Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 7:7 - Common Language New Testament

7 پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ شريعت گناھہ آھي؟ نہ، بلڪل نہ، ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن شريعت نہ ھجي ھا تہ مون کي گناھہ جي خبر نہ پوي ھا. جيڪڏھن شريعت نہ چوي ھا تہ ”لالچ نہ ڪر“ تہ مون کي لالچ جي خبر نہ پوي ھا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 تڏهن اسين ڇا چئون؟ شريعت گناهہ آهي ڇا؟ اصل ئي نہ! انهي هوندي بہ شريعت کانسواءِ مون کي گناهہ جي خبر ڪانہ پوي ها: ڇالاءِ جو جيڪڏهن شريعت نہ چوي ها تہ تون لالچ نہ ڪر، تہ جيڪر مون کي لالچ جي خبر نہ پوي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ نيم خود پاپ آهي؟ نہ، بلڪل نہ. جيڪڏهن نيم نہ هجي ها تہ مون کي پاپ جي سڌ نہ پوي ها. جيڪڏهن نيم نہ چوي ها تہ ”لالچ نہ ڪر“ تہ مون کي لالچ جي سڌ ئي نہ پوي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ شريعت خود گناهہ آهي؟ نہ، بلڪل نہ. جيڪڏهن شريعت نہ هجي ها تہ مون کي گناهہ جي خبر نہ پوي ها. جيڪڏهن شريعت نہ چوي ها تہ ”لالچ نہ ڪر“ تہ مون کي لالچ جي خبر ئي نہ پوي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 7:7
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ھاڻي آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو ماڻھو ڪنھن عورت ڏانھن بري نگاھہ سان ٿو ڏسي سو پنھنجيءَ دل ۾ ان عورت سان زنا ڪري چڪو.


پوءِ ھن سڀني کي چتائي ڏسندي چيو تہ ”ھوشيار ٿجو ۽ پاڻ کي ھر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇالاءِ⁠جو ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻھوءَ جي حياتيءَ کي نہ ٿي سنواري.“


ھو پاڻ اچي باغائين کي تباھہ ڪندو ۽ باغ ٻين کي ڏيندو.“ جڏھن ھنن اھو ٻڌو تڏھن چوڻ لڳا تہ ”خدا خير ڪري.“


مون ڪنھن ۾ بہ سون، چانديءَ يا ڪپڙي جي لالچ نہ رکي.


شريعت جا حڪم آھن تہ ”زنا نہ ڪر، خون نہ ڪر، چوري نہ ڪر ۽ لالچ نہ ڪر.“ ٻيا جيڪي حڪم آھن سي ھن ھڪڙيءَ ڳالھہ ۾ اچي وڃن ٿا تہ ”تون پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.“


مطلب تہ شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ڪوبہ ماڻھو خدا ڏانھن سچار ٿي نہ ٿو سگھي. شريعت جي وسيلي تہ رڳو کيس گناھن جي خبر پوي ٿي.


پر آءٌ ماڻھن جي ئي بحث مطابق پڇي سگھان ٿو تہ جيڪڏھن اسان جي بڇڙائيءَ جي ڪري خدا جو انصاف ظاھر ٿئي ٿو تہ پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ خدا بي⁠انصاف آھي، جو ھو غضب ٿو نازل ڪري؟


اسين پنھنجي ڏاڏي ابراھيم بابت ڇا چئون؟ ھن کي ڇا حاصل ٿيو؟


شريعت خدا جو غضب پيدا ڪري ٿي، پر جتي شريعت ئي نہ آھي تہ اُتي سندس حڪمن جي ڀڃڪڙي بہ نہ آھي.


شريعت جي ملڻ کان پوءِ ڏوھہ وڌيا. گناھہ کڻي ڪيترا بہ وڌيا پر خدا جو فضل انھن کان بہ وڌي ويو،


پوءِ ڇا اسين گناھہ ڪريون، انھيءَ لاءِ تہ ھاڻي اسين شريعت جي نہ پر خدا جي فضل جي تابع آھيون؟ نہ، بلڪل نہ.


ڇالاءِ⁠جو گناھہ کي وجھہ ملي ويو ۽ شرعي حڪم جي وسيلي مون کي برغلايائين ۽ انھيءَ ئي شرعي حڪم جي وسيلي مون کي ماري وڌائين.


تہ پوءِ جيڪا شيءِ چڱي آھي تہ ڇا تنھن ئي مون کي ماريو؟ نہ، بلڪل نہ. پر گناھہ پنھنجي گنھگاري ظاھر ڪرڻ لاءِ ھڪ چڱي شيءِ جو سھارو وٺي مون کي ماريو ۽ شرعي حڪم جي وسيلي گناھہ حد کان وڌيڪ بڇڙو ثابت ٿيو.


جڏھن اسين رڳو انساني فطرت موجب رھندا ھئاسين، تڏھن اسان جون نفساني خواھشون، جيڪي شريعت جي ڪري ظاھر ٿي ٿيون سي اسان تي قابض ھيون، جنھن ڪري اسان موت لائق ڦل جھليوسين.


پر گناھہ کي وجھہ ملي ويو. سو ھن انھيءَ شرعي حڪم جي وسيلي مون ۾ ھر طرح جي لالچ پيدا ڪئي، ڇالاءِ⁠جو شريعت کان سواءِ گناھہ مئل آھي.


موت جو ڏنگ گناھہ ئي آھي ۽ گناھہ جي طاقت شريعت ئي آھي.


پر زناڪاري ۽ ڪنھن بہ قسم جي ناپاڪي يا لالچ جو نالو بہ اوھان ۾ نہ ھئڻ کپي، ڇالاءِ⁠جو خدا وارن لاءِ اھو مناسب نہ آھي.


تنھنڪري اوھين پنھنجين انھن عادتن کي ماري ڇڏيو جيڪي زمين تي آھن، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شھوت⁠پرستي، بريون خواھشون ۽ لالچ، جيڪا بت⁠پرستيءَ جي برابر آھي.


يعني شھوت جي جوش ۾ انھن قومن وانگر نہ گذاريو، جيڪي خدا کي نہ ٿيون سڃاڻين.


ڇالاءِ⁠جو شريعت ڪنھن کي بہ ڪامل ڪري نہ سگھي. سو انھيءَ جي بدران اسان کي ھڪ بھتر اميد ڏني ويئي آھي، جنھن جي وسيلي اسين خدا کي ويجھو وڃي ٿا سگھون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ