Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 7:15 - Common Language New Testament

15 مون کي پنھنجن ڪمن جي ئي خبر نہ ٿي پوي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڪم آءٌ ڪرڻ گھران ٿو سي تہ نہ ٿو ڪريان، پر اٽلندو اھي ڪم ڪريان ٿو جن کان مون کي نفرت آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ڇالاءِ تہ جيڪي آئون ڪريان ٿو، تنهن جي مون کي خبر نٿي پوي: ڇالاءِ تہ جيڪي ڪرڻ گهُران ٿو سو آئون نٿو ڪريان، پر جنهن کان نفرت ٿو ڪريان، سو ئي آئون ڪريان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 ڳالهہ اها آهي تہ مون کي پنهنجي ڪمن جي بہ سڌ نہ ٿي پوي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪم آءٌ ڪرڻ گھران ٿو سي تہ نہ ٿو ڪريان، پر اٽلندو اهي ڪم ڪريان ٿو جن کان مون کي نفرت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 ڳالهہ اها آهي تہ مون کي پنهنجي ڪمن جي بہ خبر نہ ٿي پوي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪم آءٌ ڪرڻ گھران ٿو سي تہ نہ ٿو ڪريان، پر اٽلندو اهي ڪم ڪريان ٿو جن کان مون کي نفرت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 7:15
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اھا ھن ڳالھہ جي شاھدي آھي تہ جيڪي اوھان جي ابن ڏاڏن ڪيو سو اوھان کي قبول آھي، ڇوتہ انھن تہ نبين کي مارايو ھو ۽ اوھين سندن قبا پيا اڏايو.


ھن کان پوءِ آءٌ اوھان کي نوڪر نہ سڏيندس، ڇاڪاڻ⁠تہ نوڪر کي خبر نہ ھوندي آھي تہ سندس مالڪ ڇا ڪري رھيو آھي. پر مون اوھان کي دوست ڪري سڏيو آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڳالھيون مون پنھنجي پيءُ کان ٻڌيون آھن سي سڀ اوھان کي ٻڌايون اٿم.


پيار ۾ رياڪاري نہ ھئڻ گھرجي. بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو.


ھنن ڳالھين بابت تنھنجو جيڪو اعتقاد آھي سو پنھنجيءَ دل ۾ ئي رک. سڀاڳو آھي اھو ماڻھو جيڪو انھيءَ ڪم جي ڪرڻ سان جيڪو سندس نظر ۾ چڱو آھي، پاڻ کي ڏوھاري نہ ٿو محسوس ڪري.


جيڪڏھن آءٌ اھي ڪم ڪريان ٿو جيڪي حقيقت ۾ آءٌ ڪرڻ نہ ٿو گھران تہ آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ شريعت سچي آھي.


ڇالاءِ⁠جو انساني فطرت پاڪ روح جي برخلاف خواھش ڪري ٿي ۽ پاڪ روح انساني فطرت جي برخلاف. ھي ٻئي ھڪٻئي جا دشمن آھن، انھيءَ ڪري جيڪي اوھين ڪرڻ چاھيو ٿا سو نہ ٿا ڪريو.


تنھن ھوندي بہ خدا جو وڌل مضبوط بنياد قائم رھي ٿو. انھيءَ تي ھنن لفظن جي مُھر لڳل آھي تہ ”خداوند پنھنجن کي سڃاڻي ٿو.“ ۽ ”جيڪو خداوند جي نالي جو اقرار ڪري ٿو، تنھن کي بڇڙائيءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.“


تو سچائيءَ سان محبت، ۽ بڇڙائيءَ سان دشمني رکي. تنھنڪري خدا، يعني تنھنجي خدا، خوشيءَ جي تيل سان مسح ڪري تو کي چونڊيو، ۽ تنھنجي سنگتين کان تو کي مٿاھون ڪيو.“


اسين سڀيئي گھڻين ئي ڳالھين ۾ ٿاٻڙجي خطا ٿا ڪريون. پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڳالھائڻ ۾ ڪڏھن بہ خطا نہ ٿو ڪري تہ اھو ڪامل آھي ۽ پنھنجي سڄي بدن کي ضابطي ۾ رکي ٿو سگھي.


ڪن کي ڇڪي باھہ مان ڪڍي بچايو ۽ ٻين تي خوف کائيندي رحم ڪريو. پر جسماني خواھشن وسيلي پليت ٿيل ڪپڙن کان بہ نفرت ڪجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ