Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 8:14 - Common Language New Testament

14 ڇالاءِ⁠جو جيڪي خدا جي روح جي ھدايتن موجب ھلن ٿا سي خدا جا ٻار آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 هن ڪري جو جيڪي خدا جي روح جي موجب هلن ٿا، سي خدا جا ٻار آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 سو جيڪي ايشور جي آتما جي هدايت موجب هلن ٿا سي ئي ايشور جا ٻار آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 سو جيڪي خدا جي روح جي هدايت موجب هلن ٿا سي ئي خدا جا ٻار آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 8:14
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀاڳا آھن اھي جيڪي ماڻھن ۾ صلح ڪرائين ٿا، ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي پنھنجو ٻار سڏيندو.


پر جن بہ کيس قبول ڪيو يعني مٿس ايمان آندو، تن کي اھو حق ڏنائين تہ ھو خدا جا ٻار ٿين.


سڄي مخلوقات ڏاڍي شوق سان خدا جي ٻارن جي ظاھر ٿيڻ جي انتظار ۾ آھي.


جيڪي انساني فطرت موجب ھلن ٿا سي انساني فطرت جا تابعدار آھن. پر جيڪي پاڪ روح موجب ھلن ٿا سي پاڪ روح جا تابعدار آھن.


اوھين انساني فطرت موجب نہ پر پاڪ روح موجب ھلو ٿا، بشرطيڪ اوھان ۾ خدا جو روح رھي. جنھن ماڻھوءَ ۾ مسيح جو روح نہ آھي سو مسيح جو نہ آھي.


”جنھن جاءِ تي انھن کي ائين چيو ويو تہ ’اوھين منھنجي قوم نہ آھيو،‘ انھيءَ ساڳي جاءِ تي ئي اھي زندہ خدا جا فرزند سڏبا.“


ان جي معنيٰ تہ جسماني ٻار خدا جا ٻار نہ آھن، پر جيڪي ابراھيم سان خدا جي ڪيل واعدي موجب ٻار پيدا ٿيا سي ئي ابراھيم جو اولاد ليکجن ٿا.


آءٌ اوھان جو پيءُ ٿيندس ۽ اوھين منھنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. خداوند قادرِمطلق ائين ٿو فرمائي.“


ڇالاءِ⁠جو اوھين سڀيئي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري خدا جا ٻار آھيو.


انھيءَ لاءِ تہ جيڪي شريعت جي ماتحت ھئا تن کي ھو مُلھہ ڏيئي ڇڏائي، تہ جيئن اسان کي گود ورتل ٻار ٿيڻ جو درجو حاصل ٿئي.


جيئن تہ اوھين خدا جا ٻار آھيو، تنھنڪري خدا پنھنجي فرزند جو روح اوھان جي دلين ۾ بہ موڪليو آھي. اھو روح ”اي منھنجا بابا!“ چئي پڪاري ٿو.


پر آءٌ چوان ٿو تہ پاڪ روح جي ھدايتن تي ھلو، تہ پوءِ اوھين انساني فطرت جي خواھشن کي ڪڏھن بہ پورو نہ ڪندا.


پر جيڪڏھن اوھين پاڪ روح جي ھدايتن تي ھلو ٿا تہ شريعت جي تابع نہ آھيو.


ھن محبت جي ڪري پنھنجي خوشيءَ ۽ مرضيءَ سان اسان کي عيسيٰ مسيح جي وسيلي پنھنجا گود ورتل ٻار بنائڻ لاءِ اڳي ئي مقرر ڪري ڇڏيو ھو.


ھن ڪري جو روشنيءَ جو ڦل ھر طرح جي چڱائيءَ، صداقت ۽ سچائيءَ ۾ آھي.


ڏسو، پيءُ جو اسان سان ڪيترو نہ پيار آھي. ھن جو اسان سان ايترو تہ پيار آھي جو اسين خدا جا ٻار ٿا سڏجون ۽ حقيقت ۾ اسين آھيون بہ. اِھو ئي سبب آھي جو دنيا اسان کي نہ ٿي سڃاڻي، ڇالاءِ⁠جو ھن کيس بہ نہ سڃاتو آھي.


جيڪي خدا جي حڪمن تي عمل ڪن ٿا، سي منجھس رھن ٿا ۽ ھو انھن ۾ رھي ٿو. اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا اسان ۾ رھي ٿو. اھو اسين انھيءَ ڪري ڄاڻون ٿا تہ ھن اسان کي پاڪ روح ڏنو آھي.


جيڪو غالب پوندو سو ھنن شين جو حقدار ٿيندو. آءٌ انھيءَ جو خدا ٿيندس ۽ ھو منھنجو ٻار ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ