Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 9:11 - Common Language New Testament

11-12 ٻارن جي ڄمڻ ۽ انھن جي چڱي يا خراب ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ ربقہ کي ٻڌايو ويو تہ وڏو ننڍي جي خدمت ڪندو، انھيءَ لاءِ تہ ڏيکاريو وڃي تہ خدا جو چونڊڻ عملن تي نہ پر سندس مرضيءَ تي مدار رکي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ جڏهن ٻار اڃا ڄاوا ئي ڪين هئا، ۽ نہ اُنهن ڪو چڱو يا مَٺو ڪم ڪيو هو، تہ بہ انهي لاءِ تہ خدا جو ارادو سڏڻ واري جي مرضيءَ موجب چونڊ تي منحصر هجي، ۽ نہ عملن تي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11-12 انهن ٻارن جي جنم ۽ سندن چڱي يا خراب ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ ربقہ کي ٻڌايو ويو هو تہ ”وڏو ننڍي جي سيوا ڪندو.“ انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو تہ ايشور جو چونڊڻ عملن تي نہ پر سندس مرضيءَ تي مدار رکي ٿو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11-12 انهن ٻارن جي ڄمڻ ۽ سندن چڱي يا خراب ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ ربقہ کي ٻڌايو ويو هو تہ ”وڏو ننڍي جي خدمت ڪندو.“ انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو تہ خدا جو چونڊڻ عملن تي نہ پر سندس مرضيءَ تي مدار رکي ٿو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 9:11
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن لکيل آھي تہ ”اي ابراھيم! مون تو کي گھڻين قومن جو پيءُ بڻايو آھي.“ اھو واعدو سچو آھي، ڇالاءِ⁠جو ابراھيم جو ايمان انھيءَ خدا تي ھو، جيڪو مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ جنھن جو حڪم انھن شين کي وجود ڏئي ٿو جيڪي اڳ ۾ موجود نہ آھن.


ان وقت اسين سڀيئي بہ انھن سان گڏ پنھنجي انساني فطرت جي جسماني خواھشن موجب زندگي گذاريندا ھئاسين ۽ پنھنجي جسم ۽ دل جون خواھشون پوريون ڪندا ھئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين سڀني وانگر خدا جي ناراضپي جا حقدار ھئاسين.


سو اھو اوھان جي عملن جي ڪري نہ آھي جو متان ڪو فخر ڪري.


ھي سڀ خدا جي انھيءَ ازلي ارادي موجب ٿيو، جيڪو ھن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي پورو ڪيو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين ڄاڻون ٿا تہ اوھين خدا جا پيارا ۽ چونڊيل آھيو.


اسين اوھان کي ھمتائيندا، دلداري ڏيندا ۽ سمجھائيندا رھياسين تہ اوھين خدا جي لائق زندگي گذاريو، جيڪو اوھان کي پنھنجي بادشاھت ۽ جلال ڏانھن سڏي ٿو.


انھيءَ خدا اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو ۽ پاڪ زندگيءَ ڏانھن سڏيو، اسان جي عملن جي ڪري نہ، بلڪ پنھنجي خاص ارادي ۽ فضل موجب. اھو فضل اسان تي عيسيٰ مسيح جي وسيلي ازل کان وٺي ڪيو ويو ھو.


تڏھن ھن اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو. اھو اسان جي سچائيءَ جي ڪمن ڪرڻ ڪري نہ، بلڪ سندس رحم جي ڪري ٿيو. ھن اسان کي روحاني طور نئين سر پيدا ڪرڻ جي غسل ۽ پاڪ روح سان نئين زندگي ڏيڻ جي وسيلي ڇوٽڪارو ڏنو.


ھاڻي خدا، جيڪو ھر طرح جي فضل جو سرچشمو آھي ۽ جنھن اوھان کي مسيح جا ھئڻ ڪري پنھنجي دائمي عظمت ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آھي، سو اوھان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سھڻ کان پوءِ پاڻھي اوھان کي ڪامل، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو.


تنھنڪري، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پنھنجي ڪوٺ ۽ چونڊ کي يقيني بنائڻ لاءِ زيادہ ڪوشش ڪريو، ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اوھين ائين ڪندا تہ ڪڏھن بہ ٿاٻو نہ کائيندا.


اُھي گھيٽي سان جنگ ڪندا، پر گھيٽو مٿن غالب پوندو، ڇالاءِ⁠جو ھو خداوندن جو خداوند ۽ بادشاھن جو بادشاھہ آھي ۽ جيڪي ھن جا سڏيل، چونڊيل ۽ وفادار آھن سي بہ مٿن غالب پوندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ