Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 4:13 - Common Language New Testament

13 خدا ابراھيم ۽ سندس اولاد سان واعدو ڪيو ھو تہ ھو کين دنيا جو وارث بڻائيندو. پر ھي واعدو انھيءَ ڪري نہ ڪيو ويو تہ ابراھيم شريعت جي حڪمن تي عمل ڪندو ھو، بلڪ انھيءَ ڪري جو ھن ايمان آندو ھو ۽ خدا کيس پاڻ ڏانھن سچار ليکيو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ڇالاءِ تہ ابراهيم يا سندس نسل کي جو واعدو ڏنو ويو هو، تہ تون جهان جو وارث ٿيندين، سو نہ شريعت جي ڪري، پر ايمان جي راستبازيءَ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 ابرهام ۽ سندس اولاد سان ايشور اهو وچن ڪيو هو تہ هو کين سنسار جو وارث بڻائيندو. پر اهو وچن انهيءَ ڪري نہ ڪيو ويو تہ ابرهام نيم تي عمل ڪيو، بلڪ انهيءَ ڪري جو هن وشواس آندو ۽ ائين ايشور ڏانهن سچار بڻايو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 ابراهيم ۽ سندس اولاد سان خدا اهو واعدو ڪيو هو تہ هو کين دنيا جو وارث بڻائيندو. پر اهو واعدو انهيءَ ڪري نہ ڪيو ويو تہ ابراهيم شريعت تي عمل ڪيو، بلڪ انهيءَ ڪري جو هن ايمان آندو ۽ ائين خدا ڏانهن سچار بڻايو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 4:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا جيڪو واعدو اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو ھو تنھن جي خوشخبري اسان آندي آھي،


ھو انھن جو بہ پيءُ آھي جيڪي طھريل آھن، نہ رڳو انھيءَ لاءِ تہ اُھي طھريل آھن، پر انھيءَ لاءِ بہ تہ اُھي ايمان جي اھڙي زندگي گذارين ٿا جھڙي اسان جي پيءُ ابراھيم طھر کان اڳ واريءَ حالت ۾ گذاري.


ان جي معنيٰ تہ جسماني ٻار خدا جا ٻار نہ آھن، پر جيڪي ابراھيم سان خدا جي ڪيل واعدي موجب ٻار پيدا ٿيا سي ئي ابراھيم جو اولاد ليکجن ٿا.


جيڪڏھن اوھين مسيح جا آھيو تہ پوءِ ابراھيم جو نسل آھيو ۽ خدا جي واعدي موجب وارث بہ آھيو.


ايمان جي ڪري ئي نوح کي انھن ڳالھين جي باري ۾ خدا خبردار ڪيو جيڪي اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون ھيون ۽ ھن خدا جي خوف کان پنھنجي خاندان جي بچاءَ لاءِ ھڪڙو ٻيڙو ٺاھيو. اھڙيءَ طرح ھن دنيا کي ڏوھي ٺھرايو ۽ انھيءَ سچائيءَ جو وارث ٿيو، جيڪا ايمان جي ڪري آھي.


پر ملڪصدق جيئن تہ لاويءَ جي نسل مان نہ ھو، تنھن ھوندي بہ ابراھيم کان ڏھون حصو ورتائين ۽ جنھن سان واعدا ڪيا ويا ھئا، تنھن کي دعائون ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ