Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 8:1 - Common Language New Testament

1 تنھنڪري جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ويا آھن، تن لاءِ ھاڻي سزا جو حڪم نہ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 تنهنڪري هاڻي جيڪي مسيح يسوع ۾ آهن، تن تي سزا جو حڪم ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 پر هاڻ جيڪي يسوع مسيح ۾ آهن، سي پاپي هئڻ جي فيصلي کان آزاد آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پر هاڻ جيڪي عيسيٰ مسيح ۾ آهن، سي گنهگار هئڻ جي فتويٰ کان آزاد آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 8:1
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن اھو ڏينھن ايندو تڏھن اوھان کي خبر پوندي تہ آءٌ پنھنجي پيءُ ۾ آھيان ۽ اوھين مون ۾ ۽ آءٌ اوھان ۾ آھيان.


اوھين مون سان گڏجي ھڪ ٿي رھو ۽ آءٌ اوھان سان گڏجي ھڪ ٿي رھندس. تيستائين ڪابہ ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي، جيستائين اھا ول ۾ نہ ٿي رھي. اھڙيءَ طرح اوھين بہ ميوو نہ ٿا جھلي سگھو جيستائين مون ۾ نہ رھو.


آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منھنجو ڪلام ٻڌي ٿو ۽ جنھن مون کي موڪليو آھي، تنھن تي ايمان آڻي ٿو، تنھن جي زندگي دائمي آھي ۽ مٿس سزا لاڳو نہ ٿيندي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيو آھي.


پرسڪلا ۽ اڪولا کي منھنجا سلام ڏجو، جن مون سان گڏ عيسيٰ مسيح جي خدمت ڪئي آھي،


منھنجي قوم وارن اندرنيڪس ۽ يونياس کي سلام ڏجو، جيڪي مون سان گڏ جيل ۾ ھئا ۽ جيڪي رسولن ۾ مشھور آھن ۽ مون کان اڳي مسيحي ٿيا ھئا.


جيئن تہ اسين ايمان جي ڪري سچار بڻايا ويا آھيون، تنھنڪري اسان جو پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا سان ميلاپ ٿي ويو آھي.


خدا جي بخشش ۽ ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڏوھہ ۾ فرق آھي، ڇالاءِ⁠جو ھڪڙي ئي شخص جي ڏوھہ کان پوءِ سزا جو حڪم جاري ٿيو، پر گھڻا ئي ماڻھو گناھن ڪرڻ کان پوءِ بہ خدا جي انھيءَ فضل جي بخشش ڪري ڇٽي ويا.


سو انھيءَ حالت ۾ ڪم ڪرڻ وارو آءٌ نہ آھيان، پر اھو گناھہ آھي جيڪو مون ۾ گھر ڪري ويٺو آھي، سو ئي اھي ڪم ڪري ٿو.


سو جيڪڏھن آءٌ اھڙا ڪم ٿو ڪريان جن جي ڪرڻ لاءِ دل نہ ٿي گھري، تہ پوءِ انھن جي ڪرڻ وارو آءٌ نہ آھيان، پر اھو گناھہ ئي آھي جيڪو مون ۾ گھر ڪري ويٺو آھي.


جيڪڏھن اوھان ۾ خدا جو روح موجود آھي، جنھن عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ڪيو، تہ پوءِ جنھن مسيح کي مئلن مان جياريو سو اوھان جي فاني جسمن کي بہ پنھنجي انھيءَ روح جي وسيلي جيئرو ڪندو جيڪو اوھان ۾ رھي ٿو.


ڇالاءِ⁠جو جيڪي خدا جي روح جي ھدايتن موجب ھلن ٿا سي خدا جا ٻار آھن.


ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح جو اصول جيڪو اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري زندگي ڏئي ٿو، تنھن اسان کي گناھہ ۽ موت جي اصول کان ڇڏايو آھي.


پوءِ ڪير آھي جو اسان کي ڏوھدار بڻائيندو؟ جڏھن تہ عيسيٰ مسيح خود اسان جي خاطر مئو، بلڪ مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو. ھو خدا جي ساڄي پاسي آھي ۽ اسان جي شفاعت پيو ڪري.


نہ آسمان، نہ پاتال ۽ نہ ٻي ڪا مخلوق اسان کي خدا جي انھيءَ پيار کان جدا ڪري سگھندي، جيڪو اسان کي عيسيٰ مسيح جي وسيلي مليو آھي.


اھو خدا انھيءَ لاءِ ڪيو تہ اسين جيڪي انساني فطرت موجب نہ پر پاڪ روح موجب ھلون ٿا، تن ۾ شريعت جي سچائي پوري ٿي وڃي.


اوھين انساني فطرت موجب نہ پر پاڪ روح موجب ھلو ٿا، بشرطيڪ اوھان ۾ خدا جو روح رھي. جنھن ماڻھوءَ ۾ مسيح جو روح نہ آھي سو مسيح جو نہ آھي.


پر خدا اوھان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي ھڪ ڪري ڇڏيو آھي ۽ کيس اسان لاءِ حڪمت يعني سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو بڻايو اٿائين.


جيئن آدم جا ھئڻ ڪري سڀ مرن ٿا، تيئن ئي جيڪي مسيح جا ھوندا سي سڀ جياريا ويندا.


آءٌ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل ھڪڙي شخص کي ڄاڻان ٿو، جيڪو چوڏھن سال اڳي اوچتو ٽئين آسمان تي کنيو ويو. مون کي خبر نہ آھي تہ بدن سميت يا بدن کان سواءِ کنيو ويو. اھو خدا ئي ڄاڻي ٿو.


تنھنڪري جيڪڏھن ڪو مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھي تہ ھو نئون خلقيل آھي. پراڻيون ڳالھيون گذري ويون، ڏسو، ان جي نئين حالت شروع ٿي ويئي.


مسيح اسان کي خريد ڪري شريعت جي لعنت کان ڇڏايو ۽ پاڻ اسان جي بدران لعنتي بڻيو. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آھي.“


ڇالاءِ⁠جو اوھين سڀيئي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري خدا جا ٻار آھيو.


تہ پوءِ يھودي ۽ غير يھوديءَ ۾، غلام ۽ آزاد ۾، مرد ۽ عورت ۾ ڪوبہ فرق نہ آھي. ڇالاءِ⁠جو اوھين سڀيئي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيو.


پر آءٌ چوان ٿو تہ پاڪ روح جي ھدايتن تي ھلو، تہ پوءِ اوھين انساني فطرت جي خواھشن کي ڪڏھن بہ پورو نہ ڪندا.


جڏھن تہ اسين پاڪ روح جي ڪري جيئرا آھيون، تڏھن اسان کي ھلڻ بہ پاڪ روح جي ھدايتن موجب کپي.


ھي خط پولس جي طرفان آھي، جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب عيسيٰ مسيح جو رسول آھي. ھي اِفسس شھر ۾ رھندڙ انھن ايمان وارن ڏانھن لکجي ٿو، جيڪي عيسيٰ مسيح جا وفادار پوئلڳ آھن.


۽ ھن سان پوريءَ طرح گڏيل ثابت ٿيان، پنھنجي انھيءَ سچائيءَ رکڻ سان نہ جيڪا شريعت کان آھي، پر انھيءَ سچائيءَ سبب جيڪا مسيح تي ايمان آڻڻ جي وسيلي حاصل ٿئي ٿي. اھا سچائي ايمان جي ڪري خدا کان ملي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ