Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 7:1 - Common Language New Testament

1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين شريعت کان واقف آھيو. تنھنڪري ڄاڻو ٿا تہ جيستائين انسان جيئرو آھي تيستائين شريعت جو مٿس حڪم ھلي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ٻيو تہ اي ڀائرو، اوهين نٿا ڄاڻو ڇا (آئون اُنهن ماڻهن سان ٿو ڳالهايان جي شريعت کان واقف آهن،) تہ جيسين ماڻهو حيات آهي تيسين شريعت جو اُنهي تي حڪم ٿو هلي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين جيڪي نيم کان واقف آهيو، سي ڄاڻو ٿا تہ جيستائين انسان جيوت آهي تيستائين نيم جو مٿس حڪم هلي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين جيڪي شريعت کان واقف آهيو، سي ڄاڻو ٿا تہ جيستائين انسان جيئرو آهي تيستائين شريعت جو مٿس حڪم هلي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 7:1
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان کي خبر ھئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوھان ڏانھن اچڻ جو ارادو ڪيو ھو، پر ھيستائين ڪنھن نہ ڪنھن سبب ڪري اچي نہ سگھيس. جيئن منھنجو ڪم غير قوم جي ٻين ماڻھن ۾ ڪامياب ٿيو آھي، تيئن منھنجي مرضي آھي تہ اوھان ۾ بہ ڪامياب ٿئي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منھنجي دلي خواھش آھي تہ شل بني اسرائيل کي ڇوٽڪارو ملي ۽ انھيءَ لاءِ آءٌ خدا جي در دعاڳو آھيان.


مسيح جي اچڻ سان شريعت پوري ٿي، انھيءَ لاءِ تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو تنھن کي خدا ڏانھن سچار بڻايو ويندو.


ڇالاءِ⁠جو ھاڻي گناھہ جو اوھان تي ڪوبہ اختيار نہ آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھاڻي اوھين شريعت جي تابع نہ پر خدا جي فضل جي تابع آھيو.


ڇا اوھان کي اھا خبر نہ آھي تہ اسين جيڪي بہ بپتسما وٺي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيا ھئاسين، سي انھيءَ ئي بپتسما سان سندس مرڻ ۾ بہ ھڪ ٿيا ھئاسين؟


پر ھاڻي اسين شريعت کان ڇٽل آھيون، ڇالاءِ⁠جو جنھن سان اسين ٻڌل ھئاسين تنھن جي نسبت تہ مئاسين. ھاڻي اسين خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ پراڻن لکيل حڪمن جا نہ، بلڪ پاڪ روح جي نئين طريقي جا پابند آھيون.


اھي ڳالھيون آءٌ انساني دستور موجب ٿو چوان. ڀلا شريعت بہ ائين نہ ٿي چوي ڇا؟


اوھين جيڪي شريعت جي تابع رھڻ ٿا گھرو، سي مون کي ٻڌايو تہ اوھين شريعت جون ڳالھيون نہ ٿا ٻڌو ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ