Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 7:6 - Common Language New Testament

6 پر ھاڻي اسين شريعت کان ڇٽل آھيون، ڇالاءِ⁠جو جنھن سان اسين ٻڌل ھئاسين تنھن جي نسبت تہ مئاسين. ھاڻي اسين خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ پراڻن لکيل حڪمن جا نہ، بلڪ پاڪ روح جي نئين طريقي جا پابند آھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر هاڻي اسين شريعت کان ڇُٽل آهيون، ڇو جو جنهن شئي سان ٻَڌل هئاسين، انهي جي نسبت مُئاسين؛ تنهنڪري هاڻي جيڪا خدمت ٿا ڪريون، سا پراڻي لکيلن حڪمن سان نہ، پر روح جي نئين زندگيءَ سان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 پر هاڻ اسين نيم جي لحاظ کان مرڻ جي ڪري ان جي ٻنڌڻ کان آزاد ٿي ويا آهيون. هاڻي اسين ايشور جي سيوا ڪرڻ ۾ پراڻن لکيل حڪمن جا نہ، بلڪ پوِتر آتما واري نئين جيون جا پابند آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پر هاڻ اسين شريعت جي لحاظ کان مرڻ جي ڪري ان جي ٻنڌڻ کان آزاد ٿي ويا آهيون. هاڻي اسين خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ پراڻن لکيل حڪمن جا نہ، بلڪ پاڪ روح واري نئين زندگيءَ جا پابند آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 7:6
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا، جنھن جي فرزند جي خوشخبري ٻڌائڻ ۾ آءٌ پنھنجي دل⁠وجان سان سندس خدمت ٿو ڪريان، سو منھنجو شاھد آھي تہ آءٌ اوھان کي ھردم پنھنجي دعائن ۾ ياد ڪريان ٿو،


ھن جھان جو نمونو اختيار نہ ڪريو، بلڪ خدا جي ڏنل نئين سمجھہ وسيلي بدلجي وڃو. پوءِ اوھين سمجھي سگھندا تہ خدا جي چڱي، پسنديدہ ۽ ڪامل مرضي ڪھڙي آھي.


اھڙيءَ طرح اوھين بہ پاڻ کي گناھہ جي نسبت مئل سمجھو، پر خدا جي نسبت عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري پاڻ کي جيئرو سمجھو.


جيئن تہ مون کي اوھان جي انساني ڪمزورين جي خبر آھي، سو آءٌ اوھان کي عام رواجي لفظن ۾ چوان ٿو تہ جيئن اڳي اوھان بڇڙائي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي حرامڪاريءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو ھو، تيئن ھاڻي پاڪ ٿيڻ لاءِ پاڻ کي سچائيءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو.


نہ، بلڪل نہ. اسين گناھہ جي نسبت مئل آھيون تہ پوءِ ڪيئن ان ۾ وڌيڪ جيئرا رھي سگھنداسين؟


پر ھاڻي اوھين گناھن کان آزاد ڪيا ويا آھيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آھيو، جنھن جو اجر اوھان جي پاڪائي آھي ۽ جنھن جو نتيجو آھي دائمي زندگي.


تنھنڪري اسين سندس مرڻ ۾ بپتسما جي وسيلي ھن سان گڏ دفن ٿي ويا ھئاسين، انھيءَ لاءِ تہ جيئن مسيح پنھنجي پيءُ جي جلوي سان مئلن مان جياريو ويو تيئن اسين بہ نئين زندگيءَ ۾ گذاريون.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين شريعت کان واقف آھيو. تنھنڪري ڄاڻو ٿا تہ جيستائين انسان جيئرو آھي تيستائين شريعت جو مٿس حڪم ھلي ٿو.


مثلاً، شريعت موجب زال پنھنجي مڙس سان سندس حياتيءَ تائين ٻڌل رھي ٿي. پر جيڪڏھن اھو مڙس مري وڃي تہ ھوءَ سندس نڪاح کان ڇٽل آھي.


منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اھڙيءَ طرح عيسيٰ جي جسماني موت جي وسيلي اوھين بہ شريعت جي نسبت ۾ مري ويا آھيو. ھاڻي اوھين مسيح جي بدن جا عضوا آھيو ۽ اوھين انھيءَ جا ئي آھيو جيڪو مئلن مان جيئرو ٿيو. اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ اسين خدا جي لائق ڦل جھليون.


اھو ئي آھي، جنھن اسان کي نئين عھد جي خادم ھئڻ جي لائق ڪيو. اھو عھد اکرن جو نہ پر پاڪ روح جو آھي، ڇالاءِ⁠جو اکر مارين ٿا پر روح جياري ٿو.


تنھنڪري جيڪڏھن ڪو مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھي تہ ھو نئون خلقيل آھي. پراڻيون ڳالھيون گذري ويون، ڏسو، ان جي نئين حالت شروع ٿي ويئي.


مسيح اسان کي خريد ڪري شريعت جي لعنت کان ڇڏايو ۽ پاڻ اسان جي بدران لعنتي بڻيو. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آھي.“


انھيءَ ڪري طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آھي، پر اھم ڳالھہ نئون خلقيل ھجڻ آھي.


اوھين نئين فطرت ڍڪيو، جيڪا خدا جي مرضيءَ موجب حقيقي سچائيءَ ۽ پاڪيزگيءَ ۾ پيدا ڪئي ويئي آھي.


ڇالاءِ⁠جو حقيقي طھر ڪرايل اسين آھيون، جيڪي خدا جي روح جي وسيلي سندس عبادت ڪريون ٿا. اسين عيسيٰ مسيح تي فخر ٿا ڪريون ۽ جسماني ڳالھين تي ويساھہ نہ ٿا رکون،


۽ نئين انسانيت کي پھري ڇڏيو آھي، جيڪا خدا جي پوري ڄاڻ سان پنھنجي خالق جي صورت موافق نئين ٿيندي ٿي وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ