Common Language New Testament

20 پر اي انسان! تون ڪير ٿيندو آھين جو خدا سان سوال جواب ڪرين؟ ڇا خلقيل شيءِ خلقيندڙ کي چوندي تہ ”تو مون کي اھڙو ڇو خلقيو آھي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 اي انسان، ڀلا تون ڪير آهين جو خدا جي سامهون جواب ٿو ڏين؟ جڙيل شيءِ ڪا جوڙيندڙ کي چوندي ڇا تہ تو مون کي ههڙو ڇو جوڙيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 پر اي انسان! تون ڪير ٿيندو آهين جو ايشور سان سوال جواب ڪرين؟ ڇا رچيل شيءِ رچيندڙ کي چئي سگھي ٿي تہ ”تو مون کي اهڙو ڇو رچيو آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 پر اي انسان! تون ڪير ٿيندو آهين جو خدا سان سوال جواب ڪرين؟ ڇا خلقيل شيءِ خلقيندڙ کي چئي سگھي ٿي تہ ”تو مون کي اهڙو ڇو خلقيو آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 9:20
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا مون کي اھو حق نہ آھي جو پنھنجي پيسي کي جيئن وڻي تيئن خرچ ڪريان؟ آءٌ سخي آھيان تنھن ڪري تو کي حسد ٿو ٿئي ڇا؟‘


پر عيسيٰ کيس چيو تہ ”مھربان! مون کي اوھان جي ونڊ ورڇ لاءِ ڪنھن امير مقرر ڪيو آھي؟“


تون ڪير ٿيندو آھين جو ڪنھن ٻئي جي نوڪر تي تھمت ٿو ھڻين؟ انھيءَ جي ڪامياب يا ناڪام ھجڻ جي فيصلي جو اختيار سندس مالڪ کي ئي آھي. پر ھو ڪامياب ٿيندو، ڇالاءِ⁠جو خداوند ھن کي ڪامياب ڪري سگھي ٿو.


اي انسان! ڇا تون ٻين جي عيب⁠جوئي ڪندو آھين؟ تو کي ڪوبہ حق نہ ٿو پھچي، کڻي تون ڪير بہ ھجين. ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڏوھہ تون ٻين تي ٿو مڙھين، سي ڪم تہ تون خود ڪري پاڻ کي ڏوھاري ٿو ٺھرائين.


اي انسان! تون اھڙن ڪمن ڪرڻ وارن تي ڏوھہ تہ ڏين ٿو، پر پاڻ ساڳيا ئي ڪم ٿو ڪرين. ڇا تون ائين سمجھين ٿو تہ خدا جي فيصلي کان بچي ويندين؟


ڇا ڪنڀر کي اھو اختيار نہ آھي جو ھو ساڳي مٽيءَ جي پنوڙي مان ھڪڙو قيمتي ٿانءُ بڻائي ۽ ٻيو خسيس؟


انھيءَ ۾ عجب جي ڪھڙي ڳالھہ آھي جو خدا پنھنجو غضب ۽ قدرت ظاھر ڪرڻ لاءِ انھن ٿانون سان صبر ۽ بردباريءَ سان پيش آيو، جيڪي ٿانوَ ڀڃي ناس ٿيڻ جي لائق ھئا.


ڪٿي آھن ڏاھا؟ ڪٿي آھن شريعت جا عالم؟ ڪٿي آھن ھن زماني جا بحث ڪندڙ؟ ڇا خدا نہ ڏيکاريو آھي تہ جھان جي ڏاھپ بي⁠وقوفي آھي؟


ڇالاءِ⁠جو اي زال! تو کي ڪھڙي خبر تہ شايد تون پنھنجي مڙس کي ڇوٽڪارو ڏيارين؟ يا اي مڙس! تو کي ڪھڙي خبر تہ شايد تون پنھنجي زال کي ڇوٽڪارو ڏيارين؟


اھڙن بدنيت ماڻھن جي وچ ۾ سدائين اڻ⁠بڻت پيدا ٿيندي ٿي رھي. اھي سچ کان محروم آھن ۽ دينداريءَ کي مالي فائدي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجھن ٿا.


ڪنھن وڏي گھر ۾ نہ رڳو سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ ھوندا آھن، بلڪ ڪاٺ ۽ ٺڪر جا بہ. انھن مان ڪي اعليٰ ڪمن لاءِ آھن ۽ ڪي ذليل ڪمن لاءِ.


غلامن کي نصيحت ڪر تہ ھر ڳالھہ ۾ پنھنجن مالڪن جي تابع رھن، کين خوش رکڻ جي ڪوشش ڪن ۽ ساڻن گستاخي نہ ڪن.


پر اي بيوقوف ماڻھو! ڇا تون ايترو نہ ٿو سمجھي سگھين تہ عمل کان سواءِ ايمان بيڪار آھي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ