Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 5:1 - Common Language New Testament

1 جيئن تہ اسين ايمان جي ڪري سچار بڻايا ويا آھيون، تنھنڪري اسان جو پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا سان ميلاپ ٿي ويو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 تنهنڪري جڏهن اسين ايمان جي ڪري راستباز ٺهرايا وياسين، تڏهن اچو تہ پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي خدا سان ميل ميلاپ ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 جيئن تہ اسين وشواس رکڻ جي ڪري ايشور ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيون، تنهنڪري اسان جو پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي ايشور سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 جيئن تہ اسين ايمان رکڻ جي ڪري خدا ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيون، تنهنڪري اسان جو پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 5:1
53 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”سڳورو آھي اھو بادشاھہ، جو خداوند جي نالي سان ٿو اچي، بيشڪ آسمان منجھہ سلامتي آھي ۽ عرش عظيم تي شان وارو خدا آھي.“


۽ چيائين تہ ”جيڪر تون رڳو اڄوڪي ڏينھن امن واريون ڳالھيون ڄاڻين ھا، پر ھاڻي تہ اھي تنھنجين اکين کان لڪل آھن.


”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ۽ زمين تي انھن ماڻھن لاءِ صلح وَ سلامتي، جن کان ھو راضي آھي.“


آءٌ اوھان کي اطمينان ڏيئي ٿو وڃان، بلڪ اوھان کي پنھنجو اطمينان ڏيان ٿو. اھڙو نہ ٿو ڏيان جھڙو دنيا ڏئي ٿي. اوھين پنھنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو ۽ نڪي ڊڄو.


مون اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جيئن مون سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان کي اطمينان ملي. ھن دنيا ۾ اوھان کي ڏک ملندا پر دلجاءِ ڪريو جو مون دنيا تي فتح حاصل ڪئي آھي.“


پر اِھي انھيءَ لاءِ لکيل آھن تہ جيئن اوھين ايمان آڻيو تہ عيسيٰ ئي مسيح ۽ خدا جو فرزند آھي ۽ اھڙي ايمان آڻڻ سان اوھان کي ھن جي نالي ۾ زندگي ملي.


آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منھنجو ڪلام ٻڌي ٿو ۽ جنھن مون کي موڪليو آھي، تنھن تي ايمان آڻي ٿو، تنھن جي زندگي دائمي آھي ۽ مٿس سزا لاڳو نہ ٿيندي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيو آھي.


اھو ڪلام جيڪو امن جي خوشخبري آھي سو خدا بني اسرائيل قوم ڏانھن عيسيٰ مسيح جي وسيلي موڪليو، جيڪو سڀني جو خداوند آھي.


ڇاڪاڻ⁠تہ انھيءَ خوشخبريءَ مان اھو ظاھر آھي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اھو رڳو ايمان جي ئي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو. جيئن لکيل آھي تہ ”جنھن کي ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ڪيو ويو آھي، تنھن کي ئي زندگي ملندي.“


ھي خط انھن سڀني ڏانھن آھي، جيڪي روم شھر ۾ خدا جا پيارا آھن ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ چونڊيا ويا آھن. شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.


ڇالاءِ⁠جو دل سان ايمان آڻڻ ڪري ماڻھو خدا ڏانھن سچار بڻايو وڃي ٿو ۽ زبان سان اقرار ڪرڻ ڪري ڇوٽڪارو ملي ٿو.


اھي پيغام جي تبليغ ڪيئن ڪندا جيڪڏھن ھو موڪليا ئي نہ ويا آھن؟ جيئن لکيل آھي تہ ”جيڪي چڱيون ڳالھيون ٻڌائڻ اچن ٿا تن جا قدم ڪھڙا نہ سڳورا آھن.“


ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿي رکي، بلڪ اھا سچائيءَ، ميل ميلاپ ۽ انھيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آھي جيڪا پاڪ روح جي طرفان آھي.


شل اميد بخشيندڙ خدا اوھان کي ايمان آڻڻ جي ڪري خوشي ۽ اطمينان سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پاڪ روح جي قدرت سان اوھين اميد ۾ وڌندا وڃو.


ھاڻي اطمينان ڏيڻ وارو خدا شل اوھان سڀني سان ھجي. آمين.


خدا ماڻھن کي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ئي وسيلي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو. خدا سڀني سان ائين ڪري ٿو جيڪي مسيح تي ايمان آڻين ٿا، توڙي جو اھي يھودي ھجن يا غير يھودي.


بيشڪ خدا ھڪڙو ئي آھي، جيڪو طھريلن توڙي اڻ⁠طھريلن کي سندن ايمان آڻڻ جي ڪري ئي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو.


پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪم نہ ٿو ڪري ۽ رڳو ان خدا تي ايمان آڻي ٿو جيڪو گنھگارن کي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو، تہ سندس ايمان سچائي ڪري ٿو ليکجي.


نہ رڳو ايترو پر اسين خدا جي حضور ۾ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي معرفت خوشي ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ⁠تہ ان جي ئي وسيلي اسان جو خدا سان ميلاپ ٿيو آھي.


جھڙيءَ طرح ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڏوھہ جي ڪري سڀني ماڻھن لاءِ سزا جو حڪم مليو، تھڙيءَ طرح ھڪڙي ماڻھوءَ جي سچائيءَ واري ڪم جي ڪري سڀ ماڻھو ڇٽي ويندا ۽ کين زندگي ملندي.


ڇالاءِ⁠جو گناھہ جو اجر موت آھي. پر خدا جي بخشش اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي معرفت دائمي زندگي آھي.


تڏھن اسين ڇا چئون؟ يعني ھي تہ غير قومون جن خدا ڏانھن سچار بڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪئي، تن کي اھا سچائي ملي ۽ اھا کين ايمان جي وسيلي ملي.


تنھن ھوندي بہ اسان کي خبر آھي تہ ڪوبہ ماڻھو شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان سچار بڻجي ٿو. تنھنڪري اسان بہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو تہ جيئن شريعت تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي ايمان آڻڻ سبب سچار بڻجون. ڇالاءِ⁠جو شريعت جي ڪمن سبب ڪوبہ انسان سچار نہ بڻبو.


ھاڻي جڏھن ايمان اچي ويو آھي تہ پوءِ اسين نگھبان جي سنڀال ھيٺ نہ آھيون.


پر پاڪ روح جو ڦل آھي پيار، خوشي، اطمينان، صبر، مھرباني، نيڪي، ايمانداري،


انھيءَ لاءِ تہ ھو پنھنجي انھيءَ مھربانيءَ جي وسيلي جيڪا عيسيٰ مسيح جي ڪري اسان تي آھي، ايندڙ زمانن ۾ پنھنجي فضل جي بي⁠انداز دولت کي ظاھر ڪري.


۽ ھن سان پوريءَ طرح گڏيل ثابت ٿيان، پنھنجي انھيءَ سچائيءَ رکڻ سان نہ جيڪا شريعت کان آھي، پر انھيءَ سچائيءَ سبب جيڪا مسيح تي ايمان آڻڻ جي وسيلي حاصل ٿئي ٿي. اھا سچائي ايمان جي ڪري خدا کان ملي ٿي.


خدا چاھيو ٿي تہ مسيح جي صليب تي وھايل رت جي وسيلي صلح ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان صحيح رابطو قائم ڪري، پوءِ اھي زمين تي ھجن توڙي آسمان ۾.


مسيح جو اطمينان، جنھن لاءِ اوھين ھڪ بدن ڪري سڏيا ويا آھيو، سو شل اوھان جي دلين تي حڪومت ڪري ۽ اوھين شڪرگذار رھو.


شل اطمينان بخشيندڙ خدا پاڻ اوھان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري. شل ھو اوھان جي روح، جان ۽ بدن کي، يعني اوھان کي مڪمل طور اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ تائين بي⁠عيب رکي.


ھاڻي اطمينان بخشيندڙ خداوند پاڻ ئي اوھان کي ھميشہ ۽ ھر طرح سان اطمينان ڏئي. شل خداوند اوھان سڀني ساڻ ھجي.


اطمينان ڏيندڙ خدا دائمي عھد جي رت جي وسيلي، اسان جي خداوند عيسيٰ کي رڍن جو وڏو ڌنار ڪري مئلن مان وري جياري اٿاريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ