Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 4:2 - Common Language New Testament

2 جيڪڏھن ابراھيم پنھنجي عملن جي ڪري خدا ڏانھن سچار ٿيو ھجي ھا تہ کيس فخر ڪرڻ جو سبب ھجي ھا، پر ھو خدا جي حضور ۾ فخر ڪري نہ سگھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو جيڪڏهن ابراهيم عملن جي ڪري راستباز ٺهرايو وڃي ها، تہ فخر ڪرڻ جو سبب هجيس ها، پر خدا جي حضور ۾ نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 جيڪڏهن ابرهام پنهنجي عملن جي ڪري ايشور ڏانهن سچار بڻيو هجي ها تہ پنهنجو پاڻ تي فخر ڪري سگھي ها. پر ايشور جي شرڻ ۾ پاڻ تي فخر ڪرڻ جو وٽس ڪو سبب نہ هو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 جيڪڏهن ابراهيم پنهنجي عملن جي ڪري خدا ڏانهن سچار بڻيو هجي ها تہ پنهنجو پاڻ تي فخر ڪري سگھي ها. پر خدا جي حضور ۾ پاڻ تي فخر ڪرڻ جو وٽس ڪو سبب نہ هو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 4:2
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھنڪري عيسيٰ مسيح جي وسيلي آءٌ خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ فخر ٿو ڪريان.


مطلب تہ ڪوبہ انسان خدا جي آڏو فخر نہ ڪري.


تنھنڪري لکيل آھي تہ ”جيڪو فخر ڪرڻ چاھي ٿو، سو خداوند تي فخر ڪري.“


تنھنجي ۽ ٻين جي وچ ۾ فرق ڪرڻ وارو ڪير آھي؟ ڇا تو وٽ اھڙي ڪا شيءِ آھي جيڪا تو کي انھيءَ کان نہ ملي ھجي؟ جيڪڏھن تو کي واقعي ملي آھي تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين جو ڄڻ تہ تو کي ملي ئي ڪانھي؟


جيڪڏھن آءٌ خوشخبريءَ جي منادي ٿو ڪريان تہ اھا مون لاءِ ڪا فخر جي ڳالھہ ڪانھي، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ منھنجي لاءِ تمام ضروري آھي. جيڪڏھن آءٌ خوشخبريءَ جي منادي نہ ٿو ڪريان تہ منھنجي حال تي افسوس آھي.


پر جيڪي ڪجھہ آءٌ ڪريان ٿو سو ئي ڪندو رھندس، تہ جيئن موقعي جي تاڙ ۾ رھندڙن کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيان جو اھي فخر سان چون تہ ھو اسان جھڙي ئي خدمت ڪن ٿا.


جيڪڏھن مون کي فخر ڪرڻو پيو تہ آءٌ انھن ڳالھين تي فخر ڪندس، جيڪي منھنجي ڪمزوري ظاھر ڪن ٿيون.


اسين اوھان سان وري پنھنجي ساراھہ نہ ٿا ڪريون، پر اوھان کي وجھہ ٿا ڏيون تہ اسان تي فخر ڪريو، جيئن انھن ماڻھن کي جواب ڏيئي سگھو جيڪي دل تي نہ پر ظاھري ڳالھين تي فخر ڪن ٿا.


پر پاڪ ڪتاب جي بيان مطابق سڄي دنيا گناھہ جي قيد ۾ آھي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اھا بخشش، جنھن جو واعدو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري ڪيو ويو آھي سا ايمان آڻيندڙن کي ڏني وڃي.


سو اھو اوھان جي عملن جي ڪري نہ آھي جو متان ڪو فخر ڪري.


۽ ھن سان پوريءَ طرح گڏيل ثابت ٿيان، پنھنجي انھيءَ سچائيءَ رکڻ سان نہ جيڪا شريعت کان آھي، پر انھيءَ سچائيءَ سبب جيڪا مسيح تي ايمان آڻڻ جي وسيلي حاصل ٿئي ٿي. اھا سچائي ايمان جي ڪري خدا کان ملي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ