Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 8:29 - Common Language New Testament

29 ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي اڳي ئي ڄاتو ٿي ۽ کين پنھنجي فرزند جھڙو ٿيڻ لاءِ مخصوص ڪيو ھئائين تہ سندس فرزند گھڻن ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ پھريتو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ڇالاءِ جو جن کي هن اڳيئي ٿي ڄاتو، تن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو، تہ سندس فرزند جا هم شڪل ٿين، انهي لاءِ تہ هو گهڻن ڀائرن ۾ پهريتو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 هائو، شروع کان ئي ايشور انهن کي پنهنجو ٿي ڄاتو ۽ کين اڳ ۾ ئي مخصوص بہ ڪيو هئائين. ايشور اهو انهيءَ لاءِ ڪيو تہ اهي سندس پٽ جهڙا ٿين، تہ جيئن سندس پٽ گھڻن ڀائرن ڀينرن ۾ پهريتو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 هائو، شروع کان ئي خدا انهن کي پنهنجو ٿي ڄاتو ۽ کين اڳ ۾ ئي مخصوص بہ ڪيو هئائين. خدا اهو انهيءَ لاءِ ڪيو تہ اهي سندس فرزند جهڙا ٿين، تہ جيئن سندس فرزند گھڻن ڀائرن ڀينرن ۾ پهريتو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 8:29
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو جيڪوبہ منھنجي آسمان واري پيءُ جي مرضيءَ تي ھلندو، سو ئي منھنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماءُ آھي.“


بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان منھنجي ڪنھن گھٽ کان گھٽ ڀاءُ ڀيڻ سان بہ اھڙو ڪم ڪيو، تہ اھو ڄڻ اوھان مون سان ئي ڪيو.‘


عيسيٰ کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، وڃو ۽ منھنجي ڀائرن کي چئو تہ ھو گليل ڏانھن ھلن، اُتي ھو مون کي ڏسندا.“


پر آءٌ کين صاف جواب ڏيئي چوندس تہ ’آءٌ اوھان کي اصل نہ ٿو سڃاڻان. اي بدڪارو! مون وٽان ھليا وڃو.‘“


جيئن آءٌ دنيا جو نہ آھيان تيئن اھي بہ دنيا جا نہ آھن.


انھن جي خاطر آءٌ پاڻ کي مخصوص ٿو ڪريان، تہ جيئن اھي سچ جي وسيلي تو لاءِ مخصوص ڪيا وڃن.


مون تو کي انھن تي ظاھر ڪيو آھي ۽ اڃا بہ ڪندس، انھيءَ لاءِ تہ جيڪو پيار تو مون سان ڪيو آھي سو انھن ۾ ھجي ۽ آءٌ بہ انھن ۾ ھجان.“


عيسيٰ کيس چيو تہ ”مون کي ھٿ نہ لاءِ، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اڃا پيءُ وٽ مٿي موٽي نہ ويو آھيان. پر تون منھنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنھنجي پيءُ ۽ اوھان جي پيءُ ڏانھن، پنھنجي خدا ۽ اوھان جي خدا ڏانھن.“


خدا پنھنجي انھيءَ قوم کي رد ڪونہ ڪيو، جنھن کي اڳي ئي چونڊيو ھئائين. اوھين پاڻ پاڪ ڪتاب جي انھيءَ لکت بابت ڄاڻو ٿا، جنھن ۾ الياس بني اسرائيل جي خلاف خدا وٽ فرياد ٿو ڪري.


پر خداوند عيسيٰ مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪيو ۽ جسماني خواھشن جي پورائيءَ لاءِ خيال نہ پچايو.


خدا اھو ڪم ھن لاءِ ڪيو تہ جيڪي رحم جا ٿانوَ سندس جلوي جي لاءِ اڳي ئي تيار ڪيا ويا آھن، تن تي ھو پنھنجي جلوي جي نعمت نازل ڪري،


جھڙي نموني اسان کي ڌرتيءَ واري جي صورت ملي آھي، تھڙي نموني آسمان واري جي صورت بہ ملندي.


بلڪ، اسين خدا جي ڳجھي ڏاھپ بيان ڪري رھيا آھيون، جيڪا دنيا کان لڪل آھي ۽ جا خدا ھن زماني جي شروعات کان اڳي ئي اسان جي شان وَ شوڪت لاءِ مقرر ڪري ڇڏي ھئي.


پر جيڪو خدا سان پيار ٿو ڪري، تنھن کي خدا پنھنجو ڄاڻي ٿو.


پر اسان جي چھرن تي پردو پيل نہ آھي، تنھنڪري اسين سڀيئي خداوند جي جلال کي آئيني وانگر ڏسندي ڏسندي سندس جلالي صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون. اھو ڪم خداوند جو آھي جيڪو پاڪ روح آھي.


اسين بہ جيڪي اڳي ئي مقرر ڪيا ويا ھئاسين، سي مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري خدا جا ماڻھو ڪري چونڊيا وياسين. اھو خدا جي ارادي موافق ٿيو جيڪو سڀ ڪجھہ پنھنجي مرضيءَ جي مصلحت موجب ڪري ٿو.


اوھين نئين فطرت ڍڪيو، جيڪا خدا جي مرضيءَ موجب حقيقي سچائيءَ ۽ پاڪيزگيءَ ۾ پيدا ڪئي ويئي آھي.


ھو پنھنجي انھيءَ قوت سان، جنھن ذريعي ھر شيءِ کي پنھنجي ھٿ ھيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس بدن کي بدلائي پنھنجي جلال واري بدن جي صورت جھڙو ڪندو.


۽ نئين انسانيت کي پھري ڇڏيو آھي، جيڪا خدا جي پوري ڄاڻ سان پنھنجي خالق جي صورت موافق نئين ٿيندي ٿي وڃي.


انھيءَ خدا اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو ۽ پاڪ زندگيءَ ڏانھن سڏيو، اسان جي عملن جي ڪري نہ، بلڪ پنھنجي خاص ارادي ۽ فضل موجب. اھو فضل اسان تي عيسيٰ مسيح جي وسيلي ازل کان وٺي ڪيو ويو ھو.


تنھن ھوندي بہ خدا جو وڌل مضبوط بنياد قائم رھي ٿو. انھيءَ تي ھنن لفظن جي مُھر لڳل آھي تہ ”خداوند پنھنجن کي سڃاڻي ٿو.“ ۽ ”جيڪو خداوند جي نالي جو اقرار ڪري ٿو، تنھن کي بڇڙائيءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.“


خدا پيءُ اڳ ۾ ئي اوھان کي ڄاتو ۽ پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ڪري اوھان کي چونڊيو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين عيسيٰ مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پاڪ صاف ڪيا وڃو. شل اوھان تي فضل ۽ سلامتي وڌندي رھي.


دنيا جي بنائڻ کان اڳ ۾ ئي مسيح کي چونڊيو ويو ھو. پر ھن آخري زماني ۾ اوھان جي خاطر کيس ظاھر ڪيو ويو.


پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ھاڻي اسين خدا جا ٻار آھيون ۽ اڃا اھا ڳالھہ ظاھر ڪانہ ٿي آھي تہ اسين ڇا ٿينداسين. پر ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏھن مسيح ظاھر ٿيندو تہ اسين بہ ھن جھڙا ٿي پونداسين، ڇالاءِ⁠جو اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن ھو حقيقت ۾ آھي.


زمين جا سڀيئي رھاڪو سندس پوڄا ڪندا، سواءِ انھن جي جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، جيڪو ڪُٺل گھيٽي جو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ