Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 4:15 - Common Language New Testament

15 شريعت خدا جو غضب پيدا ڪري ٿي، پر جتي شريعت ئي نہ آھي تہ اُتي سندس حڪمن جي ڀڃڪڙي بہ نہ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ڇالاءِ جو شريعت تہ غضب پيدا ٿي ڪري، پر جتي شريعت ڪانهي اُتي نافرماني بہ ڪانهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 ڳالهہ اها آهي تہ نيم تہ ايشور جو ڏمر پيدا ڪري ٿو، پر جتي نيم ئي نہ آهي اتي انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪهڙي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 ڳالهہ اها آهي تہ شريعت تہ خدا جو غضب پيدا ڪري ٿي، پر جتي شريعت ئي نہ آهي اتي انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪهڙي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 4:15
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏھن آءٌ نہ اچان ھا ۽ کين اھي ڳالھيون نہ ٻڌايان ھا تہ اھي ڏوھاري نہ ٿين ھا. پر ھاڻي کين پنھنجن ڏوھن لاءِ ڪوبہ بھانو نہ آھي.


جيڪو بہ فرزند تي ايمان آڻي ٿو تنھن کي دائمي زندگي مليل آھي. پر جيڪو فرزند کي قبول نہ ٿو ڪري تنھن کي اھا زندگي ڪڏھن بہ نہ ملندي، اٽلندو خدا جو غضب مٿس رھي ٿو.


ڇاڪاڻ⁠تہ انھيءَ خوشخبريءَ مان اھو ظاھر آھي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اھو رڳو ايمان جي ئي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو. جيئن لکيل آھي تہ ”جنھن کي ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ڪيو ويو آھي، تنھن کي ئي زندگي ملندي.“


شريعت جي ملڻ کان اڳ ۾ بہ دنيا ۾ گناھہ ھو، پر جتي شريعت ئي ڪانھي اُتي گناھن جو حساب بہ نہ ٿو رکيو وڃي.


موت جو ڏنگ گناھہ ئي آھي ۽ گناھہ جي طاقت شريعت ئي آھي.


ڇالاءِ⁠جو جيڪي ⁠بہ شريعت جي ڪمن تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت ھيٺ اچن ٿا. ھن ڪري جو لکيل آھي تہ ”جيڪو انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪرڻ ۾ قائم نہ ٿو رھي، جيڪي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، سو لعنتي آھي.“


تہ پوءِ شريعت جو مقصد ڇا آھي؟ بعد ۾ شريعت انھيءَ لاءِ ڳنڍي ويئي تہ اھو ظاھر ٿئي تہ حقيقت ۾ گناھہ ڇا آھي؟ شريعت جو مدو ابراھيم جي انھيءَ نسل جي اچڻ تائين ھو جنھن سان خدا واعدو ڪيو ھو. اھا شريعت ملائڪن جي وسيلي ھڪ وچ واري جي معرفت ڏني ويئي.


متان ڪو ماڻھو سکڻيون ڳالھيون ڪري اوھان کي ٺڳي وڃي، ڇالاءِ⁠جو اھڙن گناھن جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.


ڇالاءِ⁠جو انھن ڳالھين جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.


جيڪوبہ گناھہ ڪري ٿو سو خدا جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو ڏوھدار آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ گناھہ خدا جي قانون جي ڀڃڪڙي آھي.


ھن جي وات مان ھڪڙي تکي تلوار ٿي نڪتي، تہ جيئن ھو قومن کي ماري. ھو مٿن لوھہ جي لٺ سان حڪومت ڪندو ۽ قادرِمطلق خدا جي خوفناڪ غضب واري حوض ۾ ڊاک کي لتاڙيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ