Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 5:14 - Common Language New Testament

14 آدم کان وٺي موسيٰ تائين سڀني ماڻھن تي موت جي حڪمراني ھئي، جيتوڻيڪ انھن مان ڪن اھڙو گناھہ نہ ڪيو جھڙو آدم خدا جي حڪم جي نافرماني ڪندي ڪيو. ڪن ڳالھين ۾ آدم مسيح وانگر ھو، جيڪو پوءِ اچڻ وارو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 انهي هوندي بہ آدم کان وٺي موسيٰ تائين موت اُنهن تي بہ حڪمراني ڪئي، جن انهي آدم جي نافرمانيءَ جهڙو گناهہ نہ ڪيو، پر اُنهي شخص جو مثل هو جو اچڻ وارو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 ڏسو، آدم کان وٺي موسيٰ تائين سڀني ماڻهن تي موت جي حڪمراني هئي، جيتوڻيڪ انهن مان ڪن آدم جي نافرمانيءَ وانگر ايشور جي حڪم جي ڀڃڪڙي نہ ڪئي. انسانذات تي اثر جي لحاظ کان آدم مسيح وانگر آهي، جيڪو پوءِ اچڻ وارو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 ڏسو، آدم کان وٺي موسيٰ تائين سڀني ماڻهن تي موت جي حڪمراني هئي، جيتوڻيڪ انهن مان ڪن آدم جي نافرمانيءَ وانگر خدا جي حڪم جي ڀڃڪڙي نہ ڪئي. انسانذات تي اثر جي لحاظ کان آدم مسيح وانگر آهي، جيڪو پوءِ اچڻ وارو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 5:14
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڪري دنيا ۾ گناھہ آيو، گناھہ جي سبب موت آيو ۽ موت سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو، ڇالاءِ⁠جو سڀني ماڻھن گناھہ ڪيو.


اھو سچ آھي تہ ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڏوھہ جي ڪري ۽ انھيءَ ماڻھوءَ جي ئي وسيلي موت حڪمراني ڪئي. پر ھڪڙي ئي ماڻھوءَ يعني عيسيٰ مسيح جي ڪم جو ڪيڏو نہ وڏو ڦل آھي جو اھي سڀ ھن جي وسيلي زندگيءَ ۾ حڪمراني ڪندا، جن کي خدا جي انھيءَ فضل جي گھڻائيءَ ۽ سچائيءَ جي بخشش ملي آھي.


۽ جيئن گناھن جي حڪمراني موت جي وسيلي آھي تيئن خدا جي فضل جي حڪمراني سچائيءَ جي وسيلي آھي، جيڪا اسان کي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي دائمي زندگي بخشي ٿي.


ڇالاءِ⁠جو مخلوقات مايوسيءَ جي تابع ڪئي ويئي، پنھنجي مرضيءَ سان نہ، پر خدا جي مرضيءَ سان. تنھن ھوندي بہ کيس اھا اميد ڏني ويئي


اسان کي خبر آھي تہ سڄي مخلوقات ھن وقت تائين پيئي ڪنجھي ۽ سور کائي.


جيئن آدم جا ھئڻ ڪري سڀ مرن ٿا، تيئن ئي جيڪي مسيح جا ھوندا سي سڀ جياريا ويندا.


جيئن پاڪ لکتن ۾ آيل آھي تہ ”پھريون انسان آدم جيئرو جيءُ بڻيو.“ تہ پوءِ پويون آدم زندگي بخشيندڙ روح آھي.


جھڙيءَ طرح انسان جو ھڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ انھيءَ کان پوءِ عدالت جي اڳيان پيش ٿيڻ مقرر ٿيل آھي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ