Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 8:28 - Common Language New Testament

28 اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا سڀني شين ۾ انھن ماڻھن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي خدا سان پيار ٿا رکن، تن جي لاءِ سڀ شيون گڏجي ڀلائي پيدا ٿيون ڪن، يعني انهن جي لاءِ جي سندس ارادي موجب سڏيا ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

28 اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور سڀني ڳالهين ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا سڀني ڳالهين ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 8:28
53 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون خداوند پنھنجي خدا کي پنھنجي سڄيءَ دل، پنھنجي سڄي جان، پنھنجي سمجھہ ۽ پنھنجي سڄيءَ طاقت سان پيار ڪر.‘


جڏھن غير قومن اھا ڳالھہ ٻڌي، تڏھن ھو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ خداوند جي ڪلام جي واکاڻ ڪرڻ لڳا ۽ جن کي خدا دائمي زندگيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو ھو تن سڀني ايمان آندو.


ڇالاءِ⁠جو خدا جون بخششون ۽ سندس ڪيل چونڊ تبديل ٿيندڙ نہ آھي.


سو خدا جن کي مخصوص ڪيو ھو تن کي ئي چونڊيائين ۽ جن کي چونڊيائين تن کي پاڻ ڏانھن سچار بہ بڻايائين ۽ جن کي سچار بڻايائين تن کي پنھنجو جلوو بہ بخشيائين.


ٻارن جي ڄمڻ ۽ انھن جي چڱي يا خراب ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ ربقہ کي ٻڌايو ويو تہ وڏو ننڍي جي خدمت ڪندو، انھيءَ لاءِ تہ ڏيکاريو وڃي تہ خدا جو چونڊڻ عملن تي نہ پر سندس مرضيءَ تي مدار رکي ٿو.


ھي ڪرنٿس شھر ۾ خدا جي ڪليسيا ڏانھن موڪلجي ٿو، يعني انھن ماڻھن ڏانھن جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري پاڪ ڪيا ويا آھن ۽ خدا جا ماڻھو ڪري چونڊيا ويا آھن. ھي انھن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي ھر ھنڌ خداوند عيسيٰ مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انھن جو ۽ اسان جو خداوند آھي.


پر جيڪي خدا جا چونڊيل آھن، توڙي جو يھودي ھجن يا يوناني، تن لاءِ مسيح خدا جي قدرت ۽ خدا جي ڏاھپ آھي.


خدا سچو آھي، جنھن پنھنجي فرزند، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي صحبت لاءِ اوھان کي چونڊيو آھي.


پر جيئن لکيل آھي تہ ”جيڪا شيءِ ڪنھن بہ اک نہ ڏٺي آھي، ڪنھن بہ ڪن نہ ٻڌي آھي ۽ ڪنھن بہ دماغ نہ سوچي آھي، سا خدا پنھنجي پيار ڪندڙن لاءِ تيار ڪئي آھي.“


ڇالاءِ⁠جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪڏھن اسان جو جسم جيڪو جھوپڙيءَ جھڙو ڪچو گھر آھي، ڊاھيو ويندو تہ اسان کي خدا کان آسمان تي ھڪڙو پڪو گھر ملندو. اھو ھٿن سان جوڙيل نہ آھي، بلڪ ھميشہ قائم رھندڙ آھي.


پر خدا مون کي ماءُ جي پيٽان ئي مخصوص ڪري پنھنجي فضل سان سڏيو. سو جڏھن ان جي مرضي ٿي


مون کي عجب ٿو لڳي تہ جنھن اوھان کي مسيح جي فضل جي وسيلي سڏيو، تنھن کان اوھين ايترو جلد ڦري ڪنھن ٻئي قسم جي خوشخبريءَ ڏانھن ٿا وڃو،


اھو ڪم اوھان جي سڏڻ واري خدا جي طرفان نہ آھي.


ھي سڀ خدا جي انھيءَ ازلي ارادي موجب ٿيو، جيڪو ھن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي پورو ڪيو.


تنھنڪري آءٌ، جيڪو خداوند جي خاطر قيدي آھيان، اوھان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جنھن مقصد لاءِ خدا اوھان کي سڏيو آھي انھيءَ جي لائق زندگي گذاريو.


سو آءٌ انھيءَ نشان ڏانھن ڪاھيندو ٿو وڃان، تہ جيئن اھو انعام کٽان جنھن لاءِ خدا مون کي عيسيٰ مسيح جي وسيلي آسمان ڏانھن سڏيو آھي.


ڇالاءِ⁠جو خدا اسان کي غضب سھڻ لاءِ نہ، بلڪ انھيءَ لاءِ مقرر ڪيو آھي تہ اسين پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي ڇوٽڪارو حاصل ڪريون.


انھيءَ خدا اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو ۽ پاڪ زندگيءَ ڏانھن سڏيو، اسان جي عملن جي ڪري نہ، بلڪ پنھنجي خاص ارادي ۽ فضل موجب. اھو فضل اسان تي عيسيٰ مسيح جي وسيلي ازل کان وٺي ڪيو ويو ھو.


تنھن ھوندي بہ خدا جو وڌل مضبوط بنياد قائم رھي ٿو. انھيءَ تي ھنن لفظن جي مُھر لڳل آھي تہ ”خداوند پنھنجن کي سڃاڻي ٿو.“ ۽ ”جيڪو خداوند جي نالي جو اقرار ڪري ٿو، تنھن کي بڇڙائيءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.“


انھيءَ ڪري ئي مسيح نئين عھد جو وچ وارو آھي. جن ماڻھن پھرين عھد جي زماني ۾ ڏوھہ ڪيا ھئا، تن کي ھن پنھنجي جان ڏيئي آزاد ڪرايو. انھيءَ لاءِ تہ جن کي سڏيو ويو آھي، سي واعدي ڪيل دائمي ورثو حاصل ڪن.


سڀاڳو آھي اھو ماڻھو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رھي. ڇالاءِ⁠جو جڏھن ھو انھيءَ امتحان ۾ پاس ٿيو تہ کيس فتح جو تاج، يعني اھا زندگي حاصل ٿيندي جنھن جو خدا پنھنجي محبت ڪرڻ وارن سان واعدو ڪيو آھي.


منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا خدا ھن دنيا جي غريب ماڻھن کي ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ انھيءَ بادشاھت جا وارث ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آھي، جنھن جو ھن پنھنجي محبت ڪرڻ وارن سان واعدو ڪيو آھي؟


پر اوھين ھڪڙو چونڊيل نسل، شاھي ڪاھنن جي جماعت، پاڪ قوم ۽ خدا جا اھڙا چونڊيل ماڻھو آھيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آھن. اوھين انھيءَ لاءِ چونڊيا ويا آھيو تہ خدا جون خوبيون ظاھر ڪريو، جنھن اوھان کي اونداھيءَ مان ڪڍي پنھنجي عجيب روشنيءَ ڏانھن سڏيو آھي.


بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدران گار نہ ڏيو، اٽلندو دعا ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اوھين انھيءَ لاءِ سڏيا ويا آھيو تہ برڪت جا وارث ٿيو.


ھاڻي خدا، جيڪو ھر طرح جي فضل جو سرچشمو آھي ۽ جنھن اوھان کي مسيح جا ھئڻ ڪري پنھنجي دائمي عظمت ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آھي، سو اوھان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سھڻ کان پوءِ پاڻھي اوھان کي ڪامل، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو.


پيار اھو نہ آھي تہ اسان خدا کي پيار ڪيو، پر ھي آھي تہ خدا اسان کي پيار ڪيو ۽ پنھنجي فرزند جي قرباني ڏنائين، جيڪا اسان جا گناھہ کڻي وڃي ٿي.


اسين پيار انھيءَ لاءِ ٿا ڪريون، جو پھريائين خدا اسان سان پيار ڪيو آھي.


آءٌ جن سان پيار ڪندو آھيان تن کي تنبيھہ ۽ سيکت بہ ڏيندو آھيان، تنھنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبھہ⁠تائب ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ