Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 5:19 - Common Language New Testament

19 جيئن ھڪڙي ماڻھوءَ جي نافرمانيءَ جي ڪري گھڻا ماڻھو گنھگار ٿيا، تيئن ھڪڙي ئي ماڻھوءَ جي فرمانبرداريءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻھو خدا ڏانھن سچار بڻايا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ڇالاءِ تہ جيئن هڪڙي شخص جي نافرمانيءَ ڪري گهڻا گنهگار ٺهرايا ويا، تيئن ئي هڪڙي شخص جي فرمانبرداريءَ ڪري گهڻا راستباز ٺهرايا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 هائو، جيئن هڪڙي ماڻهوءَ جي نافرمانيءَ جي ڪري گھڻا ماڻهو پاپي ٿيا، تيئن هڪڙي ئي ماڻهوءَ جي فرمانبرداريءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻهو ايشور ڏانهن سچار بڻايا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 هائو، جيئن هڪڙي ماڻهوءَ جي نافرمانيءَ جي ڪري گھڻا ماڻهو گنهگار ٿيا، تيئن هڪڙي ئي ماڻهوءَ جي فرمانبرداريءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻهو خدا ڏانهن سچار بڻايا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 5:19
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو خدا سڀني انسانن کي نافرمانيءَ واري ڦندي ۾ ڦاسڻ ڏنو، تہ جيئن ھو سڀني تي رحم ڪري.


ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڪري دنيا ۾ گناھہ آيو، گناھہ جي سبب موت آيو ۽ موت سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو، ڇالاءِ⁠جو سڀني ماڻھن گناھہ ڪيو.


پر ٻئي ھڪ جھڙا نہ آھن، ڇاڪاڻ⁠تہ خدا جي بخشش کي آدم جي ڏوھہ سان ڀيٽي نہ ٿو سگھجي. اھو سچ آھي تہ انھيءَ ھڪڙي شخص جي گناھہ جي ڪري گھڻا ئي ماڻھو مري ويا ۽ وري ھڪڙي ئي شخص يعني يسوع مسيح جي فضل جي وسيلي گھڻن ئي ماڻھن کي خدا جو فضل ۽ بخشش جھجھي انداز ۾ ملي.


جھڙيءَ طرح ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڏوھہ جي ڪري سڀني ماڻھن لاءِ سزا جو حڪم مليو، تھڙيءَ طرح ھڪڙي ماڻھوءَ جي سچائيءَ واري ڪم جي ڪري سڀ ماڻھو ڇٽي ويندا ۽ کين زندگي ملندي.


مسيح گناھہ کان واقف نہ ھو، پوءِ بہ خدا کيس اسان جي بدلي گناھہ جي قرباني ٺھرايو، تہ جيئن مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاھر ٿئي.


انھيءَ لاءِ تہ خدا جي جلوي سان ڀريل انھيءَ فضل جي ساراھہ ٿئي، جيڪو ھن پنھنجي پياري يعني مسيح جي وسيلي اسان کي مفت بخشي ڏنو.


انساني شڪل ۾ ظاھر ٿي ڪري ھن پاڻ کي ھيٺاھون ڪيو، ۽ ايستائين فرمانبردار رھيو جو موت، بلڪ صليبي موت قبول ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ