Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 7:25 - Common Language New Testament

25 آءٌ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي مون کي ڇڏائيندو. مطلب تہ آءٌ پنھنجي عقل سان خدا جي شريعت جو تابعدار آھيان، پر آءٌ پنھنجي انساني فطرت جي ڪري گناھہ جي حڪم جو تابعدار آھيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 آئون پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي خدا جو شڪر ٿو ڪريان. مطلب تہ آئون پاڻ پنهنجي عقل سان خدا جي شريعت جي، مگر بدن سان گناهہ جي شريعت جي تابعداري ٿو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 انهيءَ لاءِ آءٌ ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي مون کي ڇڏائيندو. مطلب تہ جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي دلي سوچ سان ايشور جي نيم جي وس هيٺ آهيان، تڏهن بہ منهنجي انساني فطرت اڃا پاپ جي حڪم هيٺ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 انهيءَ لاءِ آءٌ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي مون کي ڇڏائيندو. مطلب تہ جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي دلي سوچ سان خدا جي شريعت جي تابع آهيان، تڏهن بہ منهنجي انساني فطرت اڃا گناهہ جي حڪم جي تابع آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 7:25
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھن کي پٽ ڄمندو ۽ ان جو نالو عيسيٰ رکجانءِ، ڇالاءِ⁠جو ھو پنھنجيءَ قوم کي سندن گناھن کان ڇوٽڪارو ڏيندو.“


ڇالاءِ⁠جو ھاڻي گناھہ جو اوھان تي ڪوبہ اختيار نہ آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھاڻي اوھين شريعت جي تابع نہ پر خدا جي فضل جي تابع آھيو.


خدا جو شڪر آھي جو جيتوڻيڪ اوھين گناھہ جا غلام ھئا، پر جيڪا تعليم اوھان کي ڏني ويئي تنھن جي اوھان دل⁠وجان سان تابعداري ڪئي.


ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح جو اصول جيڪو اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري زندگي ڏئي ٿو، تنھن اسان کي گناھہ ۽ موت جي اصول کان ڇڏايو آھي.


پر خدا جو شڪر آھي جو ھو اسان کي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي فتح ٿو ڏئي.


خدا جو شڪر آھي، سندس انھيءَ بخشش لاءِ جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھي.


ھميشہ سڀني ڳالھين ۾ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي، خدا پيءُ جا شڪرانا بجاءِ آڻيندا رھو.


ڇالاءِ⁠جو حقيقي طھر ڪرايل اسين آھيون، جيڪي خدا جي روح جي وسيلي سندس عبادت ڪريون ٿا. اسين عيسيٰ مسيح تي فخر ٿا ڪريون ۽ جسماني ڳالھين تي ويساھہ نہ ٿا رکون،


ڪنھن بہ ڳالھہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ اوھين پنھنجا عرض، دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪرڻ سان خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا ڪريو.


اوھين جيڪي⁠بہ ڪريو، چوڻ يا ڪم ڪرڻ، سو سڀ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ڪريو ۽ سندس ئي وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا بجاءِ آڻيو.


اوھين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين پاڪ ڪاھنن جي حيثيت ۾ اھڙيون روحاني قربانيون پيش ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.


پر اوھين ھڪڙو چونڊيل نسل، شاھي ڪاھنن جي جماعت، پاڪ قوم ۽ خدا جا اھڙا چونڊيل ماڻھو آھيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آھن. اوھين انھيءَ لاءِ چونڊيا ويا آھيو تہ خدا جون خوبيون ظاھر ڪريو، جنھن اوھان کي اونداھيءَ مان ڪڍي پنھنجي عجيب روشنيءَ ڏانھن سڏيو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ