Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 7:11 - Common Language New Testament

11 ڇالاءِ⁠جو گناھہ کي وجھہ ملي ويو ۽ شرعي حڪم جي وسيلي مون کي برغلايائين ۽ انھيءَ ئي شرعي حڪم جي وسيلي مون کي ماري وڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ڇالاءِ جو گناهہ وجهہ وٺي حڪم جي وسيلي مون کي برغلايو، ۽ اُنهي جي وسيلي مون کي ماري وڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 پاپ وجھہ وٺي نيم واري انهيءَ حڪم جي وسيلي مون کي برغلايو ۽ انهيءَ ئي حڪم جي وسيلي مون کي ماري وڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 گناهہ وجھہ وٺي شريعت واري انهيءَ حڪم جي وسيلي مون کي برغلايو ۽ انهيءَ ئي حڪم جي وسيلي مون کي ماري وڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 7:11
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مطلب تہ شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ڪوبہ ماڻھو خدا ڏانھن سچار ٿي نہ ٿو سگھي. شريعت جي وسيلي تہ رڳو کيس گناھن جي خبر پوي ٿي.


تہ پوءِ جيڪا شيءِ چڱي آھي تہ ڇا تنھن ئي مون کي ماريو؟ نہ، بلڪل نہ. پر گناھہ پنھنجي گنھگاري ظاھر ڪرڻ لاءِ ھڪ چڱي شيءِ جو سھارو وٺي مون کي ماريو ۽ شرعي حڪم جي وسيلي گناھہ حد کان وڌيڪ بڇڙو ثابت ٿيو.


پر گناھہ کي وجھہ ملي ويو. سو ھن انھيءَ شرعي حڪم جي وسيلي مون ۾ ھر طرح جي لالچ پيدا ڪئي، ڇالاءِ⁠جو شريعت کان سواءِ گناھہ مئل آھي.


تہ پنھنجي پراڻي فطرت کي سندس اڳوڻي ھلت چلت سميت لاھي ڇڏيو، جيڪا برين خواھشن جي فريب سبب بگڙندي ٿي وڃي.


پر اوھين جيسين اڄوڪو ڏينھن چوڻ ۾ اچي ٿو، تيسين ھر روز ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا رھجو، انھيءَ لاءِ تہ متان اوھان مان ڪو گناھہ جي فريب ۾ اچي سخت⁠دل نہ ٿي پوي.


پاڪ ڪلام جا رڳو ٻڌندڙ نہ ٿيو، ڇوتہ ائين اوھين پنھنجو پاڻ کي ٺڳيو ٿا. اوھين انھيءَ ڪلام تي عمل ڪندڙ ٿيو.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو پاڻ کي ديندار ٿو سمجھي ۽ پنھنجي زبان کي لغام نہ ٿو ڏئي تہ اھو پاڻ کي ٺڳي ٿو ۽ سندس دينداري اجائي آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ