Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 4:18 - Common Language New Testament

18 جيتوڻيڪ اميد پوري ٿيڻ جھڙي نہ ھئي، تنھن ھوندي بہ ابراھيم اميد رکي خدا تي ايمان آندو ۽ ھو ”گھڻين قومن جو پيءُ“ بڻيو. جيئن لکيل آھي تہ ”تنھنجو گھڻو ئي نسل ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 نااُميديءَ جي حالت ۾ هن اُميد رکي ايمان آندو، انهي لاءِ تہ جيڪي چيو ويو هو، تہ ”تنهنجو نسل اهڙو ٿيندو“ تنهن موجب هو گهڻين قومن جو پيءُ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 ابرهام نااميديءَ جي حالت ۾ بہ اميد رکي ايشور تي وشواس رکيو ۽ گھڻين قومن جو پتا بڻيو، جيئن ايشور وچن ڪيو هئس تہ ”تو کي ايترو ئي گھڻو اولاد ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 ابراهيم نااميديءَ جي حالت ۾ بہ اميد رکي خدا تي ايمان رکيو ۽ گھڻين قومن جو پيءُ بڻيو، جيئن خدا واعدو ڪيو هئس تہ ”تو کي ايترو ئي گھڻو اولاد ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 4:18
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏھن ذڪريا ملائڪ کي چيو تہ ”مون کي انھيءَ جي خاطري ڪيئن ٿيندي، جڏھن تہ آءٌ پوڙھو آھيان ۽ منھنجي زال وڏيءَ عمر واري آھي؟“


تنھنڪري دوستو! دلجاءِ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو منھنجو خدا تي پورو يقين آھي تہ جيئن مون کي چيو اٿس تيئن ئي ٿيندو،


جيئن لکيل آھي تہ ”اي ابراھيم! مون تو کي گھڻين قومن جو پيءُ بڻايو آھي.“ اھو واعدو سچو آھي، ڇالاءِ⁠جو ابراھيم جو ايمان انھيءَ خدا تي ھو، جيڪو مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ جنھن جو حڪم انھن شين کي وجود ڏئي ٿو جيڪي اڳ ۾ موجود نہ آھن.


ھن جي ايمان ۾ فرق نہ آيو، جيتوڻيڪ ھو اٽڪل ⁠سؤ ورھين جو ھو ۽ ڄاتائين ٿي تہ سندس مرداڻي طاقت اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪي آھي ۽ سارہ ۾ بہ ڄڻڻ جي اميد ڪانہ ھئي.


اسان کي انھيءَ اميد مان مايوسي نہ ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ⁠تہ پاڪ روح، جيڪو اسان کي ڏنو ويو آھي، تنھن جي وسيلي خدا جو پيار اسان جي دلين ۾ اوتيو ويو آھي.


سو اسان کي اميد جي وسيلي ئي تہ ڇوٽڪارو مليو. پر جنھن شيءِ جي اميد ھجي سا جيڪڏھن ڏسڻ ۾ اچي تہ پوءِ اميد ڇا جي؟ ڇا ڪو اھڙو ماڻھو آھي جيڪو ڪا شيءِ ڏسي ۽ پوءِ بہ انھيءَ لاءِ اميد رکي؟


اھا اميد اسان جي جان لاءِ اھڙي لنگر مثل آھي، جيڪو مضبوط ۽ قائم آھي. اھا پردي جي پٺيان اندرين ھيڪل تائين بہ وڃي پھچي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ