Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 9:1 - Common Language New Testament

1 جيڪو آءٌ چوان ٿو سو سچ آھي. آءٌ مسيح جو آھيان ۽ ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان. منھنجي دل، جيڪا پاڪ روح جي وس ۾ آھي سا بہ مون سان گڏ شاھدي ٿي ڏئي تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 آئون مسيح ۾ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نٿو ڳالهايان، ۽ منهنجي دل بہ مون سان پاڪ روح ۾ شاهدي ٿي ڀري،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 آءٌ مسيح ۾ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان. منهنجي دل جيڪا پوِتر آتما جي وس ۾ آهي، سا بہ مون سان گڏ شاهدي ٿي ڏئي تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 آءٌ مسيح ۾ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان. منهنجي دل جيڪا پاڪ روح جي وس ۾ آهي، سا بہ مون سان گڏ شاهدي ٿي ڏئي تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 9:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا، جنھن جي فرزند جي خوشخبري ٻڌائڻ ۾ آءٌ پنھنجي دل⁠وجان سان سندس خدمت ٿو ڪريان، سو منھنجو شاھد آھي تہ آءٌ اوھان کي ھردم پنھنجي دعائن ۾ ياد ڪريان ٿو،


ڇالاءِ⁠جو انھن قومن جي عمل مان خبر پوي ٿي تہ شريعت جون ڳالھيون سندن دلين تي اُڪريل آھن ۽ سندن ضمير انھن ڳالھين جي شاھدي ٿو ڏئي. انھن جا خيال ڪڏھن پنھنجو پاڻ تي تھمت ٿا ھڻن تہ ڪڏھن پاڻ کي ڇٽل ٿا رکن.


اھو روح پاڻ اسان جي روح سان گڏ شاھدي ٿو ڏئي تہ اسين خدا جا ٻار آھيون.


مون کي ڏاڍو ڏک آھي ۽ منھنجي دل ۾ پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن يعني پنھنجي قوم وارن لاءِ سدائين غم ۽ درد ٿو رھي. انھن جي خاطر منھنجي خواھش آھي تہ آءٌ لعنتي بڻجي مسيح کان جدا ٿيان.


اسان کي فخر آھي تہ اسان جو ضمير اسان کي پڪ ٿو ڏئي تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوھان سان جيڪو ورتاءُ ڪيو آھي، سو پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان آھي. اھو سڀ ڪجھہ خدا جي طرفان آھي. اسان ائين دنياوي ڏاھپ موجب نہ، بلڪ خدا جي فضل موجب ڪيو آھي.


آءٌ خدا کي شاھد ڄاڻي چوان ٿو تہ آءٌ ڪرنٿس ۾ انھيءَ لاءِ نہ آيس تہ متان اوھين رنج ٿيو.


مسيح جي سچائي جيڪا مون ۾ آھي، تنھن موجب چوان ٿو تہ اخيا جي سمورن علائقن ۾ مون کي انھيءَ فخر ڪرڻ کان ڪوبہ نہ روڪيندو.


خداوند عيسيٰ جو خدا ۽ پيءُ، جنھن جي ھميشہ تائين واکاڻ ھجي، سو ڄاڻي ٿو تہ آءٌ ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان.


اوھين اڃا تائين شايد ائين سمجھندا ھوندا تہ اسين اوھان جي اڳيان پنھنجو بچاءُ ڪري رھيا آھيون. پر اسين خدا کي حاضرناظر ڄاڻي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ڪري ڳالھايون ٿا. اي عزيزو! ھي سڀ ڪجھہ اوھان جي سڌاري لاءِ آھي.


جيڪي ڳالھيون آءٌ اوھان ڏانھن لکي رھيو آھيان تن بابت خدا کي حاضر ڄاڻي چوان ٿو تہ ڪوڙيون نہ آھن.


خدا منھنجو شاھد آھي تہ عيسيٰ مسيح جھڙي الفت جيان اوھان سڀني لاءِ ڪيڏي نہ سڪ اٿم.


ڇالاءِ⁠جو اوھان کي خبر آھي تہ اسان ڪڏھن بہ خوشامند جي ڳالھہ نہ ڪئي آھي ۽ نہ ڪنھن ڳالھہ کي لالچ جو پردو ڪيو اٿئون. انھيءَ جو خدا شاھد آھي.


انھيءَ حڪم جو مقصد اھا محبت پيدا ڪرڻ آھي، جيڪا صاف⁠دليءَ، نيڪ⁠نيتيءَ ۽ سچي ايمان کان پيدا ٿئي ٿي.


انھيءَ مقصد لاءِ ئي آءٌ تبليغ ڪندڙ، رسول ۽ غير قومن کي ايمان ۽ سچائيءَ جي تعليم ڏيندڙ مقرر ٿيس. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان.


خدا، عيسيٰ مسيح ۽ چونڊيل ملائڪن کي حاضر ڄاڻي آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ انھن ھدايتن تي بنا تعصب جي عمل ڪر ۽ ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ طرفداري نہ ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ