Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 8:39 - Common Language New Testament

39 نہ آسمان، نہ پاتال ۽ نہ ٻي ڪا مخلوق اسان کي خدا جي انھيءَ پيار کان جدا ڪري سگھندي، جيڪو اسان کي عيسيٰ مسيح جي وسيلي مليو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 نہ اوچائي، نہ اونهائي، نہ مخلوق جي ٻي ڪا شيءِ اسان کي خدا جي انهي پيار کان ڌار ڪري سگهندي جو اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

39 نہ آڪاش، نہ پاتال ۽ نہ وري ڪا ٻي مخلوق اسان کي ايشور جي انهيءَ پيار کان جدا ڪري سگھندي، جيڪو يسوع مسيح يعني اسان جي پرڀوءَ جي وسيلي اسان کي مليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

39 نہ آسمان، نہ پاتال ۽ نہ وري ڪا ٻي مخلوق اسان کي خدا جي انهيءَ پيار کان جدا ڪري سگھندي، جيڪو عيسيٰ مسيح يعني اسان جي خداوند جي وسيلي اسان کي مليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 8:39
43 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو اھڙا ڪوڙا ماڻھو ظاھر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اھي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جھڙا ڪم ڪندا، انھيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏھن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراھہ ڪن.


ڇالاءِ⁠جو پيءُ پاڻ اوھان سان انھيءَ لاءِ پيار ڪري ٿو جو اوھان مون سان پيار ڪيو آھي ۽ ايمان آندو اٿوَ تہ آءٌ پيءُ وٽان آيو آھيان.


مون تو کي انھن تي ظاھر ڪيو آھي ۽ اڃا بہ ڪندس، انھيءَ لاءِ تہ جيڪو پيار تو مون سان ڪيو آھي سو انھن ۾ ھجي ۽ آءٌ بہ انھن ۾ ھجان.“


ڇالاءِ⁠جو خدا دنيا سان ايترو تہ پيار ڪيو جو ھن پنھنجو ھڪڙو ئي فرزند ڏنو تہ جيڪوبہ مٿس ايمان آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي.


ھي خط انھن سڀني ڏانھن آھي، جيڪي روم شھر ۾ خدا جا پيارا آھن ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ چونڊيا ويا آھن. شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.


خدا جي نعمت ڪيڏي نہ وڏي آھي! سندس ڏاھپ ۽ علم ڪيڏو نہ اونھو آھي! سندس فيصلا ڪيڏا نہ سمجھہ کان ٻاھر آھن ۽ سندس رستن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي!


پر خدا اسان سان پنھنجو پيار انھيءَ مان ثابت ٿو ڪري جو جڏھن اسين اڃا گنھگار ئي ھئاسين تہ مسيح اسان جي لاءِ مئو.


ڇالاءِ⁠جو گناھہ جو اجر موت آھي. پر خدا جي بخشش اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي معرفت دائمي زندگي آھي.


تنھنڪري جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ويا آھن، تن لاءِ ھاڻي سزا جو حڪم نہ آھي.


اسان کي مسيح جي پيار کان ڪير جدا ڪري ٿو سگھي؟ توڙي جو اسين مصيبت يا تنگيءَ ۾ ھجون، اسان کي ستايو وڃي يا اسين بک، غريبيءَ ۽ خطري ۾ ھجون يا اسان کي ماريو وڃي.


پر مون کي اھو ڊپ آھي تہ جيئن نانگ پنھنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنھن نموني اوھان جون دليون بہ انھيءَ سادگيءَ ۽ پاڪائيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح لاءِ ھئڻ گھرجن.


انھيءَ ڪري تہ متان اسين شيطان جي فريب ۾ ڦاسي نہ پئون، ڇوجو اسين سندس منصوبن کان بي⁠خبر نہ آھيون.


ڇالاءِ⁠جو خدا جھان بنائڻ کان اڳ ئي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اسان کي چونڊيو ھو، تہ جيئن اسين خدا جي آڏو پاڪ ۽ بي⁠عيب ھجون.


آءٌ ھي نہ ٿو چوان تہ اھا منزل اڳي ئي حاصل ڪئي اٿم، يا آءٌ اڳي ئي ڪامل ٿي چڪو آھيان، پر انھيءَ شيءِ کي ھٿ ڪرڻ لاءِ اڳتي ڪاھيندو ٿو وڃان، جنھن لاءِ عيسيٰ مسيح مون کي ھٿ ڪيو ھو.


ڇالاءِ⁠جو حقيقي طھر ڪرايل اسين آھيون، جيڪي خدا جي روح جي وسيلي سندس عبادت ڪريون ٿا. اسين عيسيٰ مسيح تي فخر ٿا ڪريون ۽ جسماني ڳالھين تي ويساھہ نہ ٿا رکون،


سچ تہ آءٌ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي سڃاڻپ واري وڏي خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ ھر ھڪ شيءِ کي نقصان واري ٿو سمجھان. ھن جي خاطر مون سڀني شين جو نقصان سٺو آھي ۽ انھن کي آءٌ گند ٿو ڄاڻان، انھيءَ لاءِ تہ مسيح کي حاصل ڪريان،


ھو پاڻ کي انھن سڀني کان مٿاھون ڄاڻيندڙ ۽ انھن جي مخالفت ڪندڙ آھي، جيڪي خدا يا معبود ٿا سڏجن، ايتري قدر جو ھو خدا جي ھيڪل ۾ ويھي پاڻ کي خدا مشھور ڪندو.


اسان کي خبر آھي ۽ اھو يقين اٿئون تہ خدا جو اسان سان پيار آھي. خدا پيار آھي، جيڪو پيار ۾ رھي ٿو سو خدا ۾ رھي ٿو ۽ خدا بہ انھيءَ ۾ رھي ٿو.


اسين پيار انھيءَ لاءِ ٿا ڪريون، جو پھريائين خدا اسان سان پيار ڪيو آھي.


اھو وڏو ازدھا يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس ۽ شيطان بہ سڏبو آھي ۽ جيڪو ساري جھان کي گمراھہ ٿو ڪري، سو زمين تي اڇلايو ويو ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ ھيٺ اڇلايا ويا.


اُن حيوان کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ پھرين حيوان جي روبرو معجزا ڏيکاري. انھن معجزن جي ڪري زمين جا رھاڪو گمراھہ ٿي رھيا ھئا. ھُن انھن کي چيو تہ انھيءَ حيوان جو بت بڻايو جنھن کي تلوار سان سخت زخمي ڪيو ويو ھو، پر پوءِ اھو جيئرو ٿي پيو.


انھيءَ پھرين حيوان ۽ ساڻس گڏ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انھيءَ ٻئي حيوان کي بہ پڪڙيو ويو، جنھن حيوان جي سامھون معجزا ڏيکاريا ھئا. انھن معجزن سان ھن حيوان جو نشان ھڻائڻ وارن ۽ سندس بت جي پوڄا ڪرڻ وارن کي گمراھہ ڪيو ھو. اُھي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باھہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اڇلايا ويا.


پر اوھان ٿواتيرہ جا باقي ماڻھو، جيڪي انھيءَ تعليم تي عمل نہ ٿا ڪريو ۽ انھن ڳالھين کان اڻ⁠ڄاڻ آھيو جن کي شيطان جون اونھيون ڳالھيون ٿا چون، آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ اوھان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھندس.


ھُن کيس انھيءَ اوڙاھہ ۾ اڇلائي اُتي بند ڪري ڇڏيو ۽ مٿس مُھر ھڻي ڇڏيائين، تہ جيئن ھزار سالن جي پوري ٿيڻ تائين قومن کي وري گمراھہ نہ ڪري. انھيءَ کان پوءِ ضروري آھي تہ کيس ٿوري وقت لاءِ ڇوڙيو وڃي.


جڏھن ھزار سال پورا ٿيندا تہ شيطان کي قيد مان ڇڏايو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ