Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 4:12 - Common Language New Testament

12 ھو انھن جو بہ پيءُ آھي جيڪي طھريل آھن، نہ رڳو انھيءَ لاءِ تہ اُھي طھريل آھن، پر انھيءَ لاءِ بہ تہ اُھي ايمان جي اھڙي زندگي گذارين ٿا جھڙي اسان جي پيءُ ابراھيم طھر کان اڳ واريءَ حالت ۾ گذاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ انهن ختني وارن جو بہ ابو ٿئي، جن جو نہ فقط ختنو ٿيل آهي پر جي اسان جي پيءُ ابراهيم جي انهي ايمان جي پيروي بہ ٿا ڪن، جو هن کي بنا ختني واريءَ حالت ۾ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 ان سان گڏوگڏ هو انهن ختنو ٿيلن جو بہ پتا آهي، جيڪي نہ رڳو ختنو ٿيل آهن پر وشواس وارو اهڙو جيون گذارين ٿا جهڙو اسان جي پتا ابرهام ختني کان اڳ واريءَ حالت ۾ گذاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 ان سان گڏوگڏ هو انهن طهريلن جو بہ پيءُ آهي، جيڪي نہ رڳو طهريل آهن پر ايمان واري اهڙي زندگي گذارين ٿا جهڙي اسان جي پيءُ ابراهيم طهر کان اڳ واريءَ حالت ۾ گذاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 4:12
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ائين نہ سمجھو تہ اوھين ابراھيم جو اولاد آھيو. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا ھنن پٿرن مان بہ ابراھيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.


ابراھيم جو طھر پوءِ ٿيو ۽ اھو طھر ھڪ ثابتيءَ جو نشان ھو تہ خدا کيس طھر کان اڳ ۾ سندس ايمان جي ئي ڪري سچار ڪري قبول ڪيو. سو ابراھيم انھن سڀني جو پيءُ آھي، جيڪي خدا تي ايمان آڻين ٿا ۽ ھو کين سچار ڪري قبول ڪري ٿو، جيتوڻيڪ اھي طھريل نہ آھن.


خدا ابراھيم ۽ سندس اولاد سان واعدو ڪيو ھو تہ ھو کين دنيا جو وارث بڻائيندو. پر ھي واعدو انھيءَ ڪري نہ ڪيو ويو تہ ابراھيم شريعت جي حڪمن تي عمل ڪندو ھو، بلڪ انھيءَ ڪري جو ھن ايمان آندو ھو ۽ خدا کيس پاڻ ڏانھن سچار ليکيو ھو.


مون طيطس کي اوھان ڏانھن اچڻ لاءِ منٿ ڪئي ۽ ساڻس گڏ ٻيو ڀاءُ بہ موڪليم. پوءِ طيطس اوھان مان ڪو ناجائز فائدو ورتو ڇا؟ اسان ٻنھي ساڳيءَ ئي نيت سان ڪم نہ ڪيو ڇا؟ اسين ٻئي ساڳئي ئي پير تي نہ ھلياسين ڇا؟


انھيءَ ڳالھہ لاءِ ئي اوھين سڏيا ويا آھيو، ڇالاءِ⁠جو مسيح بہ اوھان جي خاطر ڏک سھي اوھان کي ھڪڙو نمونو ڏيئي ويو آھي، تہ جيئن اوھين سندس نقشِ⁠قدم تي ھلندا رھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ