Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 6:16 - Common Language New Testament

16 اوھان کي خبر آھي تہ جيڪڏھن اوھين غلامن وانگر ڪنھن جي تابعداري ڪريو ٿا تہ اوھين انھيءَ ماڻھوءَ جا غلام آھيو. ھاڻي جيڪڏھن اوھين گناھہ جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو موت آھي. پر جيڪڏھن خدا جي تابعداري ڪندا تہ ھو اوھان کي سچار ڪري قبول ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ جنهن جي تابعداريءَ جي لاءِ اوهين پاڻ کي غلامن وانگر حوالي ٿا ڪريو، ۽ جنهن جو حڪم ٿا مڃو، انهي جا غلام آهيو؛ خواهہ گناهہ جا، جنهن جو نتيجو موت آهي، خواهہ فرمانبرداريءَ جا، جنهن جو نتيجو راستبازي آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪڏهن اوهين ڪنهن جي وس هيٺ رهو ٿا تہ انهيءَ طرح اوهين پنهنجو پاڻ کي انهيءَ جا غلام ٿا بڻايو؟ هاڻي جيڪڏهن اوهين پاپ جي وس هيٺ رهندا تہ ان جو نتيجو موت آهي. پر جيڪڏهن ايشور جي وس هيٺ رهندا تہ ان جو نتيجو سچائي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪڏهن اوهين ڪنهن جي تابعداري ڪريو ٿا تہ انهيءَ طرح اوهين پنهنجو پاڻ کي انهيءَ جا غلام ٿا بڻايو؟ هاڻي جيڪڏهن اوهين گناهہ جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو موت آهي. پر جيڪڏهن خدا جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو سچائي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 6:16
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن کي چيائين تہ ’اوھين بہ انگورن جي باغ ۾ وڃي ڪم ڪريو ۽ جيڪو حق ھوندو سو آءٌ اوھان کي ڏيندس،‘


”ڪوبہ ماڻھو ٻن مالڪن جو نوڪر ٿي نہ ٿو سگھي. ھو ھڪڙي کان نفرت تہ ٻئي سان محبت ڪندو يا ھڪڙي سان وفا تہ ٻئي سان دغا ڪندو، سو اوھين خدا ۽ دولت ٻنھي جي گڏ خدمت ڪري نہ ٿا سگھو.


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو بہ گناھہ ٿو ڪري سو گناھہ جو غلام آھي.


خدا پنھنجي انھيءَ قوم کي رد ڪونہ ڪيو، جنھن کي اڳي ئي چونڊيو ھئائين. اوھين پاڻ پاڪ ڪتاب جي انھيءَ لکت بابت ڄاڻو ٿا، جنھن ۾ الياس بني اسرائيل جي خلاف خدا وٽ فرياد ٿو ڪري.


تنھنڪري اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ خدا جي اسان تي وڏي رحمت آھي، سو آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين پنھنجي سڄي بدن کي اھڙي قرباني ٿيڻ لاءِ نذر ڪريو، جيڪا زندہ، پاڪ ۽ خدا کي پسند ھجي. اھو ئي عبادت جو صحيح طريقو آھي جيڪو اوھان کي ڪرڻ گھرجي.


خدا جو شڪر آھي جو جيتوڻيڪ اوھين گناھہ جا غلام ھئا، پر جيڪا تعليم اوھان کي ڏني ويئي تنھن جي اوھان دل⁠وجان سان تابعداري ڪئي.


اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ اوھين خدا جو گھر آھيو ۽ خدا جو روح اوھان ۾ رھي ٿو؟


اوھان جو فخر ڪرڻ چڱو نہ آھي. اوھين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ٿورڙو ئي خميرو ساري ڳوھيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آھي.


ڇا اوھان کي خبر نہ آھي تہ خدا جي قوم دنيا جو انصاف ڪندي؟ جيڪڏھن دنيا جو انصاف اوھان جي ھٿان ٿيڻو آھي، تہ پوءِ خسيس معاملن جي فيصلن جا بہ اوھين لائق نہ آھيو ڇا؟


ڇا اوھين ايترو نہ ٿا ڄاڻو تہ اسين ملائڪن جو انصاف ڪنداسين؟ تہ پوءِ ھن دنيا جا معاملا ڇو نہ فيصل ڪريون؟


اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ بدڪار خدا جي بادشاھت ۾ داخل نہ ٿيندا؟ سو ٺڳجي نہ وڃو، ڇالاءِ⁠جو نہ حرامڪار، نڪي بت⁠پرست، نڪي زناڪار، نڪي بدفعلي ڪرائيندڙ، نڪي لونڊي⁠باز،


اوھان کي خبر ڪانھي ڇا تہ جيڪي ھيڪل ۾ ڪم ڪرڻ وارا آھن سي ھيڪل مان ٿا کائين ۽ جيڪي قربان⁠گاھہ جا خدمتگار آھن سي قربانيءَ مان ٿا حصو وٺن؟


اوھان کي خبر ڪانھي ڇا تہ گوءِ جي ميدان تي ڊوڙندا تہ گھڻيئي آھن، پر انعام رڳو ھڪڙي کي ئي ملندو آھي؟ اوھين بہ ائين ئي ڊوڙو تہ جيئن انعام کٽو.


ھو انھن کي آزاديءَ جو واعدو تہ ڏين ٿا، پر پاڻ بڇڙائيءَ جا غلام بڻيا وتن. ڇالاءِ⁠جو جيڪا شيءِ انسان تي غالب اچي ٿي تہ انسان انھيءَ جو غلام ٿي وڃي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ