Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 8:36 - Common Language New Testament

36 جيئن لکيل آھي تہ ”تنھنجي خاطر روزانو اسين موت جي خطري ۾ آھيون. اسان سان ڪوس جي رڍن وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”تنهنجي خاطر سارو ڏينهن پيا مارجون، اسين ڪوس جي رڍن وانگر ليکجي وياسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

36 جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”تنهنجي خاطر هر وقت اسان کي موت جو منهن ڏيکاريو وڃي ٿو. هائو، اسان سان ڪوس جي رڍن وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”تنهنجي خاطر هر وقت اسان کي موت جو منهن ڏيکاريو وڃي ٿو. هائو، اسان سان ڪوس جي رڍن وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 8:36
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ماڻھو اوھان کي عبادت⁠خانن مان ڪڍي ڇڏيندا ۽ اھو بہ وقت ايندو جڏھن ڪو اوھان کي ماري وجھندو ۽ ائين سمجھندو تہ ’آءٌ خدا جي خدمت ٿو ڪريان.‘


پر مون کي پنھنجي جان جي ڳڻتي نہ آھي ۽ نڪي اھا منھنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اھو فڪر آھي تہ آءٌ پنھنجو دور پورو ڪريان ۽ جيڪا خدمت خداوند عيسيٰ کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آھي سا پوري ڪريان، يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رھان.


پاڪ ڪتاب جو جيڪو حصو انھيءَ پڙھيو پئي سو ھي آھي تہ ”ھو ھڪڙي رڍ وانگر آھي، جنھن کي ڪھڻ لاءِ وٺي ويا، ۽ جھڙيءَ طرح ڪو گھيٽو پنھنجي اُن ڪترڻ واري جي اڳيان گونگو ٿي بيھندو آھي، تھڙيءَ طرح ھن بہ ٻڙڪ نہ ڪڇي.


جيستائين اسان جو واسطو آھي، اسين ھر گھڙيءَ پاڻ کي خطري ۾ ڇو ٿا رکون؟


اي ڀائرؤ! مون کي پنھنجي انھيءَ فخر جو قسم، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح سان گڏ ھئڻ ڪري اوھان تي آھي، تہ آءٌ ڏھاڙي موت جي منھن ۾ آھيان.


منھنجي خيال ۾ خدا اسان رسولن کي سڀ کان ھيٺاھون ڪري انھن ماڻھن وانگر پيش ڪيو آھي، جن لاءِ سرِعام قتل جو حڪم ملي چڪو ھجي. اسين جھان، فرشتن ۽ ماڻھن لاءِ ھڪ تماشو بڻايا ويا آھيون.


سچ⁠پچ تہ اسان پنھنجين دلين ۾ موت جي فتويٰ محسوس ڪئي، تان جو سکيوسين تہ پاڻ تي نہ، بلڪ خدا تي ڀاڙيون جيڪو مئلن کي جياري ٿو.


ڇا ھو ئي مسيح جا خادم آھن؟ آءٌ ديواني وانگر ڳالھايان ٿو تہ آءٌ انھن کان بھتر خادم آھيان. مون انھن کان وڌيڪ سخت محنت ڪئي آھي. آءٌ انھن کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ قيد ۾ رھيو آھيان. مون انھن کان وڌيڪ چھبڪ کاڌا آھن. آءٌ گھڻا ئي دفعا موت جي منھن ۾ ويو آھيان.


اسين گمنام سمجھيا وڃون ٿا تڏھن بہ مشھور آھيون. مُڙدن وانگر آھيون تڏھن بہ ڏسو، اسين جيئون پيا. اسين سزا کاڌل آھيون تڏھن بہ ماري وڌل نہ آھيون.


آءٌ چاھيان ٿو تہ مسيح ۽ سندس وري جي اٿڻ جي قدرت کي ڄاڻان. آءٌ ھن جي ڏکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو تجربو حاصل ڪرڻ ۽ سندس موت ۾ ھن وانگر ٿيڻ چاھيان ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ