Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 6:9 - Common Language New Testament

9 اسان کي اھا بہ خبر آھي تہ مسيح مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ وري مرڻ جو نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو ھاڻي موت جو مٿس ڪوبہ اختيار نہ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 جو ڄاڻون ٿا تہ مسيح، جو مُئلن مان جيئرو ٿي اُٿيو، سو وري مرڻ جو نہ آهي، هاڻي وري موت جو انهي تي ڪوبہ اختيار ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 ڇاڪاڻ تہ مسيح جيڪو مئلن مان جيوت ٿي اٿيو آهي سو وري ڪڏهن بہ نہ مرندو. هاڻي موت جو مٿس ڪوبہ اختيار نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ڇاڪاڻ تہ مسيح جيڪو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي سو وري ڪڏهن بہ نہ مرندو. هاڻي موت جو مٿس ڪوبہ اختيار نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 6:9
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آدم کان وٺي موسيٰ تائين سڀني ماڻھن تي موت جي حڪمراني ھئي، جيتوڻيڪ انھن مان ڪن اھڙو گناھہ نہ ڪيو جھڙو آدم خدا جي حڪم جي نافرماني ڪندي ڪيو. ڪن ڳالھين ۾ آدم مسيح وانگر ھو، جيڪو پوءِ اچڻ وارو ھو.


جڏھن ھو مئو تہ گناھہ جي نسبت ھڪڙو ئي دفعو مئو، پر ھاڻي جڏھن ھو جيئرو آھي تہ خدا جي نسبت جيئرو آھي.


ڇالاءِ⁠جو ھاڻي گناھہ جو اوھان تي ڪوبہ اختيار نہ آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھاڻي اوھين شريعت جي تابع نہ پر خدا جي فضل جي تابع آھيو.


تنھنڪري اسين سندس مرڻ ۾ بپتسما جي وسيلي ھن سان گڏ دفن ٿي ويا ھئاسين، انھيءَ لاءِ تہ جيئن مسيح پنھنجي پيءُ جي جلوي سان مئلن مان جياريو ويو تيئن اسين بہ نئين زندگيءَ ۾ گذاريون.


ھو جسماني قاعدن موجب نہ، پر غير فاني زندگيءَ جي طاقت موجب مقرر ٿيو.


انھيءَ ڪري ئي جيڪي سندس وسيلي خدا جي طرف ٿا اچن، تن کي ھو پوريءَ طرح بچائي ٿو سگھي، ڇالاءِ⁠جو انھن جي شفاعت لاءِ ھو ھميشہ جيئرو آھي.


آءٌ جيئرو آھيان، مري تہ ويو ھوس، پر ڏس آءٌ ھميشہ تائين جيئرو رھندس. موت ۽ عالم ارواح جون ڪنجيون مون وٽ آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ